Bheromal Meherchand Adwani

1 min read

ڀيرومل مهرچندآڏواڻيءَ جو پٽ پرڀداس ڀيرومل

مختيار احمد ملاح

 سنڌي ٻوليءَ جو مشهور اديب عالم، محقق ۽ فاضل ڀيرومل مهر چند آڏواڻي جي وجهه شهرت  نالي وارو تاريخدان، ماهر لسانيات، گرامر نويس،  مضمون نگار ، سفرناما نويس واري آهي، پر هو افسانوي ادب جي ميدان ۽ شاعريءَ ۾ پوئتي ڪو نه هو.  مرزا قليچ بيگ سندس ڪتاب ”لطيفي سير“ متعلق چيو  هو ته: ”سچي ڳالهه اها آهي ته جهڙو ڪم آءٌ پاڻ ڪري سگهان ها، تنهن کان مسٽر ڀيرومل جو ڪم بهتر ڏٺم. گهڻيون ڳالهيون جي شايد منهنجي خيال ۾ نه اچن ها، سي هن جي خيال ۾ آيون آهن ۽ انهن جي هن پوريءَ طرح جاچ ۽ کوجنا ڪري، اُهي پنهنجي ڪتاب ۾ آنديون آهن“.ذاتي زندگيءَ  ۾، ڀيرومل سادو، سلڇڻو ۽ ذهين انسان هو.  ڀيرومل مهر چند، سالٽ (لوڻ) ۽ ايڪسائيز کاتي ۾ سرڪاري نوڪريءَ سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ اڳتي هلي ڊي. جي ڪاليج جو پروفيسر  به رهيو. هن زندگيءَ ۾ ٽي شاديون ڪيون، جنهن مان کيس ٽي ڌيئر ۽ پٽ پرڀداس پيدا ٿيو.

 پرڀداس ڀيرومل ولد ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو، سندس جنم سال ملي نه سگيو. پرڀداس، پنهنجي پتا وانگر مشهور ليکڪ ٿيو. هن شروعاتي تعليم حيدرآباد سنڌ جي مشهور اسڪول يونين اڪيڊميءَ مان حاصل ڪئي. اڳتي هلي ڪراچيءَ  مان تعليم ورتائين. پاڻ مضمون نگار، ناول نويس، ڪهاڻيڪار ۽ مترجم هو. گهر ۾ علمي ماحول هجڻ ڪري ننڍي هوندي کان ئي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ دلچسپي ورتائين ۽ سندس مضمون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳا. 1934ع ۾ رابندرناٿ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي، انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ سالياني باتصوير مخزن ”انڊس“ (Indus) جاري ڪئي، جنهن ۾ هڪ مضمون پرڀداس ڀيرومل جو اخلاقي مضمون ”مردود“ ڏاڍو مشهور ٿيو.پرمانند ميوارام ”جوت“ اخبار ۾ به پرڀداس ڀيرومل جا ڪافي مضمون شايع ٿيا. ان کان علاوه، پرڀداس ڀيرومل ڪهاڻيون پڻ لکڻ شروع ڪيون ۽ مختلف ٻولين مان ترجما به شروع ڪيا.

 پرڀداس جي زندگيءَ ۾ پهريون موڙ ان وقت ڦيرو آيو، جڏهن سندس والده جو دهيانت ٿي ويو ۽ ٻيو ڦيرو ان وقت آيو، جڏهن سندس والد  ڪاڪي ڀيرومل زندگيءَ ۾ ٽيون دفعو شادي ڪئي. پيءَ جي شاديءَ سندس زندگيءَ ۾ طوفان آڻي ڇڏيو ۽ هن نه صرف گهر ڇڏيو، پر پيءُ  طرفان مليل ڌرم به ڇڏيو. ان سلسلي ۾ هيري ٺڪر صاحب لکيو آهي ته ”پرڀداس پنهنجي پتا جي وچولي ڄمار  ۾ ٽين شادي ڪرڻ  جي ڳالهه جي ڳالهه تي ساڻس رسي وڇي سک پنٿ اختيار ڪيو ۽ پنهنجو نالو هرنام سنگهه رکيو هئائين“.

 سک ڌرم ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ سندس ادبي سرگرميون اڃا به وڌيڪ ٿي ويون ۽ هو ”سک ٽرئڪٽ  سوسائٽي“ ۾ شامل ٿي  ۽ ادبي ڪم ڪرڻ لڳو. ياد رهي ته سک برادري علمي ۽ ادبي سرگرميون  ”امرتسر: خالصه ٽرئڪٽ سوسائٽي“ جي پليٽ فارم تان ڪيتري عرصي کان رچائينديون هيون. بيشمار  ناولن، ڪهاڻين ، ڊرامن ۽ شاعريءَ جا ڪتاب گرمکيءَ لپيءَ ۾ شايع ڪيائون. اڳتي هلي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين  پنهنجي اڪثريتي شهرن ۾ سک برادريءَ،  ”سک ٽرئڪٽ سوسائٽي“  قائم ڪئي. ۽ هن سوسائٽيءَ  جي  اثر هيٺ  1926ع ۾ حيدرآباد  ۽ ڪراچيءَ  ۾ ٻه اشاعتي ادارا قائم ڪيا هئا، جن سک ڌرم، تعليم ۽ ادب جي باري ۾ سوين ڪتاب شايع ڪيا. حيدرآباد مان الڳ ته ڪراچيءَ مان الڳ ڪتاب شايع ٿيندا هئا. 1926ع کان 1947ع تائين سکن 24  ٽرئڪٽ شايع ڪيا، جيڪي ويهن سالن ۾ 500 کان مٿي ٿين ٿا. ”سوسائٽيءَ جو پهريون  آنرري سيڪريٽري لالچند . جي آر ۽ پهريون  آديٽر  وي.بي پارڪر هو. هن سوسائٽيءَ  1928ع ۾ پنهنجي خالصا پرنٽنگ پريس به قائم ڪئي، جنهن جو افتتاح 27 مئي 1928ع تي سيٺ آسنداس لاهوري مل ڪيو هو. سک ٽرئڪٽ  سوسائٽيءَ طرفان رسالا به جاري ٿيندا هئا، جن ۾ حيدرآباد مان ماهوار ”پنکڙيون“  اهم هوندو هو. سک ٽريڪٽ سوسائٽيءَ جا اديب، ان دور جا نالي وارا سنڌي سک هئا، جيڪي علم، ادب ۽ ڌرمي تبليغ ڪندا هئا، انهن  ۾ شيوارام،  پرمانند ايسرداس، جڳتراءِ ايسرداس، تيرت سانولاڻي، پرڀداس ڀيرومل،  هه. پ. وديارتي،  ۽ ٻيا ڪيترائي شامل هئا.

پرڀداس عرف هرنام سنگهه، هه- پ وديارٿيءَ جي شراڪت ۾ ڪيتريون ئي پنگتي ڪهاڻيون  چيدي سنڌيءَ ۾ لکيون،  جيڪي “سک ٽرئڪٽ سوسائٽي” وارن “هيرا جواهر” (1931ع) مجموعي ۾ ڇپايون هيون. اهي سڀ سياڻپ ڀريل ويچارن ڪري سٺيون سماج سڌارڪ هيون ۽ ڪن ۾ وڻندڙ مذاق پڻ رکيل هو. ان کان علاوه سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “اندر جا اڌما” 1932ع ۾ شايع ٿيو. سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين جي طرز خود ڪلامي (Monologue) واري آهي. سندس ڪهاڻين لاءِ ڊاڪٽر شمس عرساڻي لکي ٿو ته “پرڀداس آڏواڻي جي ڪهاڻين جا واقعا گهريلو چهٽن مان کنيل آهن. هن گهرو خانداني مسئلن کي نهايت دلپزير وندرائيندڙ انداز ۾ پيش ڪيو آهي. هن جا موضوع سڀئي اصلاحي نوعيت جا آهن، سندس ڪهاڻين جا پلاٽ به سنوان سڌا ٿين ٿا، جيڪي مڪالمي ۽ بيان جي ترڪيب سان گهڙيا ويا آهن، ليڪن سندس جدا جدا ڪهاڻين ۾ هڪ قسم جي يڪسانيت آهي جيڪي سڀئي هڪ نقطه نگاهه  جي چوگرد ڦرن ٿيون“.

پرڀداس ڀيرومل به پنهنجي پيءُ وانگر عام گھريلو اصطلاحي عبارت ۾ ماهر هوندو هو. پرڀداس جي سماجي نڪته چينيءَ ۽ گهرو زناني عبارت جو مثال “ماٽيجي سس” واري ڪهاڻيءَ مان ڏجي ٿو:

“سو مائي ڪنهن جو اٽو کٽوآهي جو ههڙيءَ جي پناري ڌيءُ وجهي، تنهن کان ته ڌيءَ کي حق بخشائي ويهارجي. هاڻي ڏس ته ٻڌ ته سڀني کي پيئي ريگهريون ٻڌي، چلتا پئي ڪري ته مون سان مائٽي ڪريو، زبانون پئي ڏئي ته مان ڏيتي ليتي نڪا گهران ٿي، نڪا گهرنديس. جيڪي ڏينداسو مون کي امرت! موچڙي تي رکي موڪليندا ته به ٻي نه ٻولينديس. پاروٿي کچڻي پرائي پادر تي کڄي ايندي به  اکين تي رکي وٺي رکنديس“.

اي جي اتم لکي ٿو ته “اندر جا اڌما” ڪتاب جون ڪهاڻيون سنڌي سماج، سڀاءَ، رسم رواج جي تصوير ڪشي ڪندڙ آهن. ڪجهه ته خود ڪلامي جون ڪهاڻيون آهن. ليکڪ جي ٻولي به لعلچند جي ٻوليءَ جون سڪون لاهيندڙ آهي. “گهوٽ ماءُ- ڪنوار ماءُ” ۾ هڪ استريءَ کان چورائي ٿو ته “توسان ئي ڳالهه ڪيم، ڏس پاڻ لڳو نه! پائي پيسو ئي وڃي منهنجي اگهاڻو. گوروءَ نيٺ پنهنجو ڪڻاهه کٽيو، ڄيٺي مينهن، بهريتي پت، نيري ويا نهن، ڪن سڀاڳن، سامهون. سو گهٽ ۾ گهٽ جي وٺان ته به ويهه هجار روڪ، تنهن کانسواءِ مڻيو ڪپڙو ۽ سڪ سواد ته خير ڪر ڪنديس ۽ جي نه ته سنڌ ڪري ڌي آچار ڪري”.  هن حوالي سان سنڌي سڀاءُ ۽ رسم رواج واري سماع جيوت ظاهر ٿيو پوي، جا اڌ صدي گذارڻ بعد به ڄڻ ساڳي آهي“.

پرڀداس ڀيرومل،  انگريزي ليکڪ جان بنيان  جي مشهور تمثيلي ناول Pilgrim’s Progress جو ترجمو”سالڪ جو سفر“ جي نالي سان ڪيو. ڪتاب جو پهريون ڇاپو، 1943ع ۾، موهن جي شهاڻي ايجوڪيشنل پبليڪيشن ڪمپنيءَ پاران ڇپايو ويو هو.  ان سلسلي ۾ ڪاڪي ڀيرومل لکيو آهي ته ”پڇاڙيءَ ۾ ”سالڪ جو سفر“  (Pilgrim’s Progress) لکيائين. پاڻ آگسٽ  1943ع ۾ گذاري ويو، تنهن کان پوءِ اهو  دستخط سنڌي  ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ پسند ڪري، ساڍا ٽي سو روپيا انعام طور ڏنا. اِهو هاڻي ڇپيو آهي ۽ تعليم کاتي وارن  درسي ڪتاب طور منظور ڪيو آهي“.  هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري، فيبروري 2012ع ۾ ڇپايو آهي. ياد رهي ته هن ناول جو پهريون ترجمو پادري شرٽ 1877ع ۾ ٻن ڀاڱن ۾ ڪيو.  هي ناول  عيسائي اصولن تي ٻڌل هو. ليکڪ ڪتاب عيسائي مذهب جي نقطه نگاهه کان لکيو هو، پر هن ڪتاب ۾ ڪنهن به خاص مذهب جو پرچار ڪرڻو نه هو ۽ نه ڪو فرقيـوار رنگ ڏيڻو هو، ان ڪري مترجم مناسب هنڌن تي ڦير ڦار ڪئي آهي ۽ ڪيترن هنڌن تي شاهه، سچل، سامي ۽ ٻين جي ڪلام مان ڪجهه بيت وڌايا آهن، جنهن ڪري ڪتاب جو رنگ ۽ ڍنگ نرالو ٿي پيو آهي.

 ڀرپداس ڀيرومل جواني ۾ گذاري ويو، سندس  علمي ۽ ادبي خدمتن جي صحيح ڪٿ ٿي نه سگهي آهي ته هن ڪيترو لکيو ۽ ڇا لکيو. سندس حياتيءَ جو احوال به ڪٿي به ڪنهن نه لکيو آهي. سندس باري ۾ سٺي نموني تحقيق ڪرڻ جي ضرروت آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!