Rasool Bux Palijo
رسول بخش پلیجو
7 جون 2018 یوم وفات
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌ جي مشهور سياستدان، دانشور، ليکڪ محترم رسول بخش پليجي صاحب 20 جنوري 1930ع تي جنگ شاھي ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو، ھن مقامي اسڪولن ۽ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪئي، مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ھن وڪالت شروع ڪئي، گڏوگڏ سياست ۾ به سرگرم رهيو ته لکندو به رهيو، ھن سنڌ جي ٻين مشهور شخصيتن سائين جي ايم سيد، قاضي فيض محمد، حيدر بخش جتوئي سان گڏجي ون يونٽ جي خلاف ھلندڙ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، بزم صوفياءِ سنڌ جو پهريون سيڪريٽري ٿيو، ون يونٽ خلاف ٺھندڙ اتحاد سنڌ متحده محاذ ۾ به سرگرم رهيو، رسول بخش پليجي ون يونٽ جي حامي ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد شاهه راشديءَ جي سنڌ متحده محاذ ۾ شامل ٿيڻ جي ڪري، سنڌ متحده محاذ کي ڇڏيو ۽ پنهنجي پارٽي عوامي تحريڪ جو بنياد رکيو، پاڻ ان جو پهريون جنرل سيڪريٽري، جڏهن ته حفيظ قريشي پھريون صدر ٿيو، ان دوران ئي ھن عوامي تحريڪ جو ترجمان رسالو ‘’تحريڪ’‘ جاري ڪيو، ان رسالي تي مختلف وقتن تي پابندي لڳائي وئي، پر وقفي وقفي سان اڃان تائين نڪرندو رهيو آهي، ھن هاري تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، سجاڳ ٻار تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ، هندو سجاڳ تحريڪ جي نالن سان عوامي تحريڪ جون ذيلي تنظيمون به قائم ڪيون، رسول بخش پليجو ڪجهه وقت عوامي نيشنل پارٽي جو به مرڪزي سيڪريٽري رهيو، پاڪستان عوامي جمهوري اتحاد ۾ شامل رهيو، پاڪستان عوامي تحريڪ ۾ شامل رهيو، ايم. آر. ڊي تحريڪ جو ڪنوينر رهيو، سنڌي عوام جو اتحاد جو بنياد رکيو، ان کان سواءِ به مختلف اتحادن، فورمز، ڪميٽيز ۾ شامل رهيو، رسول بخش پليجي جو شمار سنڌ جي وڏن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، ليکڪن جي ترقي پسند ادبي تحريڪ سان لاڳاپيل رھيو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ڪوٽ لکپت جيل جو قيدي، انڌا اونڌا ويڄ، صبح ٿيندو، ڌراڙن جـا ڌڪـ، جن جهوناڳڙھ جلايو، سَندي ذات هنجن، پسي ڳاڙها ڳل، ويهڻ مون نہ وڙاءُ، اوهان جي پڄاڻان، وڳ ڪيئن وسرياء، سياسي ادب، هرڻ هٺيلا بيٺا سوچين وغيره شامل آهن، ھن 7 جون 2018ع تي وفات ڪئي..