Noor Shaheen
“بيوفا سان پيچ پائي مون وڏي غلطي ڪئي”
نور شاھین
تاریخ پیدائش : 18 اگست 1936
سنڌ جي بھترين شاعره بلند بخت المعروف نور شاھين 18 آگسٽ 1936ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، ھن جو شمار آذادي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي شروعاتي شاعرائن ۾ ٿئي ٿو، ھن سنڌي ٻوليءَ سان گڏ اردو، پنجابي ۽ سرائڪي ۾ به شاعري ڪئي، ھن شاعري سان گڏ نثر به لکيو، ڪھاڻيون لکيون، ريڊيو پاڪستان لاءِ مختلف اسڪرپٽس لکيا، عورتن جي مشهور رسالي “اديون” جي اسسٽنٽ ايڊيٽر رهي، سندس شاعري روبينا قريشي، گلشن علي زنگيجو سميت سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي آهي، سندس شاعري جو مجموعو “رس م رسڻ گهوريو” جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، نور شاھين 20 سيپٽمبر 1995ع تي وفات ڪئي..