Imdad Hyder Solangi

ساھتي جا شاعر

اصلي نالو:امداد حيدر سولنگي

ادبي نالو:امداد سولنگي

ولديت:ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي

جنم:26 سيپٽمبر 1976

جنم جو ھنڌ:ڳوٺ حافظ خان محمد سولنگي تعلقو مورو

تعليم: ايل ايل بي

ذريعه معاش:وڪالت

ادبي سڃاڻپ:1.شاعري 2.تنقيد

ڇپيل ڪتاب.ماٺ جي موسم شاعري

اڻ ڇپيل ڪتاب:لاڪ ڊائون جي ڊائري/تنقيد مضمون

غزل

ھيل اسان  جي آڳر تي   آ خالي ڪرسي ئي ڳالھايو

تون به ھليو وئين ٽھڪ ڏئي ھاڻ اسان وٽ ڪو به نه آيو

چلھ تي چانھ ٺري وئي آ خالي ڪوپ پيا ھن ٽيري تي

آتشدان اجھامي ويو آ سردي ساھن کي سڏڪايو

نيھن ڀرئي نظريئي جا ماڻھون روز صليبن تي چاڙھيا ويا

گونگي ٻوڙي ٿي وئي ڌرتي ڪنھن به نه ڪنھنجو سڏ ورنايو

چانڊوڪي جي لھر نرالي تنھنجو روپ اڀاري آئي

تنھنجن اکڙين رڻ ۾ روليو گھورن تنھنجن ڪيڏو گھايو

ڪارونجھر جو مور مصور رڃ ۾ ويٺو نيڻ  وڃائي

ھر ٻاٻيھي ٻول ٻرايو ٿر تي ناھي بادل ڇانيو

  غزل

ڪارونجھر جو مور پڇي ٿو سچ جو شاعر ڪاڏي ويو

مون کان منُھنجو دور پڇي ٿو سچ جو شاعر ڪاڏي ويو

چانڊوڪيء جي رنگن جھڙا گيت لکيا جنھن ڌرتيء تي

طوفانن جو شور  پڇي ٿو سچ جو شاعر ڪاڏي ويو.

روز مرن ٿا  بک وگهي سانجهي ويلي ٿر ۾ ٻالڪ

اوباريل ڪو ڀور پڇي ٿو سچ جو شاعر ڪاڌي ويو

ُڪله ڦاسي گهاٽ وٺي ويا جنهن سنڌڙي جي شھزادي کي

سولي تي شھزور پڇي ٿو سچ جو شاعر ڪاڏي ويو

روز اچي ڪي ابنِ قاسم حملا ڪن ٿا سنڌڙيءَ تي

ديبل ۽ڀنڀور پڇي ٿو سچ جو شاعر ڪاڏي ويو

غزل

_______

ٿر آهـي جيئن اُڃين سانڍي رکيو.

عڪس تنھنجي کي اکين سانڍي رکيو.

وقت جي منصور کي ماريَن تڏهن،

گھاوَ شبليءَ جو گلن سانڍي رکيو.

تون مسافر وئين مٽي ڪي سال ٿيا،

ياد جو صندل سکين سانڍي رکيو.

ڪو به ڪارونجھر گڏيو توکي نه ڪٿ،

مور جھڙو تو بدن سانڍي رکيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!