Mol Chand Manghram

 

 

 

 

 

 

 

مولچند منگھارام

8, آگست 1925: جنم تاریخ

سنڌ، ھنڌ ۾ مشهور سنڌي شاعر، ليکڪ، ناٽڪ نويس، ھدايت ڪار مولچند منگهارام بندراڻي المعروف ايم ڪمل 8 آگسٽ 1925ع تي ڪنڊياري ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو، ھن نوابشاهه مان ئي تعليم حاصل ڪئي، ورھاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويو، ھن جو شمار غزل جي وڏن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، ھن ڪيترائي ناٽڪ لکيا ۽ انهن جي ڊائريڪشن ڏني، سندس شاعري ۽ ناٽڪن جي ڇپيل ڪتابن ۾ ننڊ ۽ جاڳ (شاعري)، جهريل جيءُ (شاعري)، ڳرندڙ برف جا نقش (شاعري)، ميونسپل ڪائونسلر (ناٽڪ)، روشن راهون ڌنڌلا ماڳ (شاعري)، پنجاهه غزل (شاعري)، ماچيس ڪٿي آهي؟ (ناٽڪ)، باهه جا وارث (شاعري)، ميرانجهڙو ٿڪ (شاعري)، سوچ جا پاڇا (شاعري)، اڃايل لهر (شاعري)، ڪوسي رک (شاعري)، خوشخبري (ناٽڪ)، فريم ۾ مڙهيل شخص (ناٽڪ) وغيره شامل آهن، ھن 3 فيبروري 2010ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!