Dr. Roshan Golani

 

 

 

 

 

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جون علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪاوشون

سنڌي ٻولي، جيڪا ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ ڳالهائي ويندي هئي، اها هن سياسي تبديليءَ ڪارڻ پوءِ انڊيا جي علائقن تائين پکڙجي وئي. لڏي ويندڙ سنڌي هندن تاريخي ڪارنامو اهو سرانجام ڏنو، جو هنن اتي نه فقط پنهنجي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ علمي، ادبي ۽ تحقيقي گل وڏا، پر انڊيا جي ٻين ڪيترين ٻولين جيان سنڌيءَ کي قانوني ۽ آئيني حق وٺي ڏنو. انهيءَ حوالي سان هو سنڌ واسين کان گوءِ کٽي ويا، ڇو ته سنڌي ٻولي پاڪستان ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو وٺي نه سگهي.

انڊيا جي سنڌي هندن ذريعن وسيلن جي کوٽ هئڻ باوجود اتي سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي جهڙوڪ ٽئين دنيا قائم ڪري ورتي: ڪيترا ادبي ادارا جوڙيا، ڪيترا سميلن سڏايا، اخبارون ۽ رسالي ڪڍيا ۽ سنڌ واسين سان به وڏي شدت خواهه اڪير سان علمي ۽ قلمي ناتا جوڙي رکيائون. اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين قائم ۽ دائم آهي.

هندستاني سنڌين علم ادب ۽ تحقيق جي حوالي سان ڀليءَ ڀت پاڻ نڀائيو آهي. شايد ئي ڪو اهڙو ادبي شعبو هجي، جنهن ۾ چئجي ته هو سنڌ واسين کان پٺتي آهن. جس هجي هنن جوڌن کي جن ٻوليءَ جي حوالي سان ۽ ثقافت جي حوالي سان مثالي ڪم ڪري ڏيکاريو آهي ۽ انهن کي بچائڻ جا ڀرپور جتن ڪيا آهن. جيتوڻيڪ هنن اڳيان هڪ وڏو چئلينج ڪر کڻي اچي رهيو آهي. اهو هيءُ آهي ته سندن ايندڙ نسل آهستي آهستي لکڻ پڙهڻ واري سنڌيءَ کان پري ٿيندم پيو. شايد ڪو اهڙو وقت اهڙو به اچي جو اها گهرن ۾ فقط ”ڳالهائيجندڙ ٻولي“ جي حيثيت ۾ وڃي بچي. هاڻي اهو ڪم انهن مائرن ۽ ڀينرن جو آهي، جن جون گودون درگاهن جهڙي اهميت رکن ٿيون.

انڊيا ۽ پاڪستان کي قائم ٿئي مني صدي ٿيڻ واري آهي. ستر سالن ۾ انڊيا جي صدين اهم علمي ۽ قلمي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. تحقيق جي دنيا ۾ هاڻي سنڌ توڙي هند هڪٻئي سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ڏيکاريو آهي. جيئن نئين سج سنڌ ۾ ڊاڪٽر ٿيندا رهن ٿا، تيئن هند ۾ هاڻي انهن جو انگ وڌندو رهي ٿو. ٿيڻ ائين گهرجي ته سنڌ ۽ هند ۾ هڪ ئي وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ڊاڪٽرن جو احوال ۽ سندن پي ايڇ ڊيءَ جي مقالن جو تفصيل گڏ ٿيندو رهي، ته جيئن خبر پوي ته سنڌ ۾ ڪهڙن موضوعن ۽ مضمونن تي تحقيق ٿئي ٿي ۽ هند ۾ انهيءَ ميدان ۾ ڪهڙو ڪم ٿي رهيو آهي.

مان جڏهن ڊاڪٽريءَ لاءِ تحقيق ڪندو هئس ته هند جي جن اديبن ۽ ليکڪن سان لاڳاپو پيدا ٿيو، انهن مان منگهارام ملڪاڻي، پروفيسر پوپٽي هيرا ننداڻي، هوند راج بلواڻي، هوند راج ”دکايل“، جمهون ڇڳاڻي، موتي پرڪاش، گنگارام سمراٽ ۽ ڄيٺو لالواڻي جا نالا ذڪر لائق آهن. انهن دوستن سان جا خط و ڪتابت ٿي، اها مون ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ هفتيوار اخبار ”آزاد“ ۾ ”پرڏيهي عالمن جا خط“ جي سري هيٺ قسطوار شايع ڪرائي هئي. مون کي ياد اچي ٿو ته ڄيٺو لالواڻيءَ منهنجو هڪ تحقيقي مضمون ”هند ۽ سنڌ جون ناٽڪ منڊليون“ پنهنجي رسالي ۾ شايع ڪيو هو. هن مضمون ۾ مون لڳ ڀڳ سنڌ ۽ هند جي هڪ سئو ناٽڪ منڊلين جو تفصيل ڏنو هو. منهنجي لاءِ اها وڏي خوشيءَ جي ڳالهه هئي، جڏهن ته خبر پئي ته ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن جي موضوع تي پي ايڇ ڊيءَ لاءِ مقالو لکي ڊگري حاصل ڪئي آهي. اڄ اهو ڪتاب، يعني ”ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جي ڪم جو تنقيدو جائزو“ منهنجي هٿ ۾ آهي.

جس هجي ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ کي، جنهن وڏي محنت ۽ جاکوڙ کانپوءِ هڪ بهترين ۽ ڀرپور تحقيقي مقالو لکيو آهي. هن انهيءَ تحقيقي ڪم لاءِ جيڪي مددي ڪتاب پڙهيا آهن، اخبارن ۽ رسالن جا ورق ورايا آهن، تن جو تفصيل ڪتاب جي آخر ۾ ڏنو اٿس. بي فور سائيز جي 262 صفحن تي ڇپيل هن ڪتاب ۾ 248 صفحن جو متن ڏنو ويو آهي ۽ ان کانسواءِ 5 ضميما پڻ شامل ڪيا ويا آهن.

ڊاڪٽر مرليڌر جيٺلي، هيري ٺڪر، ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي، ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي ۽ ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي هن تحقيقي پورهئي تي ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ کي جائز ۽ مناسب واکاڻيون ڏنيون آهن.

ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جو هي تحقيقي مقالو ستن بابن تي مشتمل آهي، پهرين باب ۾ تحقيقڪار ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي جيون ۽ شخصيت تي روشني وڌي آهي. ٻي باب ۾ سندس لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جو تحقيقي جائزو ورتو آهي. ٽي باب ۾ ”ڪهاڻيءَ“ کي موضوع بڻائي ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي ڪهاڻين ۾ ڪٽنب ۽ سماج جو چٽ چٽيو آهي. اهڙي نموني سان چوٿين باب ۾ ساڳئي ريت سندس مضمونن جو مطالعو ڪري سنڌين جي سماجي مسئلن جو اپٽار ڪيو ويو آهي. ساڳئي صورت پنجين باب جي به نظر اچي ٿي، جنهن ۾ ڄيٺي لالواڻيءَ جي”ناٽڪ“ نگاريءَ جو مطالعو ڪري سنڌي سماجي جا عڪس نمايان ڪيا ويا آهن. ڇهين باب ۾ ٻاراڻي ادب ۽ ستين باب ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي ٿيل ترجمن جو ساڳئيءَ ريت مطالعو پيش ڪيو آهي.

ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي لوڪ ادب، ڪهاڻي، مضمون نويسي، ناٽڪ نگاري ۽ ٻاراڻي ادب کان علاوه گجراتي ۽ هندي ادب مان کوڙ ترجما ڪيا.ان کان علاوه هو مختلف مخزنن ۽ رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. شري ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ پنهنجي هن مقالي ۾ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي انهيءَ علمي ۽ قلمي پورهئي کي به نظر ۾ رکيو آهي ۽ کيس هڪ اخبار نويس ۽ سپادڪ ۽ ڪالم نگار جي حيثيت ۾ سهڻي نموني سان مانوس ڪرايو آهي.

سنڌ ۾ اها روايت رهي آهي ته هو شخصيتن تي تحقيقون ڪرائين ٿا پر اهو ڌيان ۾ رکن ٿا ته سرڳواسي شخصيتن تي ئي ڪم ٿيڻ گهرجي. هن مقالي پڙهڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هند ۾ اها روايت ڪانهي ۽ اتان جا علم ڌڻي يا قلم ڌڻي پنهنجي زندهه شخصيتن جو قدر ڪري ڄاڻين ٿا ۽ انهن جي قدرداني ڪن ٿا.

ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ مون کان عمر ۾ ٻه مهينو وڏو آهي، هو 8 مارچ 1945 ع تي ڪنڊياري ۾ ڄائو، هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ لڏي وڃي احمد آباد ۾ رهيو. شايد ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جي ڪا مونسان محبت ۽ نسبت هئي جو اتان منهنجو ڪتاب ”جو ڪيو مطالعو مون“ شايع ڪيو ويو هو، جنهن جي بيڪ ٽائيٽل تي سنڌ ۽ هند جي عالم، محقق ۽ تاريخدان گنگارام سمراٽ مون بابت ۽ منهنجي قلمي ڪاوش بابت تفصيلي سان لکيو هو. اڄ اها ئي ساڳئي نسبت ۽ محبت آهي جو آئون احمد آباد جي مکڻ ماڻهو ۽ محقق ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي حوالي سان ٿيل تحقيقي پورهئي تي ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ کي مبارڪون ڏئي رهيو آهي.

ڊاڪٽر روشن گولاڻي 1972ع ۾ احمد آباد ۾ ڄائو، پاڻ هن دور جي مک ليکڪن، مترجمن ۽ آرٽسٽن مان هڪ آهي. هن اسان جي يار 1985ع کان وٺي 2012ع تائين ڪيترا ايوارڊ پڻ کنيا آهن ۽ مون کي خبر نه آهي ته منهنجو سندس شان ۾ ۽ مان ۾ لکيل هيءُ چند سٽون به هن لاءِ ڪنهن ايوارڊ جي حيثيت رکن ٿيون يا نه! مون من ۾ محبت پائي دوست جي قلمي پورهئي بابت رندها روڙيا آهن، شال قبول پون. هن جي تحقيقي مقالي پڙهڻ کانپوءِ مون پي ايڇ ڊي جي سپروائيزر ۽ سينيئر محقق جي حوالي سان جيڪا راءِ قائم ڪئي آهي، ان کي مختلف لفظن ۾ هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته ”ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جو هي قلمي پورهيو تحقيقي طريقن ۽ اصولن جي مطابق آهي. تحقيق جي فن جي تقاضائن کي هن بهترين نموني سان پورو ڪيو آهي ۽ سندس هيءُ تحقيقي پورهيو اسان جي اڳ واري معلومات ۾ اضافي جو سبب بڻجي ٿو، هن کيرون لهڻيون ۽ مان کيس اهڙي ڪارنامي سرانجام ڏيڻ تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.

آئون آخر ۾ هيءَ صلاح ڏيندس ته هند ۾ ٿيندڙ تحقيق تي سنڌ ۾ تنقيدي مذاڪرا ٿين ۽ اهڙا ورڪشاپ سڏايا وڃن، جن مان اتي ٿيل ڪم جو جائزو ورتو وڃي ۽ اتان جي تحقيقيڪارن کي جائز جس ڏني وڃي. ساڳئيءَ ريت سنڌ ۾ جيڪو تحقيقي پورهيو ٿئي ٿو، اهو وري هند ۾ ساهتيه اڪيڊميون ۽ ادارا سميلن ۽ مذاڪرا سڏائي ان ڪم جو جائزو وٺن. اهڙيءَ ريت سنڌ توڙي هند ۾ ”تحقيق“ جي نالي سان ڪو اهڙو رسالو شايع ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ سنڌ توڙي هند ۾ ٿيندڙ تحقيقي سرگرمين جي ڄاڻ ڏني وڃي ۽ تحقيقي مقالن جا جائز پيش ڪيا وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

توهان لاءِ ڪجھ نئون

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!