Asad Wastro
1 min read
اسد وسطڙو
نالو؛ ولي محمد
والد جو نالو؛محمد قاسم وسطڙو
ادبي نالو؛ اسد وسطڙو
جنم تاريخ؛ 7 -7 – 1972ع
تعليم؛ ايم اي سنڌي، بي ايڊ
پتو؛ ڳوٺ يونس وسطڙو تعلقو ڀريا
وائي
اسد وسطڙو
اسانجون جنتون جانان
تنهنجي ديدار يار ۾ آهن
سنڀالي جي رکيون هيون
چريون سي چاهتون جانان
تنهنجي ديدار يار ۾ آهن
ندوري دل جون گهرايون
ها هي وسعتون جانان
تنهنجي ديدار يار ۾ آهن
ڀلائڻ سان نه ڀلجن ٿيون
موڳيون محبتون جانان
تنهنجي ديدار يار ۾ آهن
سوين آسون اندر ۾ هن
ڪروڙين قربتون جانان
تنهنجي ديدار يار ۾ آهن
نهوڙيو نينهن تنهنجي آ
ڪٿي هن راحتون جانان
تنهنجي ديدار يار ۾ آهن
اسان جي ڪل ساهن جون
سموريون ساعتون جانان
تنهنجي ديدار يار ۾ آهن
غزل
روح کي ڏنئه روڳ جا سلسلا
ساهه پنهنجا بنيا سوڳ جا سلسلا
اسان ته تو مٿان جان وارڻ جي ڪئي
موٽ منهنجي هئي ڀوڳ جا سلسلا
دور ڇو ٿئين ڪجهه ته ٻڌاءِ ني
ڇو نه جوڙيئه سنجوڳ جا سلسلا
تون وئين ته پاڻ ورتوسين ويراڳ
ائين جڙي پيا بس جوڳ جا سلسلا