Tarique Ashraf

 

 

 

 

 

 

 

سنڌي ادب ۽ صحافت جي تمام وڏي شخصيت طارق اشرف 5 جولائي 1940ع تي جنم ورتو، جڏهن ته 14 اپريل 1992ع تي ھي جھان ڇڏيو، ھي وڏو ليکڪ، ڪھاڻيڪار ۽ دانشور ھو، ان کان وڌيڪ ھي پبلشر ھو، ھن سھڻي رسالو جاري ڪيو، ساڻس ساٿ ۾ ظفر حسن ۽ ولي رام ولڀ به ھئا، ان معيار جو رسالو اڄ تائين وري ناھي آيو، آرسي رسالي جي به ٽيم ساڳي ھئي، شيخ اياز، امر جليل سميت وقت جي سڀني وڏن ليکڪن انهن رسالن لاءِ لکيو، تڪراري ۽ قوميت جي موضوع تي مواد ڇپڻ جي ڪري طارق اشرف جيل ۽ سختيون به سٺيون، افسوس تڏھن به ٿئي ٿو جو ھن جن ليکڪن جا مواد ڇاپڻ سبب ڏکيا ڏينهن ڏٺا، جن تي شمارا/نمبر ڪڍيائين سي ساڻس جيل ۾ ڪڏهن ملڻ به ڪو نه آيا، جڏھن شاھدي ڏيڻ لاءِ دوستن کي اپيل ڪئي وئي ته صرف ظفر حسن کان سواءِ سنڌي اديبن مان ڪير به نه آيو، ان جو ذڪر ھن پنھنجي جيل ڊائري ۾ ڪيو آهي، وري به جس هجي فھميده رياض کي جيڪا آئي ۽ طارق اشرف جي حق ۾ بيان رڪارڊ ڪرايائين، طارق اشرف 22 مھينا جيل ۾ رهيو، ھن ھٿين ھٿڪڙول، جيل گذاريم جن سين ۽ جيل ۾ ٻاويهه مھينا (2 جلد) جي عنوان سان جيل ڊائري به لکي..

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!