Mai Bhaagi

 

 

 

 

 

 

 

سنڌ جي ڪويل مائي ڀاڳي جي 26هين ورسيء تي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي

مائي ڀاڳي – ٿر جي ڪويل

تحرير: محمد سليمان وساڻ

اڄوڪو ڏينهن 7 جولاء سنڌ جي عظيم لوڪ فنڪاره جيڪا ٿر جي ڪوئل جي نالي سان مشهور هئي مائي ڀاڳيء جي ورسيء جو ڏينهن آهي. سنڌ سلامت پاران سنڌ جي هن سريلي ڳائڻي کي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي.

ٿر جتي نازڪ دليون، جانٺا جسم ڏينھن جي سختين سامھون اڏول رات جي ٿڌڪار ۾ ڏھرن ۽ ڀٽن جي ڀر ۾ ڪنن تي ھٿ رکي ڪڏھن ٽيجون الاپين ته ڪڏھن ورساڙو ۽ ڪجلئي ٻول جا چئي پنھنجي اميدن ۽ آسن کي مظبوط ڪري ايندڙ اڀرندڙ سج سان سيني ساھڻ جون تياريون ڪن. زندگي نھايت سخت آھي تيز ٻرندڙ سج ۽ سالن جو سوڪھڙو مقابلي لاءِ ھر وقت موجود آھي ان ۾ زندگي کي ڏورڻ ۽ ان جي مشڪلن کي مڙس ٿي مقابل ٿيڻ جو احساس شامل آھي ۽ اھوجذبول تڏھن وڌيڪ وڻندڙ ۽ ھانو کي ٺاريندڙ لڳندو آھي جڏھن ٿر جي ٿڌين راتين ۾ پر انھين ڀٽن مان ڪوئل جي ڪوڪ وانگر ڪو اوچتو آواز اسرندو ھو ۽ اھو ڏھرن توڙي ڀٽن کي پنھنجن سرن ۾ سمائي سرھو ڪري ڇڏيندو هو.

تارن مان ترندي اچي، ڇپر مان ڇلندي اچي، دل ٻارو چل ٻارو چل پئي ڪري، دل ڪوهيارل ڪوهيارل پئي ڪري

مائي ڀاڳي 1920 ع ڌاري ٿر ۾ مٺي ڀرسان هڪ ننڍي شهر ۾ جنم ورتو. مائي ڀاڳي شروع ۾ پنهنجي ماء سان ڳوٺ جي ننڍين ننڍين محفلن، ۽ شادين ۾ ڳائيندي هئي. شڪل جي ڪوجھي ۽قد جي ننڍڙي ڪن تي ھٿ رکي ڳائيندي ھئي. سندس اصل نالو هو ڀاڳ ڀري، پر پوء سندس نالو مائي ڀاڳي سان مشهور ٿيو. پر جيئن جيئن وڏي ٿيندي وئي تيئن تيئن لوڪ گيت ياد ڪري پاڻ اڪيلي سر ڳائڻ لڳي، ماڻهو ڀاڳ ڀريءَ جي ڳائڻ کي وڌيڪ پسند ڪرڻ لڳا، سندس آواز ۾ ڏاڍو ميٺاج هو، جڏهن جهونگاريندي هئي ته ڪنهن ڪوئل جهڙو سوز ڏسبو هو. ڀاڳ ڀري گهٽ ڳالهائڻي هئي، اڪثر خاموش ويٺي هوندي هئي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ تنهائي ۾ ويهي چپ چوريندي هئي. ڀاڳ ڀريءَ کي پنهنجي ٿر سان ڏاڍو پيار هو.سدائين ٿري گيت ڳائيندي هئي.

ان سال مارئي جي ميلي ۾ ڀاڳ ڀري به سنبري ميلي ۾ ڳائڻ لاءِ، هي 1967ع جو زمانو هو، ڀاڳ ڀري ميلي ۾ پهتي ڪيترا ٻيا به لوڪ فنڪار آيل هئا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پروڊيوسر شيخ غلام حسين ۽ ممتاز مرزا به مارئي جي ميلي تي ريڊيو لاءِ گيت رڪارڊ ڪرڻ لاءِ آيو هو. جڏهن ڀاڳ ڀري آئي ۽ پنهنجو گيت شروع ڪيائين ته پروڊيوسر شيخ غلام حسين گيت ڳائڻ واري ان ٿري مائيءَ کي ڏسڻ لڳو، جيڪا پنهنجي گيت ۾ ٻڌندڙن کي موهت ڪري چڪي هئي، هن سادي پوشاڪ پهريل ڀاڳ ڀريءَ کي ڪجهه لمحا غور سان ڏٺو ۽ وري رڪارڊنگ ۾ لڳي ويو. جڏهن ڀاڳ ڀري ڳائي اسٽيج تان هيٺ لهي آئي ته شيخ غلام حسين هن ڏانهن ويو ۽ کيس چيائين! مائي ڀاڳ ڀري تنهنجو آواز ته ڏاڍو مٺو آهي، ريڊيو تي ڳائيندينءَ؟ ڀاڳ ڀريءَ اڌ منهن کي پوتيءَ سان لڪائيندي شرمائي چيو! ”نه ڪو! آئون هتي ئي ڳايان“ شيخ صاحب چيو! پر مان چاهيان ٿو ته تنهنجو هي سريلو آواز سنڌ جي هوائن ۾ گونجي، پوري سنڌ ٻڌي! ڀاڳ ڀري: مون کي سڻندي سنڌ! ريڊي (ريڊيو) تي! نه ڪو! آئون ڪونه وڃان شيخ غلام حسين: ڏس جڏهن تون ڳائيندينءَ ته ماڻهو ٻڌندا، تڏهن توکي خبر پوندي ته تنهنجي آواز ۾ ڪيترو سوز آ. پوءِ ڏسجانءِ ته سنڌ توکي ڪيئن ٿي ٻڌي. شيخ صاحب ڪيتري دير تائين کيس ريڊيو تي ڳائڻ لاءِ آماده ڪندو رهيو پر هوءَ ويچاري ايتري ته سادي هئي جو کيس اعتبار ئي ڪونه پئي آيو ته هوءَ ريڊيو تي ڳائي سگهي ٿي ۽ ماڻهو کيس پسند ڪري سگهن ٿا. شيخ غلام حسين کيس مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ ڀاڳ ڀري مسلسل انڪار ڪندي رهي. وڏي مشڪل سان هوء ريڊيو تي ائڻ لاء تيار ٿي ۽ سندس پهريون ڪلام “تارن مان ترندي اچي، ڇپر مان ڇلندي اچي، دل ٻارو چل ٻارو چل پئي ڪري، دل ڪوهيارل ڪوهيارل پئي ڪري“ جڏهن ريڊيو تان نشر ٿيو ته مائي ڀاڳي جي اوج جو چنڊ آسمان تي چوڏھين جيان چمڪڻ لڳو سنڌي سنگيت جي دنيا ۾ ڄڻ ته مڪمل طور تي انقلاب اچي ويو، ان ڪلام مقبوليت جا رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا.

مائي ڀاڳي به پنھنجي جواني گذاري حياتي جي پوئين پھر ۾ سنڌ جي راڳ جي آسمان تي اڀري اھو بنھه نئون ۽ اثرائتو انداز ھو، آواز ايڏو مٺڙو جو ماڻھونان جي جادو ۾ اصل گم ٿي ويا. سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪا اھڙي محفل ڪانه ھوندي ھئي جنھن ۾ مائي ڀاڳي شامل نه ٿيندي ھئي. جڏھن ھو اسٽيج تي ايندي ھئي ته ماڻھو جنون جي ڪيفيت۾ تاڙيون وڄائي سندس آجيان ڪندا ھئا ڪيترن موقعن تي ائين به ٿيو ته ماڻھو مائي ڀاڳي کي اٿڻ نه ڏيندا ھئا ھڪ ڪلام کان پوءِ ٻيون ٽيون چوٿون بس گيتن جو اڻکٽ سلسلو شروع ٿي ويندو ھو.

اوچتو مائي ڀاڳي تي اڌرنگ جو حملو ٿيو ھلڻ کان حيران ٿي پئي پر ڀٽ شاه تي يا ثقافت کاتي جي ڪنھن سڏ تي پاڻ کڻائي اچي پھچندي ھئي. انهن ڏينهن ۾ سندس ڀٽائيء تي چيل ڪلام “ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور، منهنجون تو پڄايون” گهڻو مشهور ٿيو. سندس آواز ۽ ڪلامن ٻڌندڙن جي رويي ۾ وڏي تبديلي آندي ڪيترن شاعرن ته سندس چيل طرزن تي شعر چيا ۽ وڏن وڏن ڳائڻن انھن ڪلامن کي مائي ڀاڳي جي طرز تي ڳايو ۽ مقبول ڪرايو ھن پنھنجي مختصر فني زندگي ۾ انھي شھرت جي ڪڏھن پرواه نه ڪئي، پنھنجي فقيراڻي رنگ کي ترڪ نه ڪيو. پيرن فقيرن سان عقيدت ھئس سمن شاھه جي مريد ھئي اڌ رنگ جي حملي کان پوءِ نھايت جذباتي شعر پاڻ چئي ڳايائين ته:

سمن سائين مان ته گولي غلام تنھنجي در جي

گهڙا ڀريندس دل سان

مائي ڀاڳي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر بلڪه پاڪستان کان به ٻاهر پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. سندس زندگي کان متاثر ٿي محترم عبدالقادر جوڻيجي هڪ ڊرامو ڪاروان پڻ لکيو هو جيڪو پي ٽي وي تي هلي چڪو آهي. مائي ڀاڳي 7 جولاء 1986ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو۔

سنڌي لوڪ سنگيت جو ھيءُ نھايت معصوم ۽ سريلو آواز اسان جي ٿر جي ڏھرن ۽ ڀٽن مان اسريو ۽ سنڌ جي سمورن ميدانن ۾ ڇانئجي ويو. سنڌ جي ماڻھن ھن آواز سان عشق ڪيو، ۽ کيس ايڏي شھرت ڏنائون جو ايتري ٿوري عرصي ۾ سنڌ جي ٻي ڪنھن آواز کي نه ملي. پاڪستان جي حڪومت سندس فن جي اعتراف ۾ صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي سان نوازيو. ھيءُ چنڊ جيئن آسمان تي اوچتو چڙھيو، تيئن ھڪ ڏينھن ماٺ ميٺ ۾ لھي به ويو سڄي سنڌ کيس رنو ۽ ياد ڪيو، سندس آواز ۽ صورت اسان وٽ محفوظ آھي.جڏن به سندس آواز ڪنن ۾ ٻرندو ته سنڌ وارا ھن امر آواز کي سڪ سان سڻي سھڻن لفظن ۾ مائي ڀاڳي کي ياد ڪندا رھندا.

حواله:

وساريان نه وسرن (ليکڪ : ممتاز مرزا)

سنڌي ثقافت جا امر آواز (ليکڪ : ڪمال ڄامڙو)

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

توهان لاءِ ڪجھ نئون

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!