Anita Ghulam Ali

1 min read

 

 

 

 

 

 

 

انیتا غلام علی

یوم وفات.  8 اگست

سنڌ جي مشهور تعليمدان، سماجي اڳواڻ انيتا غلام علي 2 آڪٽوبر 1934ع تي ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ھڪ مشهور علمي ادبي گهراڻي جي مشهور شخصيت، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج، جسٽس فيروز علي نانا جي گهر ۾ جنم ورتو، جڏهن ته ھن جي ماءُ سنڌ جي مشهور علمي ادبي شخصيت مرزا قليچ بيگ جي ڌيءَ ھئي، انيتا غلام عليءَ سينٽ لارنس اسڪول ڪراچي، سنڌ يونيورسٽي، ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي، ھن ماسٽرس مائڪرو بائلاجيءَ ۾ ڪئي ھئي، ان کان پوءِ مختلف ڪاليجن ۾ درس تدريس جو ڪم شروع ڪيو، ڪاليج ٽيچرز ائسوسيئيشن سنڌ جي صدر، مختلف ڪميٽين جي ميمبر رهي، ڪجهه وقت ريڊيو پاڪستان تي انگريزيءَ ۾  خبرون پڙهيائين، انيتا غلام علي سٺي ليکڪـا به ھئي، مختلف موضوعن تي مضمون لکيائين، مختلف بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪئي، تعليم سميت مختلف کاتن جي نگران وزير رھي، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيش SEF جي سربراهه رهي، کيس حڪومت پاڪستان پاران صدارتي تمغہ برائي حسن ڪارڪردگي ۽ ستاره امتياز سان نوازيو ويو، ھن 8 آگسٽ 2014ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!