Singhar Ali Salim

1 min read

 

 

 

 

 

 

 

 

سنڌ   جي   ٻَھڳُڻي   ڪلاڪار ،

سُرن   جي   سَٻاجھڙي   بادشاھ

سينگار   علي   سليم   جي   سا

       دلين تي سرن ورکا وسيلي راڄ ڪندڙ سينگار علي سليم: سنگيت جي سرن کان علاوه تخليقڪار ۽ موسيقار به چوٽيءَ جو رهيو۔ سنڌ جو سدا بهار راڳي، سينگار علي سليم، 1940ع ڌاري راجسٿان جي هڪ ڳوٺ الور ۾ ڄائو. اٺن ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجن بزرگن سان گڏ پهرين بـهـاولـپـور ۽ پوءِ سکـر ۾ اچـي رهيو ۽ اتي ئي مڊل تائين تعليم حاصل ڪيائين. سينگار علي سليم نوجوانيءَ کان سُـر سنگيت سـان ناتـو ڳـنڍيـو. 1975ع ڌاري هن سيد لال حسين شاهه ’سوز‘ جو غزل ’بهارِ جاودان خاموش‘ ڳائي سُر جي سفر جي باقاعدي شروعات ڪئي. هن راڳ جي ابتدائي سکيا استاد امانت علي خان کان ورتي ۽ رياضت ۽ محنت سان سنگيت جي دنيا ۾ پنهنجو بيمثال مقام حاصل ڪيو. هن پنهنجي حياتيءَ جا 50 سال وڏي عقيدت ۽ رياضت سان سنڌي موسيقيءَ کي ارپيا. هو بنيادي طور سنڌ ڄائو نه هو، پوءِ به هن سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجي ’ماءُ‘ سڏي، پاڻ کي سنڌ جو قابل فخر فرزند ثابت ڪيو.

ميـواتي گهراڻـي جو هـي واحـد ڪلاونت هو، جـنـهـن ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سُرن جي ڄاڻ هوندي به سنڌي ’ڪافي ڪلام‘ کي جيڪو حسن بخشيو، اُن جو مثال ملڻ محال آهي. سُر لڳائڻ ۽ سُـر جـو تـاثـر قـائـم رکـڻ ۾ هـو پنهـنجـو مٽ پاڻ هو. جيتوڻيڪ هو اُستاد بڙي غلام علي خان جي ڀاءُ استاد امانت علي خان جو ڌاڳي ٻَڌل شاگرد هو، پر ’ڪافي- ڪلام‘ لاءِ مٿس استاد الهڏني نوناريءَ جو اثر ڇانيل رهيو، پر اُن ۾ هن پنهنجو ذاتي دل کي ڇهندڙ رنگ ۽ انگ به شامل ڪيو.

زندگيءَ جا پويان ڏهه سال سينگار علي سليم، نيم مجذوبيءَ واري حالت ۾ گذاريا ۽ گهڻو ڪري سير سفر ۾ گذاريو. هو چار پنج سال هالا شهر ۾ به رهيو. راڻي فقير سوڍڙي جو مڪان ڄڻ سندس پنهنجو گهر هو، پر هالن جي ڊاڪٽر الهه بچائي ميمڻ سان هن جي جيءَ جون جڙون هيون. ڊاڪٽر صاحب جي سينگار علي سليم سان محبت جو اهو عالم هو، جو سينگار جي لاڏاڻي تي پنهنجي اسپتال جي احاطي ۾ سوڳ جو تڏو وڇايو هئائين. هالا جي ڪيترن ماڻهن سينگار جي عذرخواهي ڊاڪٽر الهه بچائي سان به ڪئي. مشهور شاعر سوز هالائيءَ سان به سينگار علي سليم جا دوستاڻا واسطا هئا.

سينگار علي سليم، سنڌ جو سُريلو ۽ طرز نگار گائڪ هو. هو سنڌ جو اهو خوبصورت موسيقار هو، جنهن پنهنجون طرزون پاڻ تيار ڪيون ۽ پاڻ ڳائي مڃايون. سينگار علي سليم، شاعر، خوشخط ۽ مصور پڻ هو.

هن فقير صفت يگاني فنڪار سنڌيءَ کان سواءِ سرائڪي، اردو، پنجابي ۽ فارسيءَ سميت ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڳايو. هن بهترين موسيقار جي حيثيت ۾ تمام گهڻن ڪلامن جي موسيقي ترتيب ڏني، جيڪي ريڊيو، ٽي. وي ۽ ڪئسيٽ رستي سنڌ جي ماڻهن ۾ تمام گهڻو مقبول رهيا.

مخصوص درويشاڻي لباس ۾ سُرن آڌار محفلون جهومائيندڙ هن سدا حيات فنڪار کي ’سچل سرمست‘ ۽ ’سلطان باهو‘ اوارڊ پڻ مليا. صوفي شاعرن کي وڏيءَ سڪ سان ڳائيندي ۽ ٻڌندڙن جا روح ريجهائيندي سينگار علي سليم اڌ صدي گذاري ڇڏي، پر کيس نه لطيف اوارڊ مليو ۽ ئي سرڪاري سطح تي سندس ڪا خاص پذيرائي ٿي. 14 آگسٽ 2004ع تي جڏهن پاڪستان جا شهري آزاديءَ جو جشن ملهائي رهيا هئا ۽ رات ٺريل هئي، تڏهن سنگيت نگر جي هڪ گهر ۾ ماتم مچي ويو ۽ هوائن ۾ هڪ خبر اُڏاڻي ته ’سنڌ- سينگار‘ سينگار علي سليم لاڏاڻو ڪري ويو.

~  انسائيڪلوپيڊيا  سنڌيانا  جي  اڱڻ  تان 

:~~~~~~~~~~~~:

ڪيڏو  به  کڻي  مان  ڏور  وڃان ،

تو  کان  مور  نہ  ٿيندس  ڏور ..!!

ناصر   قاضي

ڪڏهن ڪڏهن اوسيئڙي جي شدت هٿان بيوس بڻجي ڪنهن قاصد يا ڪنهن ڪانگل کان انهن عجيبن جو احوال هن طرح پڇيو هوندائين ته: ”آءُ قاصد ڪر خبر کري الا، آيا ڪن ايندا منهنجا اچڻ ۾ آهن…!!!“ قاصد يا ڪانگل وٽان خاطريءَ جي خبر، يا ڪا خوشخبري ملڻ کانپوءِ قريبن جي قرب ۽ انهن جي اوسيئڙي جي ڪرب ۾ ڏينهن رات پڄريو هوندو ۽ جڏهن اهڙي پيڙا ۽ پڄرڻ پڄاڻان، سندس تڏي تي اهي قربائتا قريب اچي نڪتا هوندا، تڏهن خوشيءَ وچان آلاپيو هوندائين ته: ”آيا اڱڻ عجيب، ٿيا نصيب ڀلا، اهي اڱڻ چمان يا عجيب چمان…!!!“

ڪيترائي ڏينهن پاڻ انهن عجيبن جي محبت وچان مهماني ڪئي هوندائين، کين پنهنجي اکين آڏو ڏسي، سندس من مندر مهڪي پيو هوندو ۽ جڏهن انهن عجيبن کي پنهنجي اڱڻ تي پنهنجن نيڻن آڏو کلندو ۽ ٽلندو ڏٺو هوندائين، تڏهن سندس اندر ٺري پيو هوندو ۽ ان ويل بي ساختا ائين چئي ڏنو هوندائين ته: ”تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجھان، آسان به آ، دشوار به آ….!!!“

پر نيٺ وطن هر ڪنهن کي پاڻ طرف واپس ورائيندو آهي، اهڙيءَ ريت جڏهن انهن عجيبن کانئس موڪلاڻي ڪئي هوندي، تڏهن نه چاهيندي به کانئن موڪلايو ته هوندائين، پر وڃڻ پڄاڻان، سندن پرپٺ، کين اهي پارتون به ڪيون هوندائين ته: ”دردن دل آزاري سائين، ڪر ڪا موٽڻ واري سائين….!!!“ پر جڏهن اهي پرديسي پکي ابدي الوداع ڪري هميشه لاءِ اڏاڻا ٿين ٿا، تڏهن ڪير به کين نه ٿو روڪي سگھي. پوءِ اهڙن ازلي عاشقن وٽ وڃي بچن ٿا اهي ئي وڇوڙي جا ورلاپ ته: ”آيا ڪين مارو وساريئون وطن کي….!!!“

ڪنهن ٿي ڄاتو ته گڏيل هندستان جي هڪ موسيقار ’ميواتي گھراڻي‘ مان هڪ واءَ ۽ پڙلاءَ اهڙي ته گونجار ڪندو، جو راجائن ۽ ٺڪرن جي ديس راجسٿان کان ويندي اتر سنڌ ۾ واقع بکري ساداتن جي سرزمين سکر، بلڪه ان کان به پري پري جي سرحدن تائين اها گونجار پنهنجي الڳ، ڪلاسيڪل توڙي فقيراڻي رمز سان عام توڙي خواص کي لوئي ويندي. اهو ئي آوازَ ڌڻي، جنهن پنهنجي اباڻي ڪرت يعني سازن جي وڄت واري وندرکان اڳڀرو پير ڌريندي، سچ پچ به پنهنجي آواز توڙي آلاپ سان سنڌي ڪافيءَ کي ڪلاسيڪل رنگ ۽ ڍنگ ڏيئي، پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ بڻائي، هند کان سنڌ جو سفر ڪندي، سموري لوڪ کي روئاري ڏيکاريو.

جي ها اهو هڪ ڏات ڌڻي هو، جنهن سان نه صرف راڳ جو راجا راضي ٿيل هو، پر پنهنجي سخنور سوچ سان سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ پاڻ مڃايائين، نه صرف ايترو، پر پنهنجي هٿن ۾ ليڪيل لڪيرن کي ڪاغذ جي ڪينواس تي سجائي خوشخطي (calligraphy) جي ميدان ۾ پنهنجا فنڪاراڻا جوهر پڻ عام کي پسائي، هن ڌرتيءَ کي پنهنجي ذات پاران سورهن سينگارن جهڙا سونهن سنديسا ارپيندو رهيو. سنڌ ڌرتيءَ جي انهيءَ سينگار کي سموري سنڌ ’سينگار علي سليم‘ جهڙي صدوري نالي ۽ حوالي سان ياد ڪندي آهي. سينگار علي سليم، جنهن کي نامياري شاعر ۽ موسيقي شناس، سائين سوز هالائيءَ پنهنجي ڪتاب ’ڪارون وس ڪيام‘ ۾ سريلي فنڪار ۽ ڪلاڪار هئڻ سان گڏوگڏ هڪ ’مڪمل انداز‘ ۽ ’هڪ مڪمل لهجو‘ پڻ قرار ڏنو آهي، ان ئي سينگار علي سليم موسيقيءَ ۾ مڃتا ۽ مهانتا ملڻ باوجود به پنهنجي پوري ڄمار ۾ پنهنجي نالي اڳيان ڪڏهن به ’استاد‘ يا ’خانصاحب‘ جهڙو لقب نه پاڻ ڏنو ۽ نه ئي وري ٻئي ڪنهن کي ڏيڻ ڏنائين، بلڪه هن فقير صفت، بادشاهه راڳيءَ هميشه پنهنجي نالي آڏو ’فقير‘ جو لقب سڏڻ ۽ سڏائڻ کي ترجيح ڏني. اچو ته سندس زندگيءَ توڙي سر جي سفر جي ڪهاڻي پڙهي ڏسون.

سنڌ ڌرتيءَ جي نامياري، ڪلاسيڪل توڙي ڪافي گو ڪلاڪار سينگار علي سليم راجسٿان جي جيسلمير علائقي جي هڪ ڳوٺ ’ميوات‘ ۾ پنهنجي وقت جي هڪ ڪلاسيڪل فنڪار استاد ننهي خان جي گھر ۾ ۱۹۴۰ع ڌاري اکيون کوليون. ’ميوات‘ ڳوٺ جي نسبت سان سندن ڪلاسيڪل گھراڻو ’ميواتي گھراڻو‘ سڏبو هو، جنهن گھراڻي جا فرد مختلف ڪلاسيڪل سازن جا وڄتڪار هوندا هئا، ڪا مستند روايت ته ناهي ملي سگھي، پر اندازو آهي ته سينگار علي سليم جو والد صاحب، استاد ننهي خان  پڻ ڪنهن ڪلاسيڪل ساز جو وڄتڪار هوندو.

سينگار علي سليم جي ڇٺيءَ جو نالو ’سليم الدين‘ رکيو ويو، پر پاڻ جڏهن سمجھه ڀريو ٿيو، تڏهن طريقت جي حاصلات لاءِ اتر سنڌ جي سهڻي شهر، شڪارپور جي ڀر ۾ واقع درگاهه ماڙي شريف رسيو، جتي ان وقت جي اهل الله بزرگ ۽ درويش غازي غلام شاهه مست جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ دل سان کيس پنهنجو رهبر ۽ هادي تسليم ڪندي، سندس طالبن جي صف ۾ شامل ٿيو، جنهن مٿس نانءُ ’سينگار علي‘ رکيو. مراد مند مريد پنهنجي مرشد جي مليل ان نالي واري سوغات جو اهڙو ته مان ۽ ڀرم رکيو، جو هميشه لاءِ پنهنجي اصلوڪي نالي ’سليم‘ کي پوئتي رکي، پنهنجي هاديءَ جي هديي کي اڳڀرو ڪري، ’سينگار علي سليم‘ جي نالي سان پوري جڳ ۾ مشهور ٿيو.

۱۹۴۷ع ۾ جڏهن سينگار علي سليم اڃا ستن ورهين جو ننڍڙو ٻار ئي هو، تڏهن ورهاڱي جي وڍ سبب سندس وڏڙن کي پنهنجو اصلوڪو ديس ڇڏڻو پئجي ويو، مان ته هتي ائين چوندس ته اهو ورهاڱي جو وڍ نه، بلڪ ’سنڌ جي سينگار‘ کي سونهاري سنڌ پاران سندس هنج ۾ اچڻ واسطي هڪ سڪائتو سڏ هو ۽ کيس اها ڌرتيءَ جي ڇڪ ئي چئجي، جو سندس خاندان لڏي پلاڻي، پهريان بهاولپور اچي رهائش پذير ٿيو، جتان وري هجرت ڪري، مير معصوم شاهه بکري ءَ جي جھوليءَ ۾ آباد، سنڌوءَ جي سهڻي سير تي واقع، ’سنڌوءَ جي چپن‘ جهڙي خوبصورت نسبت سان منسوب، سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر ۾ اچي ساڳيو خاندان سک سان سکي ٿيو.

نصابي حوالي سان سينگار علي سليم مڊل تائين تعليم حاصل ڪئي، جڏهن ته سرن جي سوغات جي حاصلات لاءِ هن سڀ کان اول سکر شهر ۾ آباد پنهنجي وقت جي نامياري ڪلاسيڪل ڪلا ڌڻيءَ سيد منور علي شاهه معصوميءَ جي دروازي تي دل سان دستڪ ڏني، جنهنجي موٽ ۾ کيس سرن جي سخا برابر ملندي رهي، پر وري جلد ئي ۱۹۶۲ع ۾ سيد منور علي شاهه معصوميءَ جي لاڏاڻي سبب سينگار علي سليم مايوس، ملول ۽ مغموم ٿيڻ سان گڏ  هڪ شفيق استاد جي شفقت کان به جلد محروم ٿي ويو، پر هن همت نه هاري ۽ پنهنجا اباڻا ڪک تياڳي، قربائتا ڪشالا ڪاٽي، پنجاب جي شهر ’هوشيارپور‘ ويو، جتي پنهنجي وقت جي مايا ناز سارنگي نواز خانصاحب استاد عاشق حسين خان جي موسيقيءَ جي مڪتب جو ڪنڍو، قلب سان کڙڪائي، سرن جو دان ماڻڻ لاءِ سندس آڏو پنهنجي قلب جي ڪشڪول کي ڊگھيريائين، موٽ ۾ قَدرائتي استاد به سندس ادب داريءَ کي مان ڏيندي، کيس سرن جي سوغات سان سرشار ڪندو رهيو، پر اڳتي هلي سينگار علي سليم جي ڪلا جي قسمت جي ڪايا ان وقت پلٽي، جڏهن ننڍي کنڊ ۾ موسيقيءَ جي وڏي ۾ وڏي مدرسي ’ قصور‘ جي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي بي تاج بادشاهه خانصاحب استاد بڙي غلام علي خان جي ننڍي ڀاءُ خانصاحب استاد امانت علي خانَ وقتي طور خاطر پنهنجي ڳوٺ ’قصور‘ کي ڇڏي، سونهاري سنڌ جي سهڻي ۽ تاريخي شهر، روهڙيءَ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. ماضيءَ جي انهن ڏينهن ۾ روهڙي شهر کي ’موسيقيءَ جي گهواري‘ واري حيثيت حاصل هوندي هئي، جتي پنهنجي وقت جا وڏا وڏا استاد، ڪلاڪار ۽ گوئيا پري پري کان اچي ترسندا هئا. ان وقت سينگار علي سليم سکر مان اچي روهڙيءَ رسيو ۽ خانصاحب استاد امانت علي خان جي شفقتن جي گھاٽي ڇانوَ هيٺ موسيقيءَ جي مالها جپيندو رهيو.

سينگار علي سليم پنهنجي ويراڳ واري وندر ۽ موسيقيءَ واري مشغلي جو باقاعده طور تي عام آڏو اظهار صوفي درويشن جي ازلي آستانن تي مچندڙ موسيقيءَ جي مانڊاڻن توڙي عوامي ميڙاڪن ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائڻ سان ڪيو، عوامي اسٽيج جهڙي مضبوط ۽ برجستي ميدان تي سندس سريلي آواز جي موٽ ۾ ملندڙ مڃتا کيس جنوري ۱۹۶۴ع ۾ ريڊيو حيدرآباد جي درو ديوار تائين ان وقت وٺي آئي، جڏهن سينگار علي سليم اڃا چوويهن سالن جو ڳڀرو جوان هو ۽ وري ريڊيو حيدرآباد به پنهنجي نشرياتي سفر جا اڃا ۹ سال ئي مس اورانگھيا هئا. ان وقت سينگار عليءَ جي سرن سان سينگاريل آواز جو آڊيشن، ريڊيو حيدرآباد جي تڏهوڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر ايوب روماني صاحب ورتو، جنهن پهرئين ئي آڊيشن ۾ کيس پاس ڪيو، جنهن بعد سندس آواز ۾ سڀ کان اول اردوءَ ۾ غزل ريڪارڊ ٿيو.

ان بعد ريڊيو تي نشر ٿيندڙ سندس اردو آواز کي سنڌي سنگيت شناس، نامياري براڊڪاسٽر غلام حسين شيخ ٻڌي ورتو ۽ ٻڌڻ سان ئي سندس آواز ۾ سنڌي لهجي واري سواد وارا لڪل گوهر پرکي ورتائين، جنهن جي نتيجي ۾ ترت ئي سينگار علي سليم کي ريڊيو حيدرآباد تي طلب ڪيو ويو ۽ سندس آواز ۾ ’آيا اڱڻ عجيب ٿيا نصيب ڀلا‘، ’وڌي ويون دل جون پريشانيون‘، ’ڪيها يار پريم لڳايا هي‘ ۽ ٻيون ڪافيون رڪارڊ ڪري، نشر ڪيون ويون، جن ڪافين هوائن جي دوش تي نشر ٿيڻ شرط ئي عوام ۾ بيحد مقبوليت ماڻي. ريڊيو تي اهڙي ڪاميابيءَ بعد سينگار علي سليم جي ريڊيو تي ڳايل ڪلامن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيو، جيڪو سلسلو ماضيءَ کان وٺي اڄ سوڌو ٻڌندڙن جي سماعتن کي يقيناً سرور بخشيندو رهيو آهي.

سينگار علي سليم جي سرير ۾ شاعريءَ واري چڻنگ به اصل کان دکندي رهي، پنهنجي اندر جي ان اڃ کي اجھائڻ لاءِ، پنهنجي ئي شهر سکر ۾ رهندڙ، پنهنجي وقت جي نامور ڪلاسيڪل شاعر سيد لعل حسين شاهه ’سوز‘ جي صحبت ۾ رهيو، جنهن جي سرپرستيءَ مان ڪافي حظ حاصل ڪيائين. سينگار علي سليم، سيد لعل حسين شاهه ’سوز‘ جو ڳچ ڪلام پنهنجي پرسوز آواز ۾ پڻ ڳاتو، جنهن مان ’وڌي ويون دل جون پريشانيون‘، ’آيا اڱڻ عجيب ٿيا نصيب ڀلا ‘، ’مئه مينا جي درڪار نه آ‘، ’جاڳو جاڳو ڙي جيڏيون‘ ۽ ٻيو ڪيترو ئي ڪلام ٻڌندڙن ۾ تمام گھڻو مقبول ٿيو.

سينگار علي سليم جي فني حوالي سان هڪ سڦل زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾، اٽڪل ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾ ڪيل سندس آخري فني خدمتن مان  ڪي. ٽي. اين تي نشر ٿيل تاريخي ڪلاسيڪل ڊراما سيريل ’بالي‘ جي نغمن جي موسيقي ڏيڻ وارو فني پورهيو پڻ شامل آهي، هن ڊرامي جا تمام گيت سينگار عليءَ وڏي چاهه سان موسيقيءَ جو روپ ڏيئي سينگاريا هئا. هن ڊرامي کي سنڌ توڙي ٻاهران جي عوام پاران ڀرپور موٽ ملي، جنهن ڊرامي جي اهم ڪردارن مير علي نواز ’ناز‘ توڙي ’بالي‘ تي فلمايل سمورا گانا سنڌ ڌرتيءَ جي ناميارن ڪلاڪارن غلام شبير سمي ۽ حميرا چنا جي آوازن ۾ ڳارايا ويا هئا. سينگار علي سليم جي فن جو ٻيو اهم پهلو نوحا خواني پڻ هو، محرم الحرام وارن ڏينهن ۾ نوحا خوانيءَ واري ڪرت کي عبادت سمجھي سرانجام ڏيندڙ هن ازلي عزادار جو نالو ملڪ ۾ وڏن نوحا خوانن ۾ شمار ٿيندو هو، پاڻ اٽڪل ۶۰ع واري ڏهاڪي کان وٺي، زندگيءَ جي آخر تائين سکر، روهڙي توڙي ڀر پاسي جي اهم امام بارگاهن تي وڃي، مظلوم امام حسين عليه السلام ۽ سندس انصارن جي عظيم قربانيءَ کي ياد ڪندي، نوحا خوانيءَ جي صورت ۾ خراج پيش ڪندو رهيو. سندس آواز ۾ نوحا خوانيءَ جون لاتعداد آڊيو ۽ وڊيو البم جاري ٿي، منظرِ عام تي اچي چڪا هئا.

۱۴ آگسٽ ۲۰۰۴ع، هڪ اهڙو ڏهاڙو هو، جڏهن هڪ طرف ملڪ ۾ آزاديءَ جي جشن جون تقريبون منعقد ٿي رهيون هيون، ته ٻئي طرف هڪ اڀاڳي خبر ٻڌڻ بعد سکر ته ڇا پر پوري سنڌي سنگيت نگر ۾ڪهرام مچي ويو، سکر ۾ سنڌوءَ جي سيرن ۾ امالڪ هيانءُ ڏاريندڙ گجگوڙ پيدا ٿي ويو، مير معصوم شاهه بکريءَ جي نگريءَ ۾ ماتم مچي ويو، مهراڻ جي مرڪندڙ لبن هڪ قربدار ڪلاونت جي وڇڙڻ تي روئي ڏنو، ڇاڪاڻ جو ۱۴ آگسٽ ۲۰۰۴ع تي سنڌي ڪلا جي سينگار، سينگار علي سليم موسيقيءَ جي مڌ سان سدائين مخمور ڀاسجندڙ پنهنجون اکيون هميشه لاءِ پوري، چوهٺ سالن جي اوجاڳن پڄاڻان ابدي آرام ماڻي ورتو هو. هو پاڻ ته ڌرتيءَ توڙي ڌرتيءَ واسين کان ڏور ٿي ويو، پر مئي پڄاڻان به انهيءَ ڌرتيءَ ۾ داخل ٿيندي، ڌرتيءَ سان مخاطب ٿيندي ڄڻ ته کيس اهو آلاپ ارپيو هجائين ته  :

ڪيڏو به کڻي مان ڏور وڃان ، تو کان مور نه ٿيندس ڏور  ..!

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!