Mirza Saddique Ali Baig
1 min read
مرزا صادق علي بيگ (1845-1912ع)
مرزا صادق علي بيگ ولد مرزا فريدون بيگ جو جنم ٽنڊي ٺوڙهي، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:”منهنجو ٻيو ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ، جو ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پڙهي پهريون مسلمان بي. اي ٿيو، سو پهرين شڪارپور جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو ۽ پوءِ ڪراچي ۾ ڊيپو جو ڪيوريٽر ۽ ايجوڪيشنل ٽرانسليٽر ٿيو ۽ سرڪاري ”سنڌ سڌار“ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. سنڌي ڊڪشنري ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب تعليم کاتي لاءِ لکيائين. ٽيهن ورهين کانپوءِ پينشنر ٿيو ”خان صاحب“ جو لقب مليس. مرزا حيرت جي وفات کان پوءِ کيس ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پرشين پروفيسريءَ جي آڇ ٿيس پر بمبئي وڃي رهڻ قبول نه ڪيائين. آخر 1912ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين“.
سنڌي الف بي جي اصلاح واري ڪاميٽي
”سنڌي الف بي جي اصلاح واري ڪاميٽي 1853ع ۾ بي ايڇ ايلس جي نگرانيءَ ۾ ٺهي ھئي، ان ڪاميٽيءَ جو ذڪر سڀ کان پھرين محمد صديق ميمڻ پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ڪيو ھو. ان کان پوءِ سڀني محققن ان کي پئي ورجايو. ڀيرو مل آڏواڻي پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ لکيو آھي تھ “خان بھادر مرزا صادق علي بيگ ، مرزا قليچ بيگ جو مربي ڀاءُ مذڪوره ڪاميٽيءَ جو ميمبر ھو. ان غلطيءَ ڏانهن ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو ڪتاب ”اوائلي شايع ٿيل سنڌي لوڪ ڪهاڻيون“ ۾ ڌيان ڇڪايو ته مرزا قليچ بيگ جو مربي ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ، ان ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو، سا ڳالهه شڪي آهي، ڇاڪاڻ جو اها ڪاميٽي 1853ع ۾ ٺهي هئي، جنهن وقت مرزا صادق علي بيگ جي عمر صرف اٺ سال هئي“.
اڳتي هلي اهو بحث وڌيو. ان سلسلي ۾ مراد علي مرزا لکي ٿو ته ”مرزا صادق علي بيگ جي قلمي ڪتاب- ”اخلاق محسنين“- جي فوٽو ڪاپي ڏسڻ جو وجهه مليو، جنهن مان ان ڳالهه تي روشني پئي ته هو ڪهڙي ڪاميٽيءَ تي هو. هن ان ڪتاب جي لکڻ جو سبب ڄاڻائيندي ٻڌايو آهي ته، ”آءٌ تيرهن سال تعليم کاتي جو ترجمان هوس، ۽ انهيءَ وقت ۾ ٻين سرڪاري ڪمن سان گڏ سائنس پرائمري، جهڙوڪ علم طبق الارض، علم ڪيميا، علم جغرفيه وغيره ۾ کاتي کي گهربل ڪتاب انگريزيءَ تان ترجمو ڪري تيار ڪندو هوس ۽ ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي سنڌ جو سيڪريٽري ٿي، جيڪي ڪتاب ڪميٽي وٽ پيش ٿيندا هئا، تن تي رايو ڏيندو ۽ اصلاح ڪندو هوس.“ انهيءَ عبارت مان معلوم ٿو ٿئي ته مرزا صادق علي بيگ، ايلس واري سنڌيءَ لاءِ الف- ب جو هڪ نئون سرشتو تيار ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ جو ميمبر ڪين هو، پر هن ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽي سنڌ جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو هو“.
پاڻ وڏي ڄاڻ وارو شخص هو ۽ فارسيءَ ۾کيس دسترس حاصل هئي. ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾ ”اخلاق محسنين“،”استعمالي جاميٽري“ (1888ع)، ”سطحي جاميٽري“ (1888ع)، ”آغاز علم نباتات“ (ڊاڪٽر هيڪر جي ڪتاب جو ترجمو 1894ع) ، ”آغاز علم حڪمت“ (1890ع)، ”پيمائشي ڪتاب“ (1884ع) وغيره اهم درسي ڪتاب آهن.
علم معاشري
سندس پهريون ڪتاب اقتصادي نظام بابت آهي، جنهن کي ”علم معاشري“ نالو ڏنائين. اقتصاديات جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ هي پهريون ڪتاب آهي. ايجوڪيشنل پبلشنگ ڇاپ خاني ڪراچيءَ مان سال 1871ع ۾ ڇپيو ۽ نصاب ۾شامل رهيو.
سنڌي انگريزي ڊڪشنري
مرزا صادق علي، پادري شرٽ ۽ اڌارام گڏجي سنڌي انگريزي ڊڪشنري جوڙي. هي ڊڪشنري 919 صفحن تي ٻڌل آهي ۽ اها ڪمشنر ڪراچي جي ڇاپخاني طرفان 1879ع ۾ شايع ٿي. اها ڊڪشنري سنڌ جي تعليم کاتي شايع ڪرائي هئي. هن لغت ۾ تقريباً 21 هزار سنڌي لفظن جون معنائون انگريزي ٻوليءَ ۾ ڏنل آهن ۽ جهونن سنڌي لفظن جو وڏو ذخيرو شامل آهي. اُنهيءَ ۾ سرڪاري طور تسليم ٿِيَل ۽ نئين سِر مُقرر ڪيل عربي- سِنڌي صورتخطي ۾ سنڌي لفظن جون هجيئون لِکيَل آهن.