Alo Mal Tekaan Das
1 min read
آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي (1846- 1926ع؟)
راءِ بهادر آلومل تيڪمداس ڀوڄواڻي جو ڪراچيءَ سان تعلق هو. سيٺ نائومل جو پوٽو هو. ”سال 1865ع ۾ بمبئي يونيوسٽيءَ مان مئٽرڪ ۾ ٻيو نمبر ڪامياب قرار ڏنو ويو. ميٽرڪ جي امتحان لاءِ موتيرام لکي ٿو ته ” سيٺ آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي هو، جو سينو ساهي ، ڪنهن دنگي ۾ چڙهي بمبئي لاءِ رواني ٿيو ۽ 15 ۽ 16 ڏينهن جي سامونڊي سفر بعد بمبئي پهتو. سنڌ جي شروعاتي شاگردن مان هو، جن گريجوئشن ڪئي هئي. تعليمي ڦهلاءَ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. ملڪي سياست به حصو ورتائين“. ھو پھريون سنڌي ھو، جنھن بمبئيءَ جي يونيورسٽيءَ مان بي. اي جي سند ورتي ھئي.
تعليمي خدمتون
1868ع ۾ هڪ گجراتي اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيو. ڪيترائي سال اين جي وي اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو،جنهن ۾ پهريون دفعو 1869ع کان 1874ع تائين ، ٻيو دفعو 1899ع کان 1903ع تائين. سيٺ نائونمل پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو ته ” ھو گذريل پنجيتاليھھ ورھيھ، مؤلف جو بھترين ذاتي دوست ٿي رھيو آھي. پر سڀ کان وڏو سبب ھيءُ آھي تھ ھو ھميشھ تعليم جي ڪم ۾ دلچسپي وٺندو رھيو آھي. ھن ٢١- مارچ ١٨٦٨ع ۾ سرڪار جي تعليمي کاتي ۾ نوڪري ڪئي ۽ ڪيترا دفعا ساري صوبي جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي عھدي جا فرائض انجام ڏئي، آخر سيپٽمبر ١٩٠٣ع ۾ ھو پينشن وٺي، نوڪريءَ کان مستعفي ٿيو“. ”ڪيترا سال سنڌ ۾ ڪو جدا تعليم جو ماھر انسپيڪٽر ڪونھ ھو. تعليم جي ڪم جي نظرداري اڪثر ڪري ڪمشنر جو ذاتي نائب ڪندو ھو. تنھنڪري آلومل ئي حقيقي طور تعليم جي محڪمي جو سربراھھ ھو. هن آيامڪاريءَ ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڏي تعداد ۾ هيٺين ڪلاسن جا اسڪول کولرايا. ١٨٨٩ع ۾، وائسراءِ، آلومل کي ”راءِ بھادر“ جو خطاب عطا ڪيو“.
سنڌ جي مختصر تواريخ
سال 1862ع ۾ ”سنڌ جي مختصر تاريخ “ سنڌيءَ ۾ لکيائين. هن ڪتاب لاءِ محمد صديق ميمڻ لکيو آهي ته ”هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ ليکن سنڌ جي تاريخن تان مختصر حقيقتون وٺي سنڌيءَ ۾ راءِ بهادر سيٺ آلومل تيار ڪئي هئي ۽ تعليم کاتي جيڪي اوائل ۾ اسڪولن لاءِ درسي ڪتاب تيار ڪرايا هئا، تن سان گڏ تيار ٿي هئي. ان وقت کان وٺي هن وقت تائين هيءَ تاريخ درسي ڪتابن جي ياداشت ۾ داخل آهي؛ پر ٿورا ورهيه ٿيندا، جو سنڌ جون نيون با تصوير تاريخون درسي ڪتاب طور ڪم اچڻ لاءِ منظور ٿي ويون آهن، تنهنڪري هي تاريخ اسڪولن ۾ ڪم ڪا نه ٿي اچي“.
هندستان جي مختصر جاگرافي
هي ڪتاب 1888ع ۾ لکيائين، جيڪو درسي گهرجون پوري ڪندڙ هو.
تت پرٻوڌ
هي ڪتاب 1890ع ۾ شايع ٿيو، ان جو موضوع اخلاقيات جو درس ڏيڻ هو.
سيٺ نائونمل جي آتم ڪٿا
سيٺ نائونمل جي شخصيت سنڌ جي تاريخ ۾ متضاد آهي. سيٺ نائونمل جي لاءِ اھو مشھور آھي تھ ھن پنھنجي وطن سان غداري ڪري، انگريزن جو ڇاڙتو ٿي، سنڌ کي غلام بنائڻ ۾ اھم حصو ورتو. هن شايد 1870ع ڌاري سنڌي زبان ۾ پنهنجي يادگيرين بابت ڪتاب لکيو يا لکرائي. هن ڪتاب ۾ هن پنهنجي روزنامچا ۽ يادگيريون لکيون آهن. انگريزي زبان ۾ ھي ڪتاب سن ١٩١٥ع ۾ شايع ٿيو ھو. سندس پوٽي راءِ بھادر آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻيءَ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ھو. سر ايڇ . ايوان، ايم. جيمس، ڪي. سي. آءِ. اي سي. ايس، آءِ. (ڪمشنر سنڌ –١٨٩١ –١٨٩٩ع) انھيءَ انگريزي ترجمي کي ترتيب ڏيئي مقدمو لکيو. بعد ۾، ڪتاب :
“A Forgotten Chapter of the History of India”