Gar Dino Lal Singh
گرڏنو لا لسنگهه سيوهاڻي
جاگرافيءَ جي ميدان ۾ منشي گرڏنو لا لسنگهه سيوهاڻي جو نالو اهم آهي. هو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر (ضلع ڪراچي ۽ شڪارپور) جي آفيس ۾ هيڊ منشيءَ جي عهدي تي فائز هو. هن جي تحرير ڪيل ”بمبئي کاتي جي جاگرافي“ 1868ع ۾ شايع ٿي . سندس انداز بيان جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”سنڌي جو واءُ پاڻي خشڪ ۽ گرم آهي، آرهڙ جي ڏيهن ۾، سکر ۾ 102 درجي تائين ٿرماميٽر جو پارو چڙهي ٿو. اتر ڏي ايتري سخت گرمي آهي جو افغانستان جا ماڻهون چوندا آهن ته سنڌ جي گرمي اڇي ماڻهوءَ کي ڪارو ڪري ٿي ڇڏي ۽ آني کي پچائي وجهي“.