Ali Nawaz Hajan Khan Jatoi

 

 

 

 

 

 

 

 

علی نواز حاجن خان جتوئی

11 جولاء 1914:  تاریخ ہیدائش

۔۔. .  ۔۔۔. . . .  ۔. 

سنڌ جي پنھنجي دور جي ھڪ بھترين استاد، تعليمي ماهر، محقق، شاعر، ليکڪ علي نواز حاجن خان جتوئيءَ 11 جولائي 1914ع تي پراڻا جتوئيءَ ۾ جنم ورتو، ھن مختلف ھنڌن تان ابتدائي تعليم ورتي، جڏهن ته مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين، ان کان پوءِ تعليم کاتي ۾ استاد ٿي ويو، ان دوران بمبئي يونيورسٽيءَ مان ئي بي ٽي ڪيائين، ورھاڱي کان پوءِ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان ٽريننگ ڪيائين، جلدي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان گريجوئيشن ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ماسٽرس ڪيائين، کيس سنڌي ۾ پهريون ماسٽرس ھئڻ جو اعزاز حاصل آهي، ڪجهه وقت هالا هائي اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو، جلدي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نئين قائم ڪيل سنڌي ڊپارٽمينٽ کي اسسٽنٽ پروفيسر طور جوائن ڪيائين، ترقي ڪري پروفيسر ۽ ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ ٿيو، کيس سنڌي ڊپارٽمينٽ جي پهرئين هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هئڻ جو به اعزاز حاصل ٿيو، سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر رھڻ دوران ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام علي الانا سميت سنڌ جا چوٽيء جا ليکڪ سندس شاگرد رهيا، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ لطيفي لهرون، علم اللسان سنڌي زبان، ويرون ۽ وهڪرا، مئيڪده مصطفائي وغيره شامل آهن، هن 29 سيپٽمبر 1996ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!