Dr: Hyder Ali Sindhi

1 min read

 

 

 

 

 

 

 

 

ڊاڪٽر حيدر سنڌي وڇوڙو ڪري ويو

سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو خاموش خادم ۽ لسانيات جو ماهر.

اڄ ھڪ پوسٽ پڙھندي خبر پئي تہ سنڌي ٻوليءَ جو خاموش خدمتگار حيدر سنڌي  وڃي پنھنجي رب کي پرتو . انا للہ وانا اليہ راجعون.

حيدر سنڌي مرحوم  جو پورو نالو ڊاڪٽر غلام حيدر ولد حاجي علي مراد ٻرڙو 5 آڪٽوبر 1939ع تي ڳوٺ مبارڪ ٻرڙي، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو.

جيئن تہ مان سنڌي ٻولي جي لسانيات ۽ ائنٿروپولاجي تي ڪتابن جو ڳولھائو رھيو آھيان ،ان ڪري سندس ھڪ ڪتاب اسي جي ڏهاڪي ۾ ” ٻوليء جا سرچشما” پڙھڻ کان پوءِ سندس ھڪ ٻيو ڪتاب ” سنڌ جون چند ذاتيون ” پن پڙھيم . اھو اھڙو وقت ھو جو مان بلوچستان جي سئي علائقي ۾ نوڪري ڪندو ھوس. ڪڏھن ڪڏھن ڪراچي يا سکر مان سنڌي ڪتاب پيو خريد ڪندو ھوس. سندس سڀ ڪتاب تحقيقي آھن .

ڊاڪٽر حيدر پرائمري تعليم ڀرواري ڳوٺ سومر چانڊيي جي اسڪول مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نواب شاهه، بي.اي کي سچل سرمست ڪاليج نواب شاهه مان پاس ڪري 1969ع ۾ ڊي. سي هاءِ اسڪول نواب شاهه ۾ استاد مقرر ٿيو. ان کانپوءِ سي. ٽي، بي. ايڊ ۽ ايم. اي جا امتحان به ڏنائين. 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس تحقيقي مقالي جو عنوان ’پاڪستان جي صوبائي ۽ علائقائي زبانن ۾ سنڌيءَ جي علمي ادبي ۽ لساني حيثيت‘

ڊاڪٽر حيدر سنڌي 1974ع ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر اسلام آباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ڪجهه وقت قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز رهيو پوءِ ڊائريڪٽر ٿيو 14 آڪٽومبر 1999ع تي پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. سندس خاص موضوع لسانيات ھو..

. هن ڪيترائي تحقيقي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن. سندس هڪ ڪتاب ’ٻولين جا سر چشما‘ ۽ 1988ع ڇپيل آهي. ’بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس‘ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي موقعي تي لسانيات واري سيشن ۾ سندس پڙهيل مضمون ’هندڪو سنڌو ماٿري جي قديم ٻولي‘ سندس بهترين تحقيقي مقالو آهي. ڊاڪٽر صاحب عالمي شهرت يافته مشرقي ٻولين جي ماهر خاتون ڊاڪٽر اينمري شمل جي هڪ انگريزي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي جيڪو ’سنڌي ادب جي ارتقا‘ جي نالي سان 1981ع ۾ شهيد عبدالرزاق اڪيڊمي موري طرفان ڇپيل آهي.

حيدر سنڌيءَ جا هيٺيان ڪتاب پڻ ڇپيل آهن:

(1) سنڌ جون چند ذاتيون

(2) پاڪستاني ٻوليون

(3) شاهه آفاقي شاعـر

(4) ٽه زباني لغت

(5) ديسي پرديسي گل (ترتيب- افسانا)

(6) سنڌي زبان و ادب ڪا ارتقا (اردو)

(7) پاڪستان ڪا لساني ورثه (اردو) وغيره.

الله تعالي سندس مغفرت فرمائي کيس جنت الفردوس عطا فرمائي آمين.پوئينرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي آمين.

ڊاڪٽر محمد علي محمدي

پنوعاقل ۱۸ آگسٽ ۲۰۲۳

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!