Amin Chandio

 

 

 

 

 

 

 

ساهتي جا شاعر

امين چانڊيو

نالو؛ امين چانڊيو

والد جو نالو؛ حاجي سونا خان چانڊيو

جنم؛ 1975ع

پتو؛ ڳوٺ ڪاريجا چانڊيا، مٺياڻي ضلع نوشهرو فيروز

نظم

آجپي جي جنگ پيو ٿو مان وڙهان، باهه جي ڄڻ مچ ۾ پيو هر پل سڙان

ڌرتي پنهنجي آهي مٺڙي ماءُ ڄڻ، هي غلامي گار گهرو گهاءُ ڄڻ

بي وفائن جو رهي راڪاس ٿو، رت پئي کائي يڪوئي ماس ٿو

زندگي ڇم ڇم نه ٿئي غم غم رهي، سوڳ ۾ ورتل سدا جم جم رهي

هر بهاري انتظاري ۾ رهي، مند پن ڇڻ بيقراري ۾ رهي

سازشن جا وار تي وار هن، سڀ ڏکن ۾ دربدر ٿيا يار هن

ڇانوَ نم جي نڪا بڙجي رهي، ڌرتتيءَ ڇانيل ڇو آرهڙجي رهي

بس اهائي آس ٿي من ۾ رهي، ڪنڌ جهڪائي ڇو هلون ٿا ماٺ ۾

درد ڇا لائي سڀ سهون ٿا ماٺ ۾، آزمائڻ مون کي پنهنجو پاڻ ڏي

سانوري تون ساهه کي سُرهاڻ ڏي، وقت سان حالات سان ڏيندس مٿو

روڳ جي هر رات سان ڏيندس مٿو بس جيئڻ جي آرزو آتي رهي

ڇونه ڀل پوءِ ڪنڌ تي ڪاتي رهي، قوم پنهنجي درد کان آجي ٿئي

ڇو دفن هن حال ۾ ماضي ٿئي آجپي جي جنگ ٿو ويٺو وڙهان

باهه جي ڄڻ مچ ۾ هر پل سڙان.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!