Ustad Goband Mallhi

 

 

 

 

 

 

 

استاد گوبند مالهي

ھنڌ ۽ سنڌ جي نالي واري ليکڪ، ڪھاڻيڪار، مترجم، محقق، ناول نگار گوبند مالهي 5 آگسٽ 1921ع تي ٺارو شاھ ضلعي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو، شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، شاگردي واري زماني کان ئي حشو ڪيولراماڻي ۽ ٻين سان گڏ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيائين، نئون رسالو ”نئين دنيا“ جي عنوان سان شروع ٿيو ته ان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، ان جو اجراء انڊيا مان به جاري رهيو، ان رسالي سنڌي ادب کي ڪيترائي ليکڪ ڏنا، ان رسالي ھڪ تحريڪ جو ڪم ڪيو، منجھس ڇپجندڙ ڪھاڻين کي پوءِ ”ريگستاني ڦول“ جي عنوان سان مجموعي طور شايع ڪيو ويو، جنهن کي گوبند مالهي ئي ترتيب ڏئي ڇپرايو، گوبند مالهي ورھاڱي کان اڳ ئي قانون جي ڊگري حاصل ڪئي، جنھن کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽي ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، سنڌي ترقي پسند ليکڪن جي تنظيم جو بنياد وڌائين، ان جو به جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، گربخشاڻيءَ جي اڳواڻي ھيٺ سنڌي ادبي سرڪل جو بنياد رکڻ ۾ به ھن جو ڪليدي ڪردار رهيو، ان جي گڏجاڻين ۾ شيخ اياز، نارائڻ شيام، ارجن شاد سميت مختلف ليکڪ شريڪ ٿيندا هئا، گوبند مالهي جو سڀني کان پهرين ناول ”آنسو“ ڇپيو، گوبند مالهي جو ٻيو ناول ”زندگي جي راهه تي“ ڇپيو، ٽيون ناول ”جيون ساٿي“ ڇپيو، ان کان پوءِ هن جا ناول ”پيار جي پياس“، ”من جو ميت“ ۽ ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“، ”شرم ٻوٽي“، ”ڏيهي ٿيا پرڏيهي“ ڇپيا، ان کان پوءِ سندس ٻيا ناول به ڇپيا، گوبند مالهي ترجما به ڪيا، جن ۾ ڪھاڻيون ۽ ناول به شامل آهن، ناٽڪ به لکيا، گوبند مالهي ”سنڌي ٻولي سڀا“ جو به بنياد وڌو، سندس ڪھاڻين جا مجموعا ”اها به آکاڻي آهي“ ۽ ”اڳتي قدم“ جي عنوانن سان ڇپيل آهن، ان کان سواءِ آتم ڪٿا سميت ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، ھن 10 فيبروري 2001ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!