Allan Faqeer

 

 

 

 

 

 

 

 

علڻ فقير : شاه لطيف جي بيتن کي مخصوص آلاپ ۾ ڳائيندڙ سدا حيات راڳي

تحرير: محمد سليمان وساڻ

سنڌ جي مٽي هميشه مها راڳين کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي مخصوص آلاپ ۽ سُر ذريعي ماڻهن کي موهت ڪيو آهي ۽ جهومايو آهي. اڄوڪو ڏينهن 4 جولاء به سنڌ جي هڪ اهڙي درويش راڳي علڻ فقير جي ورسيء جو ڏينهن آهي جنهن پاڻ سان گڏ دنيا کي جهومايو آهي.

شاهه لطيف جي ڪلام کي مخصوص آلاپ ۾ ڳائيندي ۽ پاڪستان جي سڄي دنيا ۾ سنڌ جي ثقافتي ڊريس اجرڪ جو پٽڪو ۽ هٿ ۾ دنبورو کڻي ڳائيندڙ علڻ فقير 1932ع ۾ سنڌ جي موجوده ضلعي ڄام شورو جي تعلقي مانجهند جي ڳوٺ آمري ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي زندگي جا ننڍپڻ وارا ڏينهن مانجهند ۾ گذاريائين. علڻ فقير جو تعلق هڪ مڱڻهار قبيلي سان هو ۽ سندس والد ۽ ڏاڏو پڻ مڱڻهار هو. سندس وڏا پنهنجي ڳوٺ ۽ پاڙي اوڙي ۾ برادرين جي شادين ۾ دهل وڄائيندا هئا.

علڻ فقير به پنهنجي وڏڙن جي پيروي ڪئي پر هن کي لطيف سرڪار تي وڃڻ ۽ اتي راڳ ٻڌڻ جو شوق هوندو هو ۽ ايئن علڻ فقير ڀٽائيء جي درٻار تي پهتو. علڻ فقير پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته ڀٽائيء جي درٻار تي هڪ پينو فقير هوندو هو جنهن جي صدا ۾ هڪ عجيب ڪيفيت هوندي هئي، مان شام جو سير سفر ڪري سڌو ان فقير وٽ ايندو هوس ۽ کيس ان آلاپ جو عرض ڪندو هوس، اهو فقير جڏهن ”الا…..“ جي سين هڻندو هو ته مونتي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿيندي هئي ۽ مان پنهنجي پونجي ان فقير جي حوالي ڪندو هوس. علڻ فقير ان “الا” جي آلاپ کي اهڙو ته ڳايو جو دنيا دنگ رهجي وئي.

علڻ فقير جو نرالو لباس به گهڻو مشهور هوندو هو. هٿ ۾ لٺ، مٿي تي اجرڪ جو وڏي طُري وارو پٽڪو، وڏا وار، ڳچيء ۾ مڙڪن وارا ڳانا سچ ته سندس سڃاڻ هئا. علڻ فقير لطيف سرڪار جي سُر ڪيڏارو ۽ سامونڊي سان گڏ رسالي جي ٻين سُرن کي پنهنجي آلاپ ۾ ڳائي گهڻي مشهوري ماڻي. ان کانسواء هن سچل سرمست ۽ سنڌ جي ٻين صوفي شاعرن جي شاعري پڻ سريلي، صوفياڻي ۽ فقيراڻي انداز ۾ ڳائي آهي. جڏهن جيجي زرينه بلوچ ۽ علڻ فقير شيخ اياز جي وائي “ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گُل الو ميان” ڳائيندا هئا ته ماڻهن کي پاڻ سان گڏ جهومائيندا هئا سندن اهو ڪلام اڄ به اوتروئي مشهور ۽ مقبول آهي. علڻ فقير جي محمد علي شهڪيء سان گڏ ”هما هما ڪر ڀيا“ ۾ جوڙيء کي تمام گهڻي مڃتا ملي. سندس مشهور ڪلامن ۾ هيٺين ڪلامن گهڻي مشهوري ماڻي :

ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گُل، جيڪي ميهار ميهار ڪن ڙي اديون، مينهون ڙي ميهار تنهنجو ٻيلي ۾، عشق اسان وٽ آرائين جيئن آيو جهول ڀري، ڇيريان ڪهڙي ڇم ڇم لائي، ٻولي منهنجي ٻانڀياڻي الا، ڪانگل عجيبن کي، مون ۾ تون موجود، پاڻ تو پيدا ڪيو جهڙا انمول ڪلام ڳايا آهن.

علڻ فقير پاڪستان جي سفير جي حيثيت ۾ ثقافتي وفدن سان گڏ ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪري سنڌ جي ثقافت ۽ راڳ کي اجاگر ڪيو. سندس جرمنيء جو هڪ واقعو جيڪو هن پاڻ ٻڌايو ته هڪ پروگرام ۾ اڪثريت گورن جي هئي جڏهن اسٽيج تان لطيف سائين جي سُر سامونڊي مان هڪ وائي پيش ڪئي ۽ جڏهن اها وائي ڳائي اسٽيج تان هيٺ لٿم ته ڪنهن به تاڙي ڪانه وڄائي، مونکي گهڻي مايوسي ٿي ۽ جڏهن مان فنڪارن واري ڪمري ۾ پهتس ته مسلسل تاڙيون وڄنديون رهنديون ۽ خبر پئي ته ٻڌندڙ سُر ۽ راڳ جي آلاپ ۾ گم هئا ۽ کين اها خبر ئي ڪانه پئي ته ڪڏهن وائي پوري ٿي ۽ علڻ اسٽيج تان لهي ويو، جڏهن اسٽيج سيڪريٽري مائيڪ هٿ ۾ کنئي ۽ ماڻهو ٽٻيء مان ٻاهر نڪتا ته خوب تاڙيون وڄائيندا رهيا. علڻ فقير جي طبيعت فقيري واري هئي ۽ هميشه اسٽيج تي اچي ماڻهن کي خوش ڪندو هو. ڪڏهن خميسي خان جي الغوزي تي ته ڪڏهن عابده پروين جي هو جمالو تي اسٽيج تي اچي خوب جهمر هڻندو هو.

علڻ فقير سنڌيء سان گڏ اردو ۾ پڻ ڳايو. سندس فن جي مڃتا عيوض کيس 1980ع ۾ صدارتي ايوارڊ براء حُسن ڪارڪردگي، 1987ع ۾ شهباز ايوارڊ ۽ 1992ع ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. علڻ فقير 4 جولاء 2000ع تي پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

توهان لاءِ ڪجھ نئون

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!