Ali Asghar Bhatti

 

 

 

 

 

 

 

 

ساھتي جا شاعر

اصلي نالو: علي اصغر ڀٽي

ادبي نالو:اصغر ڀٽي ڀريائي

ولديت : محمد عمر ڀٽي

جنم: 7اپريل 1968ع

جنم جو ھنڌ:ڏاتو منڱيو پنو

تعليم:بي ايس سي,بي ايڊ, ايم اي (سنڌي),ايم ايڊ

ذريعه معاش:ائسوسيئٽ پروفيسر

ادبي ابتدا:سال 1982 کان

ادبي سڃاڻپ: شاعري ,نثر,تحقيق, تنقيد ,مقاله,مھاڳ

ڇپيل ڪتاب : ۱.مرتب:سومرو حڪيم غلام محمد عرشي جي شاعري (ديوان عرشي)جي ترتيب شايع ٿيل

۲.انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ ساھتي جي بزرگن جون 62 بايو گرافيز شايع ٿيل

۳.ھئنيڙي سڄڻ ساريا ڪتاب ۾ 72 ادبي خط شايع ٿيل

اڻ ڇپيل ڪتاب: 79 سنڌي ڪتابن تي لکيل جامع انتقادياتي طويل مھاڳن تي مبني پنجن نثري ڪتابن جو مواد گڏوگڏ 2 اردو ڪتابن تي لکيل پيش لفظ

۲.شاعري ۾ پنجن 5 ڪتابن جو مواد

شاعري

دنيا کي سمجھڻ ۾ ڏاڍو, ذھنن دوکو کاڌو آھي،

بي سمجھ بري ٿي ويا سارا , سمجھن دوکو کاڌو آھي.

پھچي ٿو وڃي پيو حسن,ازل , مون تائين اوٽون اورانگھي,

توسان گڏ ھر ڀيري تنھنجي, پردن دوکو کاڌو آھي.

حالات تباھي ڏانھن نين ٿا,حال جي تبديلين تي ويتر,

مستقبل جي سارن سندر , سپنن دوکو کاڌو آھي.

اعتماد جو انڌو عمل ٿو رئاري, رت جا ڳوڙھا روز بروز ,

ھاء جو ظالم ماڻھن وٽ پي , سھڻن دوکو کاڌو آھي.

ھو ڪيئن حال پڇائي اصغر , ھو ڪيئن ساٿ نڀائي اصغر ،

ھن تائين پھچڻ کان پھريان ، لفظن دوکو کاڌو آھي

ھر ڪنھن جي ڪلھي تي ڪنڌ لاڙي روئي نہ سگھيس ٽھڪي نہ سگھيس,

 پر توکي ڏورئون ئي ڏسندي رھجي نہ سگھيس چپ ٿي نہ سگھيس ،

 دردن جي ڪفن ۾ غم ويڙھي ،سڏڪن ۾ مرڪون ساڻ کڻين،

 باذوق اڳيان گذري نہ سگھيس ، بد ذوق اڳيان رڪجي نہ سگھيس

شام جي سرخي مان نب ٻوڙي لکان

صبح جي اصغر افق ظاھر ٿئي

ڏات شل اونداه کي اندران ڪپي

چوطرف چانڊوڪڙي ٻاھر ٿئي

مونکي اجرڪ ۽ ٽوپي جو ڏئي واسطو

سوال اصغر پڇي ٿو موئن جو دڙو ،

ڇو تسلسل نہ آ ڇو نہ ٿي ارتقا!؟

پنھنجي تاريخ پڙھ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ دفعو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!