Dr Murali Dhar Jaytli

1 min read

 

 

 

 

 

 

 

 

نهايت ئي ڏک جي خبر…..!

سنڌي ٻوليءَ جي خادم، ماھر لسانيات ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي 93 سالن جي عمر ۾ هندستان ۾ ديھانت ڪري ويو… سندس سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ اڻٿڪ خدمتون هيون…

لسانيات جي نامياري ماهر، محقق ۽ عالم، پروفيسر ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو جنم، 7 نومبر 1930ع تي ڪشنچند جيٽلي جي گهر ۾، حيدرآباد، سنڌ جي ’مُکي گهٽيءَ‘ ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم حيدرآباد جي نوودياليه مان ۽ ثانوي تعليم ساڌو نولراءِ هيرانند اڪيڊمي، حيدرآباد مان پرائي. سندس ڏاڏو پنڊت ٽوپڻداس شيوارام وڏو عالم ۽ مارٽنڊ آيرويد مهاودياليه جو پرنسپال هو، جڏهن ته مرليڌر جيٽلي جو والد ڪشنچند جيٽلي پڻ ساڳئي ودياليه ۾ استاد هو. هن خاندان جا فردَ، ايامن کان وٺي، سنڌي، هندي ۽ سنسڪرت ٻولين جا ودوان رهيا هئا. مرليڌر جا وڏا اصل ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ’ڦَڪا‘ جا ويٺل هئا، جن کي پوءِ غلام شاهه ڪلهوڙي، لڏائي، حيدرآباد ۾ اچي رهايو هو. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي کي 12 سالن جي ننڍيءَ ڄمار ۾، پنهنجي ڏاڏي جي صحبت ۾ ادب سان چاهه پيدا ٿيو، 1941ع ۾ هيرانند اڪيڊميءَ، مُکي گهٽيءَ ۾ هڪ لائبرري کولي، جنهن کي پروفيسر راجپال جي نظرداريءَ هيٺ مرليڌر جيٽلي هلائيندو هو. ورهاڱي وقت هن، مائٽن سان گڏ، آگسٽ 1947ع ۾ سنڌ جا وڻَ ڇڏيا. پهريائين جوڌپور ۽ پوءِ مستقل طور مهاراشٽر رياست جي شهر پوني ۾ اچي ٿانئيڪا ٿيا. مرليڌر جا ڪتابَ سنڌ ۾ رهجي ويا هئا، جنهنڪري سندس من بنهه بيچين هو، ان ڪري هو ڊسمبر 1947ع ۾ سنڌ موٽي آيو ۽ ڪتابَ کڻي واپس وريو. هن مارچ 1949ع ۾ بڙودا جي سنڌي هندو هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪئي. مرليڌر ننڍي هوندي کان ئي سٺو چترڪار ۽ خوشخط هو، ان ڪري کيس بڙودا ميوزيم ۾ ’خوشخط‘ جي نوڪري ملي وئي. هن 1961ع تائين هندي ۽ سنسڪرت ۾، پوني يونيورسٽيءَ مان ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪري ورتيون. 1965ع ۾ ڊيڪن ڪاليج ريسرچ انسٽيٽيوٽ، پوني مان لسانيات ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. ساڳئي ڪاليج ۾ 1960ع کان وٺي 1964ع تائين ريسرچ فيلو رهيو. 1964ع کان 1966ع تائين آر. ڪي. تلريجا ڪاليج، الهاس نگر ۾ ليڪچرار رهيو ۽ 9 فبروري 1966ع تي کيس لسانيات پڙهائڻ لاءِ دهلي يونيورسٽيءَ ۾ مقرر ڪيو ويو، جتان هن 6 نومبر 1996ع تي پروفيسر طور رٽائر ڪيو. هن جي نگرانيءَ ۾ موتيلال جوتواڻي، موهن لال شرما، سنتداس جهانگياڻي، سشيلا موٽواڻي، رُڪمڻي ناگراڻي ۽ روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي، پي. ايڇ. ڊي ڪري چڪا آهن. ان کانسواءِ هو سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊيءَ لاءِ ’اعزازي چڪاس پروفيسر‘ پڻ رھيو. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، سنڌي، هندي ۽ انگريزيءَ ۾ 20 کان مٿي ڪـتـابَ لـکــيا آهـن، جـن ۾: (1) لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي (1965ع)، (2) ’ساهتيه جو اتهاس‘ (1972ع)، (3) ميگهه دوت (ڪاليداس جي ڪوتا جي وياکيا: 1981ع)، (4) هوتچند مولچند گربخشاڻي (موتيلال جوتواڻيءَ سان گڏ: 1985ع)، (5) اوائلي شايع ٿيل سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (1986ع)، (6) سنڌوءَ جون لهرون (سنڌُو رسالي جا ليکَ: 1989ع)، (7) ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ جو جيوَن ۽ رچنائون (1990ع)، (8) ’شاهه جي رسالي جو اڀياس (1992ع)، (9) ســنــڌي پـهـاڪــا ۽ مـحـــاورا (هـڪ اڀـيـاس: 1993ع)، (10) سنڌي ڀاشا وياڪرڻ (هندي: 1997ع)، (11) سنڌي ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ (1999ع)، (12) سنڌي ڀڳت (هندي: 1999ع)، (13) سنڌي ساهت جي جهلڪ (تنقيدي مضمون: 2000ع)، (14) سنڌي ڌوني وگيان (لسانيات: 2000ع)، (15) ’ڀارتي ساهتيه ڪوش‘ (نگيندار جي ايڊيٽرشپ ۾ تيار ڪيل هن هندي ڪوش ۾ ڊاڪٽر مرليڌر 100 سنڌي ليکڪن جا پروفائيل شامل ڪيا آهن)، (16) ڀارتيه ڪهاوت (وشوناٿ دنڪر نروڻيءَ جي ايڊيٽرشپ ۾ تيار ٿيل ٽن ڀاڱن واري هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر مرليڌر، سـنـڌيءَ جـا 1200 پهاڪا، هندي ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنا آهن)، (17) انسائيڪلوپيڊيا آف انڊين لٽريچر (هن پنجن جلدن جي ڪتاب ۾ 100 کان وڌيـڪ داخــلائـون ڊاڪـٽـر مـرلـيـڌر جــون داخـل ڪـيل آهن)، (18) هندي- سنڌي شبد ڪوش- وغيره شامل آهن. ان کانسواءِ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جا 200 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا هند ۽ سنڌ جي مقبول رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ڪجهه سال ممبئيءَ مان سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ هفتيوار ’هند واسيءَ‘ جو سب ايڊيٽر به رهيو. ڊاڪٽر جيٽلي کي علمي ادبي خدمتن تي ڪيترائي اوارڊ، انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾: سنڌي ساهتيه اڪيڊمي، دهليءَ طرفان سند ۽ انعام (1997ع)، ’سنڌي ٻوليءَ جو سرشٽو ۽ لکاوٽ‘ ڪتاب تي NCPCL طرفان انعام، ’سنڌي ڌوني وگيان‘ ڪتاب تي ڀارتيه ساهتيه پريشد طرفان اوارڊ (2001ع)، سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا’>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران اوارڊ (2004ع)، رام بخشاڻي فائونڊيشن پاران اوارڊ (2007ع)، NCPCL طرفان اوارڊ ۽ انعام (2009ع)، سنگيت آچاريه ماسٽر چندر اڪيڊميءَ طرفان اوارڊ (2009ع)، رام پنجواڻي ٽرسٽ، بمبئيءَ پاران اوارڊ (2010ع)، اتر پرديش سنڌي اڪيڊميءَ، مڌيه پرديش سنڌي اڪيڊميءَ ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ پاران اوارڊ شامل آهن. مرليڌر جيٽلي ساهتيه اڪيڊمي، ڪي. ڪي برلا فائونڊيشن جو ميمبر، ڪي. ڪي برلا فائونڊيشن جي سنڌي ٻولي ڪميٽيءَ جو صدر، گورنمينٽ آف انڊيا جي انساني ڀلائيءَ واري وزارت جي سنڌي ايڊوائزري ڪميٽيءَ جو وائيس چيئرمئن، سينٽرل ساهتيه اڪيڊميءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي ۽ سنڌي اڪيڊمي دهليءَ جو وائيس چيئرمئن بہ رھيو. ڊاڪٽر مرليڌر ڪشنچند جيٽلي، ’سنڌي وئتپتي ڪوش‘ (Etomological Dictionary of Sindhi) تي پڻ ڪم ڪيو. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، 3 جولاءِ 2023ع تي وفات ڪري ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!