Mohan Kalpan

 

 

 

 

 

 

موھن  کلپنا

19 جون 1992: یوم وفات

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ھند سنڌ جي مشهور ليکڪـ، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نگار موھن مولچند لالا المعروف موھن ڪلپنا اصل سيوهڻ شريف جي رھاڪو بولچند منگھارام لالا جي گهر ۾ ڪوٽڙي اڳوڻي ضلعي دادوءَ، ھاڻوڪي ضلعي ڄامشوري ۾ 22 نومبر 1927ع تي جنم ورتو، ھن پنھنجي تعلیم به ڪوٽڙي مان ورتي، کيس شاگردي واري زماني کان ادب سان گھڻو لڳاءُ هو، ھن پھرين ڪھاڻي “آتم ھتيا” جي عنوان سان لکي، جيڪا ان وقت جي مشهور ادبي رسالي “موھن لالا” ۾ ڇپي، جڏهن ته ھن ٻي ڪھاڻي “ڦيرو” جي عنوان سان لکي، جنھن کي بھترين ڪھاڻي جو ايوارڊ ڏنو ويو، ورھاڱي کان پوءِ موھن ڪلپنا وڃي الھاس نگر انڊيا جا وڻ وسايا، پر اتي به ھن سنڌي ادب جي خدمت جاري رکي، ھن لاتعداد ڪھاڻيون، ڊراما ۽ ناول لکيا، سندس ڊراما انڊيا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن ۽ ٽيليويزن چئنلن تي ھليا، ھن جي ڇپيل ڪتابن ۾ درد جو درياهه، لگن، عورت، زندگي، ميڻ بتي جي دل، پٿر جو جگر، وشواس، رڃ ۽ پاڇا، پيار جي پڇاڙي وغیرہ شامل آهن، ھن پنھنجي آتم ڪٿا به لکي، جيڪا “بک، عشق ۽ ادب” جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، ھن 19 جون 1992ع تي الھاس نگر ۾ وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!