Makesh Soomro
ساھتي جا شاعر
ميڪش سومرو
نالو: عبدالرزاق
ادبي نالو: مئڪش سومرو
والد جو نالو: حسين بخش
جنم ڏينهن: 1جون 1975
رھندڙ: مورو
تعليم: گريجوئيٽ
ڪرت: مزدور
ادبي سڃاڻپ: شاعر
ڇپيل مواد: گڏيل شعري مجموعو (موکي مٽ اپٽيا ) 2005
اڻ ڇپيل مواد: 4 ڪتاب
شاعري
نقطہ چيني ڀلي رکو يارو
مان اچان ٿو ڳلي رکو يارو
گُھٽَ ٻوساٽ کان رھو ٻاھر
جيءَ ۾ ڪا جَھلي رکو يارو
وقت جي سرخرو ضميرن تي
گل ھِنئين سان ھلي رکو يارو
حِرفتون بي پناھ ٿا پاليو
دل نه ايڏي دَلي رکو يارو
مئي سواء ڀي مزاج ۾ مستي
ٽُن ٽُناٽن ٽلي رکو يارو
او ڪَلا جا ڪَلالَ موٽي آ
شاعراڻا خيالَ موٽي آ
زندگي ٿي صليب لئـ سَنڀري
اي مسيحائي حالَ موٽي آ
رقص احساس جو ڪيان هر پَل
مون ۾ سُر ساز تالَ موٽي آ
هيکلائي لڳي مڌوشالا
۽ پياڪي بـ خالَ موٽي آ
هر گهڙي پاڻ تي ڪيان تبرو
ماڻهپا! باڪمالَ موٽي آ
ڏور تائين بـ ڏيکَ بدصورت
خوبصورت مثالَ موٽي آ
مونکي ڏين يا نـ ڏين جواب خُدا
مان رکان ٿو سوالَ موٽي آ
مرڪزي خيال زندگي تنهنجو
آ، برو حال زندگي تنهنجو
گهر ۾ سامان سڀ ڀري سگهبو
پر نـ ڪو خال زندگي تنهنجو
ماڻهو روبوٽ ٿي ويا آهن
ڪيئن پيو ڪال زندگي تنهنجو
تنهنجي ئي ڪورٽ ۾ ڪريو اڪثر
اُڇلي