Imam Bux Khadim Badvi
1 min read
امام بخش “خادم” بدوي“ (1861- 1918ع
”حاجي امام بخش “خادم” ولد محمد بچل بدوي شڪارپور ۾ ڄائو هو. شروعاتي تعليم شڪارپور جي ورنيڪيولر اسڪول نمبر اول مان حاصل ڪري سن 1873ع ۾ فائينل جو امتحان پاس ڪيائين. حاجي امام بخش ”خادم“ پرائمري تعليم حاصل ڪري انگريزي پڙهڻ لاءِ گورنمنٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾داخل ٿيو، جتان ٽي درجا پاس ڪري سن 1876ع ۾استادن جي تربيتي ڪورس ڪرڻ لاءِ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ وڃي داخلا ورتائين، جتان سن 1879ع ۾ ڪاميابي حاصل ڪري پرائمري استاد مقرر ٿيو. ملازمت دؤران “خادم” صاحب حيدرآباد،گهيلپور تعلقه ڪشمور، وزير آباد ۽ ريتي تعلقي اوٻاوڙي ۾ رهيو. سن 1912ع ۾ سروس تان رٽائر ڪيائين“.