Abidullah Sindhi
عبیداللہ سندھی
تاریخ وفات: 21 آگست 1944
امامِ انقلاب حضرت مولانا عبیداللہ سنڌي 10 مارچ 1872ع (12 محرم الحرام 1289ھ) تي سيالڪوٽ جي ويجهو ھڪ ڳوٺ ۾ هڪ سک خاندان ۾ جنم ورتو، سندس اصل نالو بوٽا سنگ ھو، ھن جو ننڍ پڻ ناناڻي گهر جامپور ضلعي ديره غازي خان ۾ گذريو، اتي ئي تعليم حاصل ڪئي، سندس ذهن ۾ ان وقت تبديلي آئي جڏھن ھن ھندو مان مسلمان ٿيل ليکڪ عبيدالله جو ڪتاب ’’تُحفۃُ الہِند‘‘ پڙهيو، اسلام کان متاثر ٿي 19 آگسٽ 1887ع تي اسلام قبول ڪيو ۽ پاڻ تي ان ڪتاب جي ليکڪ جو نالو ’’عبیداللہ‘‘ رکرايو، ھن سید العارفین حضرت حافظ محمد صدیق ڀرجھونڊي شریف واري جي ھٿان اسلام قبول ڪيو، نيٺ سید العارفین جي خلیفۂ اوّل حضرت مولانا ابو السراج غلام محمدؒ وٽ دینپور وٽ آيو، ڪجهه وقت کان پوءِ مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي وٽ امروٽ شريف سکر وٽ آيو، جتي سندس شادي ٿي، امروٽ ۾ اشاعتي ادارو ’’محمود المطابع‘‘ قائم ڪيائين، جتان سنڌي ٻوليءَ ۾ ماھوار ’’ہدایۃ الاخوان‘‘ شروع ڪيائين، 1901ع ڌاري پیر رشیدالدین سان گڏجي حیدرآباد جي ويجهو پير جھنڊو ۾ ھڪ ادارو ’’ڌار الارشاد‘‘ قائم ڪيائين، 1909ع ڌاري دیو بند منتقل ٿي ويو، جتي ’’جمعیت الانصار‘‘ قائم ڪيائين، 1913ع ڌاري دھليء ۾ ’’نظارۃ المعارف القرآنیہ‘‘ ادارو قائم ڪيائين، جنهن جي سرپرستي نواب وقار الملڪ ڪئي، 1915ع ۾ ڪابل ويو، اتي ست سال رهيو، اتي رھڻ دوران هڪ جماعت ’’جنودُ اللہ الربانیہ‘‘ قائم ڪيائين، جيڪا ھندستان ۽ افغانستان جي آذادي لاءِ جدوجهد ڪندي رهي، 1916ع ۾ ڪابل ۾ عبوري حڪومت قائم ٿي، پاڻ وزیر خارجہ ٿيو، 1922ع ۾ ڪانگريس ڪميٽي ڪابل جو بنياد رکيائين، کيس ان جو صدر مقرر ڪيو ويو، جنھن جو پوءِ انڊين نيشنل ڪانگريس سان الحاق ٿي ويو، ان کان پوءِ ترڪي ۽ ماسڪو ۾ رھيو، جتي سندس وڏن اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون، ان دوران ئي ھن ننڍي کنڊ جي آذادي جي تحريڪ شروع ڪئي، مڪي شريف ويو ته پويان انڊين نيشنل ڪانگريس، جميعت علماء ھنڌ، مسلم لیگ ۽ ٻين جماعتن کيس واپس ھندستان اچڻ جو زور ڀريو، 1939ع ۾ ڪراچي بندرگاہ تي لٿو، سنڌ جي وزير اعلیٰ اللہ بخش سومري وفد سان گڏ سندس استقبال ڪيو، کيس شاندار آجياڻو ڏنو ويو، ھي شاہ ولي اللہؒ کان تمام گهڻو متاثر ھو، ان جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ لاھور، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ مرڪز قائم ڪيائين، 1944ع ۾ سنڌ جي مختلف علائقن جو دورو ڪيائين، سندس شاگردن مان پروفیسر محمد سرور، مولانا غلام مصطفئ قاسمي، مولانا بشير احمد لڌيانوي ۽ ٻيا تمام گهڻو مشهور ٿيا، مولانا صاحب 21 آگسٽ 1944ع (2 رمضان المبارڪ 1363ھ) تي دين پور ۾ وفات ڪئي..