Satram Rohora
ننڍي کنڊ جي مشهور سنڌي فنڪار / پلي بيڪ سنگر، فلم ڊائريڪٽر، پروڊيوسر سترا روھڙا 16 جون 1939ع تي سکر سنڌ ۾ جنم ورتو، ورھاڱي کان پوءِ انڊيا ھليو ويو، ھن زبردست ڪلام، لوڪ گيت، فلمي گانا ڳايا آهن، ھن سنڌ ڄائي مشھور فنڪاره ڀڳونتي ناواڻي سان تمام گهڻو ڳايو، سندس ڪيترائي ميوزڪ البمز رڪارڊ ٿيا، ھن فلم “جھولي لال” سميت مختلف فلمن لاءِ پلي بيڪ سنگنگ ڪئي، پروڊيوسر طور ھن سڀ کان پهرين فلم “گھر ڪي لاج” ڪئي، جنھن ۾ فيروز خان، سھراب مودي ۽ ڪمڪم ڪم ڪيو، پروڊيوسر طور سندس ٻين مشهور فلمن ۾ شيرا ڊاڪو، راڪي ميرا نام، جئه سنتوشي مان، وغيره شامل آهن، سنڌي فلمن ۾ ھن جي سڀني کان وڌيڪ مشهور فلم “ھل ته ڀڄي ھلون” آهي، ھن فلم لاءِ ھن ٽي گيت به ڳايا..