Deedar Hussain
” مري ٿين نه مات ”
نالو : ديدار حسين
ولد : فقير غلام قادر
ذات : (ڪماريو) ابڙو
ڄمڻ جو هنڌ : نائچ – ابڙا ڳوٺ لاڙڪاڻو
ڄمڻ جو سال : 1913 ع
وفات جو سال : 1973 ع
مدفون : ڀٽائي سرڪار جو لوڙھو – ڳوٺ نائچ / ابڙا لاڙڪاڻو
پاڻ اتر سنڌ جي مشھور صوفي بزرگ صوفي وريل فقير جن جا ڏوهٽآ هئا . ڪمال حد جا صوفي شاعر ٿي گذريا آھن پر سندس ڪلام وفات بعد محفوظ ٿي نه سگهيو .
سندس پوٽي هئڻ ناتي هي فرض مون مٿان عائد ٿئي ٿو ته ڏاڏا سائين جو ڪلام ڳولي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻيان جنهن لاء ڪوششون جاري آھن .
هڪ ڏوهيڙو ۽ ڪافي درگاھ صوفي وريل فقير جي ويراڳي فقير ايوب ابڙو جي ڳايل رڪارڊنگ تان هتي ونڊ ڪجن ٿا .
ڏوهيڙو
پرين ڪو پرچاء جو ڏي ڪو مون کي ڏس
هيڻي منهنجي حال تي ڪر ڪو ترت ترس
جڏو جيءُ جدائي ڪيو پاڻ اچي تون پس
ملڻ جي محبوب آ ڏاڍي سڪ سرس
جانب کٽج جس ڇڏ رسامي رنج کي .
ڇڏ رسامي رنج کي هر هر مون سان هس
آءُ ته ڳلي لائيانء جيئن هجي ڪوئي هّسُ
هاڻي آھي تنهنجو وس دلبر مل “ديدار” سان .
ڪافي
اهي محب نه ڪر تون ماڻا
اسين آھيون سخت وڳاڻا .
جاني