Jaffar Shah

1 min read

 

 

 

 

 

 

 

ساھتي جا شاعر

نالو: جعفر شاھ

ادبي نالو: جعفر شاھ

والد: فقير محمد شاھ

جنم ڏينهن: 01-07-1958

ڪرت: پرائيويٽ نوڪري

ادبي سڃاڻپ: عارفانہ شاعري/ گائڪي

تعليم: مئٽرڪ

ڇپيل ڪتاب: ڪوبه نه

اڻ ڇپيل: 6 ھزار ڪلام

رھائش: ابجي خير محمد سھتو، مٺياڻي، نوشھروفيروز

رابطي لاء: 03068312964

شاعري

ڪيان ٿو ڳالھ سچي، لڪ خفا ٿي ٿو وڃي

ھڻان ٿو ڪوڙ ته ناراض خدا ٿي ٿو وڃي

ڏسان ٿو باھ ھڪ طرف ته ٻئي طرف پاڻي آ

ڪيان ٿو صبر ته جعفر شاھ بچاءُ ٿي ٿو وڃي

انسان ٿي ھل ڪنھن ڏانھن مدائي ديد ڪرڻ جي آس نه ڪر

ڪڏھن دشمن کي غمگين ڏسي، تون عيد ڪرڻ جي آس نه ڪر

الفت ۾ وڪل کي دولت سان خريد ڪرڻ جي آس نه ڪر

جعفر شاھ بن اصلاح ڪنھن تي تنقيد ڪرڻ جي آس نه ڪر

باھيون برھ جون ڀڙڪن ٺاريو توھان جي مرضي

ٻرندي تي تيل ويتر ھاريو توھان جي مرضي

جعفر شاھ ڪيئن ڪريان ويلو نه ٿو ھلي ڪو

جيئرا مئل کي ساريو، وساريو توھان جي مرضي

سمجھن ٿا ثواب ڪانڌو ڏيڻ لاش کي

زنده کي تڪليف ۾ کڻڻ کان حجاب

آھن صفا ٿورڙا، احساسي اوصاف

جعفر شاھ شتاب، ڪي ڪي خدمت خلق ۾

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!