Fiyaz Dahari
ساهتيءَ جا شاعر
فياض ڏاھري
اصلي نالو؛ غلام حسين ڏاھري،
ادبي نالو؛ فياض ڏاھري،
ولديت؛ روشن علي ڏاھري،
جنم؛ 5 جنوري 1971
جنم جو هنڌ؛ ڳوٺ محمد ڇٽل ڏاھري لڳ دربيلو تعلقو ڪنڊيارو ضلع نوشھرو فيروز سنڌ،
تعليم؛ بي اي سنڌ يونيورسٽي
ذريعه معاش؛ خانداني زمين زمينداري ۽ سرڪاري نوڪري پوليس انسپيڪٽر
ادبي ابتدا؛ 1989،
ادبي سڃاڻپ؛ شاعر،
ڇپيل ڪتاب؛ ”آلا نيڻ بھارن جا“ 2006 ۽ ”ھئنگ اوور“ 2016
اڻ ڇپيل ڪتاب؛ 1) ”تون ۽ مان جڳن جي ڪٿا“ 2) گيتن جو مجموعو 3) غزلن جو مجموعو 4) نظم ۽ ہيت وايون 5) ناول اڻپورو
ٽلٽيءَ مٿان چنڊ
چنڊ ٽلٽيءَ جي مٿان آهه اڀو،
رات جا وار لڳن ٿا ڀورا،
چشم بينا مان ٽميا جي ڳوڙها،
ڪوئي اهڃاڻ بڻي ٿا ٽمڪن،
اڀ تي دور ستارن وانگي،
ماٽ جي ڇاٽ ۾ مستي ٿي ڇُلي،
پنڊ پاهڻ ٿي لڳي ڀونءِ سڄي،
ڪوئي آواز يا آواز جو ڀڻڪو ڪوئي،
رات جي سانت کي چيري ٿو وجهي،
ڄڻ ته مخدوم بلاول جي هڏن جا ٽڙڪا،
مئل احساس جيئارڻ خاطر،
جاڳ جو مينهن بڻي ڀونءِ تي برسيا آهن،
درد هيڪاندو اجهو ٿيڻو آ،
ننڊ تي وار وڏو ٿيڻو آ،
رات کي مات اوس ملڻي آ،
چنڊ ٽلٽيءَ جي مٿان آهه اُڀو،
غزل
پيار پنڇڻ کي نشيلو پئي ڪيو،
سونھن ساوڻ کي نشيلو پئي ڪيو،
باک تائين تنھنجي جوڀن مھڪندي،
زرد آسڻ کي نشيلو پئي ڪيو،
ھن سنواريا وار وڻ جي آڙ ڏئي،
ڇانوري وڻ کي نشيلو پئي ڪيو،
پير تنھنجا جيئن چراگاھن چميا،
ھر قدم ڌڻ کي نشيلو پئي ڪيو،
سرد مند جي ڀاڪرن ۾ پاڻ ٻئي،
برف ٻارڻ کي نشيلو پئي ڪيو،
جيئن نچي مقتل پڳا ڳڀرو فياض،
رقصَ تيئن رَڻَ کي نشيلو پئي ڪيو.
غزل
نيڻ ايئن راھ ۾ رکي تہ نہ وڃ،
درد جو ذائقو چکي تہ نہ وڃ،
شل وھيءَ جي وھاٽ مان نڪرين،
نينھن جي نانگ کان ڪکي تہ نہ وڃ،
پل پيا جي پچار ۾ ڪاٽيون،
ھجر جي رات آ سکي تہ نہ وڃ،
ڀاڪرن جي بھار مان نڪري،
پنھنجي پڇتاءَ سان ٻکي تہ نہ وڃ،
پيار پن ڇڻ جي مند آھہ فياض،
چاھ جي باھ ۾ بکي تہ نہ وڃ،