Wadho Mal Cheenda Ram

1 min read

 

 

 

 

 

 

 

 

واڌو مل چنديرام (1838- 1909ع)

راءِ بهادر واڌو مل ولد  ديوان چنديرام اصل ڳوٺ ٽلٽي (موجوده ضلعو ڄامشورو) جو رهاڪو هو. سندس والد ديوان چنديرام مختيارڪار جي عهدي تي فائز هو. واڌو مل مقابلي وارو امتحان  پاس ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو. ”ڪيترائي سال ڪراچي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين“   ڪيترن ئي فلاحي تنظيمن سان وابسطه هو. سرڪار ڪمن ڪارن کان علاوه  ڪي ڪتاب پڻ لکيائين.  انگريز سرڪار هڪ انڪوائريءَ جي نتيجي ۾ کيس نوڪريءَ تان برطف ڪري  تمام وڏو ڏنڊ ورتو هو. هن صاحب ڪي قصا پڻ لکيا، جن ۾ قصو ڪرشنا ڪماريءَ جو“ (1888ع) اهم آهي.

منتخب تاريخ انگلستان

1862ع ۾”منتخب تاريخ انگلستان“، صفحا 116، انگريزيءَ تان ترجمو ڪيائين. هن ڪتاب جو پهريون حصو پرڀداس آنندرام  ترجمو ڪيو هو. جيئن ته انگلينڊ جي تاريخ بابت انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب جو هي مڪمل ترجمو آهي، پر اختصار کان ڪم ورتو اٿس، انهيءَ ڪري مٿس ”منتخب تاريخ انگلستان“ نالو ڏنائين ترجمي ۾ سنڌي لٽريچر ڪاميٽيءَ ضروري سڌارا آڻي، سال 1862ع ۾ وديا ونود ڇاپخانو ڪراچيءَ مان ليٿو ۾ ڇپائي، نصاب طور منظور ڪيو.ڪتاب تي سنڌي لٽريچر ڪاميٽيءَ طرفان هڪ سو روپيا روڪ انعام به مليس.

ڪتاب ۾خاص طور تي انگريز حڪمرانن جي خوشامد ڪئي اٿائين . مثال طور ”حڪومت سنڌ جو حاڪم عادل جناب سر بارٽل فريئر ڪي، ٽي، بي ڪمشنر بهادر (جنهن جي حڪومت ۾ اهڙو نياءُ آهي، جو شينهن ٻڪريءَ تي گڏ پاڻي پيئندي ڪي پئي نٿو سگهي). آءٌ ڇا چوان، سڀڪو چوندو ته ماڻهو هن ڏيهه جا سڀيئي گهڻي سرهائيءَ ساڻ دعا ڪندڙ وڏائي حضور مٿئين جا آهن ۽ جناب ميجر گولڊ سمٿ صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر جنهن جي ڏاهپ ۽ پروڙ افلاطون وانگي سڄي ملڪ ۾ پڌري ۽ ان جي سخا کان سڀڪو ننڍو وڏو فيض پائيندڙ آهي. حڪم ڏنو تنهنڪري مون ڪينڪي ڄاڻندڙ واڌو مل پٽ ديوان چنديرام ويٺل ٽلٽي جي هي ڪتاب تواريخ ملڪ انگلستان جو، جنهن ۾ سڄيئي واٽ بادشاهي انگريزن جي لکيل آهي، انگريزي ٻوليءَ مان سنڌي وائيءَ ۾ ترجمو ڪيو“.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!