Bol Chand Deyia Ram

1 min read

 

 

 

 

 

 

بولچند ڏيارام (1868 – 1923ع)

راءِ بهادر ديوان بولچند ڏيارام عالمچنداڻي جو جنم حيدرآباد م ٿيو. پاڻ ، ڊي. جي ڪاليج جي باني ڏيارام ڄيٺمل جو وڏو پتر هو. بولچند ڏيارام بي. اي جو  امتحان سال 1893ع ۾ پاس ڪيو. هيءُ سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ليکڪ ۽ عالم هو. کيس 1908ع ۾ سنڌي ٻوليءَ سان سهڪار جي ڪري -انگريز سرڪار طرفان خراج تحسين پيش ڪيو ويو هو. هن پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو عرصو سنڌي تعليمي ادارن جي سڌاري لاءِ گذاري ڇڏيو. هيرانند اڪيڊمي ، حيدرآباد جو پرنسپال هو. سياسي ميدان م به وڏو ڪردار ادا ڪيائين.

سنه 1828ع ۾، جيمس برنس نالي هڪ انگريز عملدارن، سنڌ جي ميرن جي ڪوٺ تي، مير مراد علي خان جي علاج ڪرڻ لاءِ آيو هو. بعد ۾ هن پنهنجي سنڌ جي انهيءَ سفر بابت هڪ ڪتاب لکيو. بولچند ڏيارام هي احوال ’سنڌ جي تاريخ‘ (ميرن جي درٻار)جي عنوان سان 1899ع ۾ ترجمو ڪري ڇپايو هو.

جيمس برنس ٽي مهينا شاهي مهمان ٿي رهيو. هن درٻار جي هلت چلت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ کي غور سان ڏٺو. ڊاڪٽر جيمس پنهنجي عادت مطابق روز مره جا واقعا ۽ پنهنجا مشاهدا نوٽ ڪندو ويندو هو. هن سنڌ جي ميرن جي طرز حڪومت ۽ درٻار بابت هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو رکيائين:

”Narrative of a visit to the court of Sinde“

اهو ڪتاب 1831ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ مسٽر برنس سنڌ جي سياست، دريائي رستن ۽ ان دؤر جي معيشت بابت بنيادي معلومات ڏني آهي.

بولچند جو هي ڪجهه عرصو هي ڪتاب اسڪولي شاگردن جي درسي ڪتابن ۾ شامل رهيو. بولچند ڏيارام ڪيترائي مضمون پڻ لکيا، جن ۾ ”موت کان ڪهڙو هنڌ کالي آهي“ اهم آهي. بولچند ڏيارام جون مشهور لکيل مضمون  ’تاج محل‘ ۽ ’نورجهان‘ 1914ع ۾ ڇپيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!