Mir Abdul Hussain Sangi

 

 

 

 

 

میر عبدالحسین سانگی

12 جون 1924:  یوم وفات

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ جي مشهور شاعر ۽ اديب مير عبدالحسين “سانگي” 1851ع ڌاري ڪلڪتي ۾ ٽالپرن جي آخري حڪمران مير عباس علي خان جي گهر ۾ جنم ورتو، ھن جي ماءُ برٽش ھئي، جنھن سان مير عباس علي خان ڪلڪتي ۾ اسيري دوران شادي ڪئي هئي، مير عبدالحسين بنيادي تعليم ڪلڪتي مان ئي حاصل ڪئي، 1859ع دوران سزا ختم ٿيڻ کانپوءِ ھن جو خاندان حيدرآباد سنڌ اچي ويو، حيدرآباد ۾ ھن وڌيڪ تعليم آخوند احمد وٽ حاصل ڪئي، جيڪو فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو هو، تعليم مڪمل ڪري مئجسٽريٽ جي عھدي تي فائز ٿيو، طبيعت نه لڳڻ جي باوجود به ڪافي وقت ان عھدي تي رھيو، نيٺ ڇڏي ڏنائين، مير عبدالحسين سانگي بھترين شاعر، ڪھاڻيڪار، نثر نويس هو، کيس سنڌي، سرائڪي، فارسيءَ، انگریزي، اردو ٻولين تي دسترس حاصل ھئي، مير عبدالحسين سانگي سنڌي شاعريءَ ۾ تخلص “سانگي” ۽ ٻين ٻولين ۾ سڌو نالو “عبدالحسين” استعمال ڪيو آهي، کيس “ھز ھائينيس” جو به خطاب مليو، مير عبدالحسين سانگي شاعريءَ ۾ مولانا ابو الحسن لکنوي ۽ غلام محمد شاھ “گدا” کان رھنمائي حاصل ڪئي، مير عبدالحسين سانگي جي ڇپيل ڪتابن ۾ ڪليات سانگي، ديوان سانگي، سوز سانگي، لطائف لطيفي، داستان فرحت افزان، ڪھاڻي محبت ھاڻي، فارسي شاعرن جي ڪلام مان انتخاب، اردو شاعرن جي ڪلام مان انتخاب، ٽالپرن جو قلمي تذڪرو، قصو گلرنگ شاهه، قصص راحت افزا، آکاڻي رات وھاڻي، قصه دلچسپ وغیرہ شامل آهن، مير عبدالحسين سانگي 12 جون 1924ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرام گاهه لطيف سرڪار جي اڱڻ تي آهي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!