Ibrahim Joyo
1 min read
FIFTY YEARS AGO, I WROTE ABOUT MUHAMMAD IBRAHIM JOYO. IT WAS PUBLISHED IN “AZAD” OF KARACHI.
– فيبروري 1981 ع
(محمد ابراهيم جويو )
جناب محمد ابراهيم ولد محمد خان جويو 13 آگسٽ 1915 ع تي ڳوٺ آباد ۾ ڄائو ، ابتدائي چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ لڪيءَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ اتي ڇهين درجي سنڌيءَ تائين تعليم ورتائين .انگريزي تعليم “اي- وي- اسڪول’’ سن ۽ “سنڌ مدرسي’’ مان ورتائين . 1934 ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ جويو صاحب “ڊي – جي سنڌ ڪاليج’’ ڪراچي ۾ داخل ٿيو ، جتان 1938 ع ۾ بي- اي ڪيائين . گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ جويئي صاحب “سنڌ مدرسي’’ ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجي ملازمت جو آغاز ڪيو . انهي ئي ملازمت دوران 1940 ع ۾ بمبئي مان بي – ٽي جو امتحان پاس ڪري آيو . ورهاڱي کان ڪجهه وقت “سنڌ کي بچايو ، ننڍي کنڊ کي بچايو’’ نالي انگريزي ۾ ڪتاب لکيائين . وطن دوستيءَ جي انهيءَ جذبي پنهنجي ملازمت تان هٿ کڻايا . ورهاڱي کان پوءِ 1948 ع ۾ جويو صاحب “ميونسپل هاءِ اسڪول’’ ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيو .جڏهن وقت جي سرڪار انهيءَ اسڪول کي تحويل ۾ ورتو کيس “ٽرينگ ڪاليج فارمين’’حيدرآباد ڏانهن بدلي ڪيو ويو ، جتي 1951 ع تائين ڪم ڪيائين . انهيءَ کان پوءِ مارچ 1954 کان وٺي فيبروري 1961 ع تائين “سنڌي ادبي بورڊ’’ جو سيڪريٽري ٿي رهيو . فيبروري 1961 ع ۾ کيس حيدرآباد ريجن جي تعليمي ڊائريڪوٽريٽ ۾ پبليڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو . جنهن کان پوءِ نومبر 1962 ع ۾ “اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ٿيو . 1963 ع کان آگسٽ 1967 ع تائين انهيءَ بورڊ جي حيدرآباد، ڪراچي ۽ ڪوئٽيا ريجن جو انچارج ٿي رهيو ، ۽ ساڳي ئي وقت “ سنڌي ادبي بورڊ ’’ جي اعزازي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان به ڪم ڪيائين . ان کان پوءِ “گورنمنٽ هاءِ اسڪول ’’ جيڪب آباد جو هيڊ ماستر ۽ مارچ 1968 ع کان نومبر تائين “گورنمينٽ ٽرينگ ڪاليج’’ ڪوهاٽ جو پرنسپال ٿي ڪم ڪيائين. تنهن بعد سيپٽمبر 1970 ع تائين حيدرآباد ريجن جي تعليمي ڊائريڪٽريٽ ۾ “کاتي جي امتحانن’’ جو رجسٽرار مقرر ٿيو . ان کان پوءِ جنوري 1971 ع تائين تعليم کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ، آگسٽ 1971 ع تائين “سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ’’ جو سيڪريٽري ، سيپٽمبر 1971 کان جولاءِ 1972 ع تائين خيرپور ڊويزن ۾ اسڪولن جو انسپيڪٽر ۽ ان کان پوءِ ٻن مهينن لاءِ “ايڊيوڪيشن ايڪسٽيشن’’ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي رهيو . آخر ۾ 21 آگسٽ 1973 ع تي “سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ’’ جي آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي جي عهدي تان رٽائر ڪيائين.
جويئي صاحب سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا دل تي گهڙا ڀريا آهن . کين هڪ “استاد – اديب’’ جي حيثيت حاصل آهي ، هن دور جا ڪتيرائي نامور اديب ۽ شاعر سندس نظرياتي تربيت جي رنگ ۾ ورتل آهن . هن صاحب ڀريا پندرهن سال “سنڌي ادبي بورڊ’’ جي خدمت ڪئي آهي ، ۽ سندس دور جي “سنڌي ادبي بورڊ’’ جي ڪارڪردگي اڄ به مثال جي حيثيت رکي ٿي . سندس ئي ڪوشش سان “سنڌي ادبي بورڊ’’ ٻارڙن لاءِ’’ گل ڦل’’ رسالو جاري ٿيو . ان کان سواءِ پاڻ 1955 ع کان 1956 ع تائين ٽه ماهي “مهراڻ’’ جو ايڊيٽر به ٿي رهيو . جويئي صاحب جي ڪوششن سان 1964 ع ۾ “سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي’’ قائم ٿي ، جنهن طرفان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تعريف جوڳي خدمت ٿي رهي آهي . جويو صاحب نه رڳو تعليم جو ماهر ۽ اشاعتي مسئلن جي ڄاڻو جي حيثيت رکي ٿو ، بلڪ سنڌي علم ادب جي دنيا ۾ اديب جي روپ ۾ به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو .
پاڻ ڪجهه شاعري به ڪئي اٿس ، ليڪن شاعر کان وڌيڪ مترجم ۽ ليکڪ جي حيثيت سان مشهور آهن . سندس لکيل توڙي ترجمو ٿيل ڪتابن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو . “ايملي عرف تعليم ’’ (تعليم – 1950)، “گل’’ (تربيت -1956)، “سنڌي پهريون ڪتاب ’’ (نصابي ڪتاب -1960)، “آسان سنڌي پهريون ڪتاب’’ (نصابي ڪتاب -1961)، “تاريخ پاڪستان’’ (تاريخ- 1962) ، “سنڌي چوٿو ن ڪتاب’’ (نصابي ڪتاب- 1962)، “سنڌي پرائيمري’’ (نصابي ڪتاب- 1962)، “سنڌي ڇهون ڪتاب’’ (نصابي-1966)، “سنڌي چوٿون ڪتاب’’ (نصابي ڪتاب- 1967)، “سنڌي پنجون ڪتاب’’ (نصابي ڪتاب-1967)، “سنڌي ڇهون ڪتاب’’ (نصابي-1967)، “سنڌي ستون ڪتاب’’ (نصابي-1967)، “ٻارن جي تعليم’’ (تعليم- 1972)، “انگي حساب’’ (نصابي- 1973)، “اچو ته لکون’’ (تعليم- 1973)، “بالغن جي تعليم استادن جو رهبر’’ (تعليم – 1973)، “اچو ته وڌيڪ پڙهون’’ (تعليمي/ نصابي -1973)، “سنڌي زبان جي بنيادي لغت’’ (لسانيات، ساڻي مرتب-1973) ، “سنڌي زبان جي ڪاروباري بنيادي لغت’’ (لسانيات، ساڻي مرتب 1974)، “سنڌي زبان جي وڌايل لغت’’ (لسانيات، ساڻي مرتب- 1973)، “سنڌي ٻيو ڪتاب’’ (نصابي- 1973)، “سماجي اڀياس’’ (نصابي)، “گليلو ’’ (ترجمو ناٽڪ -1977)، “فڪر جي آزادي’’ (ترجمو) ۽ “شاھ ، سچل سامي’’ (تنقيد- 1978).
جويو صاحب سنڌ جي انهن چونڊ ماڻهن مان هڪ آهي ، جيڪي پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل انجمن هوندا آهن . جويو صاحب هڪ مڪمل تحريڪ آهي ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ آدرش آهي، اهو آدرش جنهن کي ڀرپور نموني سان چاهيو به ويو ۽ جنهن سان نفرتون ڪندي به ڪونه گهٽايو ويو . پوءِ به انهن سردين ۽ گرمين کي سهندي ، گل ۽ خار جا مزا ماڻيندي به پنهنجي منزل طرف روان آهي .
جويئي صاحب سان “غائبانه ڏيٺ’’ ته گهڻو اڳ ٿي چڪي هئي ، پر کيس ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو ڪراچيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ مليو . مون کي ياد ٿو پئي ته آئون جڏهن ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ استاد هئس، ان وقت جويو صاحب اسان جو آفيسر ۽ انسپيڪٽر آف اسڪولس هو . هن صاحب انهيءَ ايامڪاريءَ ۾ پنهنجي زبردست هاءِ اسڪولن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تاريخ مرتب ڪري ڏانهس موڪلين . انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي اسڪولن ڏانهن به هڪ سوالنامو موڪليو ويو هو. هيڊ ماستر جي منشا تي ڏوڪري هاءِ اسڪول جي تاريخ مون کي ئي لکڻي پئي . مون کي ياد ٿو پئي ته انهيءَ مختصر تاريخ ۾ مون سموري ڏوڪري تعلقي جي ثقافتي ۽ ادبي ادارن ۽ شخصين تي به لکيو هو . ان کانسواءِ اسڪول جي پيدا ڪيل عالمن ، اديبن ، شاعرن ۽ آفيسرن جو وچور به ڏنو هو . ستت ئي جويو صاحب بدلي ٿي ويو ۽ خيرپور ڊويزن جي اسڪولن جي تاريخ جو اهم ڪم اڌورو رهجي ٿو.
جويئي صاحب جي بدلي ٿيڻ کان پوءِ اسان به ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ ٽڪاءُ نه ڪيو . جنگ شاهي جي هاءِ اسڪول کان ڦرندا گهرندا اچي ڪراچيءَ جي ڪاليج ۾ پهتاسين . منهنجو ڪراچي اچڻ نئين جنم وٺڻ جي برابر هو . اڳ ۾ علمي ۽ ادبي ذوق هوندو هو ، پر هاڻي هتي سُري پـُري پنهنجي جاءِ به وٺڻ لڳس . ائين ٿيو جو جناب وفائي صاحب ۽ سندس “آزاد ’’ مون کي لکڻ ۽ ڇپجڻ جو موقعو فراهم ڪيو. انهيءَ ڪري شهر ۾ “آزاد’’ جي آفيس هڪ اهڙي جاءِ بڻجي وئي، جنهنجو هفتي ۾ هڪ اڌ چڪر هڻڻ ضروري ٿي پيو . “آزاد’’ جي آفيس ۾ مون دنيا جا ڪيترائي رنگ ڏٺا . وزيرن ۽ وڪيلن کي به ايندو ڏٺم ته پيرن ۽ فقيرن کي به ڀيرا ڀريندي ڏٺم. ان کان سواءِ ڪيترين ئي علمي ادبي شخصيتن سان ملاقات به هتي ئي ٿي. جن مان جويو صاحب به هڪ هو . جويو صاحب پهرين ئي جهلڪ ۾ مون کي عالم ، اديب ۽ دانشور نظر آيو . هن صاحب سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جا بي لوث خدمت ڪئي آهي ، انهيءَ ڪري ساڻس عقيدت ته اڳ ئي هئي ؛ ليڪن اها عقيدت هاڻي قربت ۾ بدلجي وئي . آئون انهيءَ وقت ڌاري “آزاد’’ لاءِ لڳاتار لکڻ لڳو هوس . جيئن ته “آزاد’’ جويئي صاحب ڏي به ويندي آهي ، ان ڪري هن صاحب منهنجي لکڻين مان منهنجي شخصيت جي تلاش شروع ڪئي . منهنجو خيال آهي ته هن صاحب مون کي “ هڪ جذباتي مگر محنتي نوجوان ’’ جي حيثيت ۾ تسليم ڪيو . آئون وري کيس ماٺيڻو ، برد بار، همدرد ۽ خير خواھ ڪري ڄاڻيندو آهيان . “آزاد’’ ۾ جڏهن “سگهڙ سنگت’’ جو سلسلو شروع ڪيم ته ملاقاتن ۾ آئون کانئس راءِ وٺندو هوس . پاڻ چوندو هو ته هيڏي ساريءَ جاکوڙ جي نتيجي ۾ تون رڳو هڪ مڪمل سگهڙ کي ڳولهي سگهيو آهين . اهو آهي ٽنڊي باگي جو محمد طالب لوهار، جيتوڻيڪ جويئي صاحب کي منهنجي ڪم ۽ ان جي طريقه ڪار سان ڪيترائي اختلاف هوندا هئا ، پر ان هوندي به منهنجي ڪڏهن همت شڪني نه ڪيائين . ويتر چوندو رهيو ته جيترو ممڪن ٿي سگهي ، اوترو سگهڙن کان “راست گوئيون’’ هٿ ڪيون وڃن . مون انهيءَ سلسلي ڪجهه ڪوشش به ڪئي .
موجوده دور جي سنڌي ليکڪن ۾ جويو صاحب اسلوب ۽ ٻوليءَ جي معاملي ۾ پنهنجو منفرد مقام رکي ٿو. پيرائتي مگر مختصر ۽ جامع نموني ۾ ڳالهه کي نڀائڻ ڪو کانئس سکي . جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب جو ترجمو ڪندو ته ان تي اصلوڪي هئڻ جو گمان پيو ٿيندو . پر جي اصلوڪو ڪتاب لکندو ته ٻوليءَ ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو. سندس لکيل ڪتاب “شاھ ، سچل ۽ سامي’’ مون کي ايترو ته پسند آيو ، جو مون ان ڪتاب جون ٽيهارو کن ڪاپيون وٺي ڏيهي توڙي پرڏيهي دوستن ۾ ورهائيون . ساڳي نموني سان سندس ترجمو ٿيل ڪتاب “فڪر جي آزادي’’ به پڙهڻ وٽان آهي ، جڏهن مون اهو ڪتاب پڙهيو ته الائي ڪيترا دفعا روئڻ به آيو ته کلڻ به . روئڻ ان ڪري ته انسان جڏهن انڌ جي گهوڙي تي چڙهي ٿو ته ڇا ڇا نه ٿو ڪري ۽ کلڻ ان ڪري ته ڪتاب پڙهڻ وقت اهو تاثر ملندو هو ته انسان کي ماري ته سگهجي ٿو پر کيس شڪست ڏئي نه ٿي سگهجي.