Mukhtiyar Ahmed Mallah

سنڌ جي تاريخ جو هڪ وڏو تعليمدان – راءِ بهادر ديوان پريمچند آوتراءِ جهانگياڻي

مختيار احمد ملاح

برطانوي راڄ ۾ جن سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ سکيا ۾ وڏو نالو ڪمايو، انهن ۾  هڪ  نالو راءِ بهادر ديوان پريمچند آوتراءِ جهانگياڻي جو به آهي. ديوان پريمچند 9 سيپٽمبر  1867ع  تي حيدرآباد ۾ ڄائو ۽ شروعاتي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪري،  ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ   جي اوائلي شاگردن مان، جن  1888ع ۾  گريجوئيشن ڪئي. ان بعد  اسسٽنٽ ماستر هاءِ اسڪول جي حيثيت ۾ تعليم کاتي ۾ گهڙيو ۽ ترقي ڪندي  اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ٿيو. 1903ع ۾ سنڌي، گجراتي، مرهٽي وغيره ٻولين جي درسي ڪتابن جي قائدي قانون پٽاندر جوڙڻ ۽ ۽ نظرثاني ڪرڻ لاءِ بمبئي سرڪار بمبئي صوبي جي ماهر تعليم ۽ ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن مسٽر جي. وي ڪورنٽن ، جيڪو ان وقت ٽيڪسٽ بوڪ رويزن ڪاميٽيءَ جو انچارج پڻ هو، کيس اهو ڏکيو ڪم سونپيو. ان وقت سنڌ جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر اي. جي. رائيٽ هو. سنڌ جي تعليم کاتي، ان وقت جي ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مرزا صادق علي بيگ بجاءِ، اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشن انسپيڪٽر ديوان پريمچند آوتراءِ جهانگياڻي کي چونڊي نون درسي ڪتابن لکڻ تي مقرر ڪيو. انهيءَ ڪم لاءِ ٻه سال پوني ۾ رهيو. سندس ترميم ڪيل درسي ڪتاب 1940ع تائين هلندا رهيا، انهن کي بعد ۾ سنڌ جي ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽي سنواري، سڌاري ۽ وڌائي شايع ڪيو، ته سنڌي پريس، سول سوسائٽيءَ ۽ ادبي حلقن ۾ وڏي هلچل مچي وئي، جيڪو تمام وڏو بحث آهي.

 اڳتي هلي  اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ جو 1910ع کان 1912ع تائين هيڊ ماستر ٿيو، جتان پنهنجي قابليت ۽ سينئارٽيءَ سبب 1912ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد جو پرنسيپل مقرر ٿيو، جتي ڏهه سال خدمتون سرانجام ڏئي، 1922ع ۾  پينشن ورتائين. هن صاحب پنگتي سڌارن ۽ ڪرڪيٽ ۾ گهڻو بهرو ورتو. پينشن تي وڃڻ کان پوءِ به هندو سوشل رفارمر ايسوسيئشن جو سربراه رهيو. هن شاگردن جي ڀلائي لاءِ ذاتي پيسن سان هڪ فنڊ قائم ڪيو، جنهن جي اپت مان هر سال ٽريننگ ڪاليج جي غريب شاگردن کي وضيفو ڏيندو هو. هن وقت اهڙا استاد شايد ئي سنڌ ۾ ملن. سنڌ سرڪار سندس تعليمي خدمتن جي عيوض راءِ بهادر جو لقب عطا ڪيو.

 ان دور ۾ ديوان ڏيارام گدومل جي جوڙيل ٽرسٽ تي ڪيترائي اسڪول هلندا هئا، جن ۾ دونهين گهٽيءَ وارو اسڪول، لالواڻي گهٽيءَ وارو اسڪول، چنديراماڻي گهٽيءَ وارو اسڪول، کيانتي ٽنڊي وارو اسڪول ۽ جواهرين جي گهٽيءَ وارو اسڪول هئا، جن جو مئنيجر پنگتي سڌار سڀا جا ديوان خانچند هو. ديوان خانچند 1924ع ۾ سرڳ پڌاريو ۽ انهيءَ کانپوءِ راءِ بهادر ديوان پريمچند آوتراءِ جهانگياڻي پينشن وٺڻ بعد انهن اسڪولن جو مئنيجر ٿيو.

 ديوان پريمچند ٽريننگ ڪاليج جي شاگردن لاءِ ”استعمالي تعليم“ نالي ه نهايت سٺو ڪتاب به لکيو، جيڪو ڪاليج ۾ درسي ڪتاب طور ڪم ايندو هو. هن ڪتاب ۾ اسڪولي نظام جي بنيادي معاملن جهڙوڪ ٻار، ڪلاس، ماستر، هيڊ ماسستر، سزائون، انعام، سکيا جا رستا، سبقن جا نوٽ، شين بابت سبق، پڙهڻ، درسي ڪتاب، لکڻ، ، مضمون، ويا ڪرڻ  يا گرامر، جاگرافي، تاريخ، انگي حساب، سائڪالاجي، دستڪاري جي تعليم وغيره  جهڙن موضوعن کي زير بحث آندو آهي. سندس ٻيو ڪتاب ”هندستان ۾آڳاٽو تعليمي نظام“ 1921ع ۾ شايع ٿيو،  جنهن ۾ قديم هندستان جي تعليم جو تاريخي پسمنظر بيان ڪندي سکيا جا طريقا ٻڌايا آهن.  ان کان سواءِ، ديوان پريمچند، ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد مان جاري ٿيندڙ  اخبار تعليم رسالي  جو  ڏهه سالن تائين ايڊيٽر رهيو ۽ ڪيترائي تعليمي ليک لکيائين.  سنڌ جو نالي وارو هيءُ تعليمدان  1933ع ۾ سرڳواس ٿيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!