Muhammad Daud Memon

1 min read

 

 

 

 

 

 

 

24 آگسٽ

سنڌي ٻولي جي نامياري شاعر

محمد دائود ميمڻ المعروف “تاج ٽکڙائي”  جي پهرين ورسي

تحرير: اعظم ڀٽي

محمد دائود ميمڻ  ” تاج ٽکڙائي ”  10 سيپٽمبر 1938ع تي ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ۾ جنم ورتو. هۡو, حافظ حاجي حامد ٽکڙائي جو پڙ پوٽو، قاضي محمد دائود” مومن“ ۽ محمد هاشم ”مُخلص“ جو پوٽو، محمد خان غني مرحوم جو فرزند هو. 1956ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڪجهه وقت ذاتي ڪاروبار بعد 1957ع ۾ تلڪ چاڙهي حيدرآباد تي سنڌي ادبي بورڊ جي بُڪ اسٽال تي ڪم ڪيائين، ان ئي سال سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو ۽ 3 سال نوڪري ڪرڻ بعد استعيفا ڏنائين. 1961ع ۾ ” اديب سنڌي “ جو امتحان پاس ڪيائين. 1975ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيائين. شاعري واري خانداني ورثي سبب شاعري جا جوهر ٻالڪپڻ کان ئي سندس ذهن ۾ پيوست ٿيل هئا. جنهن جوهر کي ساهه جيان سانڍيندي 1952ع ۾ 14 سالن جي عمر ۾ شعر لکڻ جي شروعات ڪيائين. شروع ۾ ”دائود “ جو تخلص ڪتب آندائين، جنهن بعد سندس والد جي خواهش تي ” تاج “ تخلص طور ڪتب آندائين، جيڪو تخلص مرڻ گهڙي تائين سندس سۡڃاڻپ بڻيل رهيو. 1952ع ۾ ئي تعليم جي حصول لاءِ ڪراچي شهر جي سونهن پسڻ ويو، جتي تعليم پرائڻ بعد نوڪري جي جهنجهٽ سبب ڪجهه عرصو اتي سڪونت اختيار ڪيائين، جنهن عرصي دوران اتي ادبي سرگرمين ۾ بطور هڪ شاعر ڀرپور حصو ورتائين، جتي برک شاعر علي محمد اسير جي استادي نصيب ٿيس، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، مرحوم الهه بخش سرشار عقيلي، محمد جمن هالو مرحوم ۽ ٻين بلند پايه شاعرن جي صحبت پلئه پيس، ان ماحول ۾ پنهنجي شاعري کي به فروغ ڏياريائين. 1962-1963ع تائين شاعري جي رونق افزا محفلن ۾ به ڀرپور شرڪت ڪيائين، 1970ع تائين واري سندس شاعري جي ذخيري مان شاعري جو ڳچ حصو گمشدگي جي ور چڙهي ويو، جنهن جو کيس مرڻ گهڙي تائين شديد افسوس رهيو. تاج ٽکڙائي ذاتي زندگي ۾ بي انتها ڏک، تڪليفون, ٻهروپ، بيوفايون ۽ ظلم برداشت ڪيا، سندس والد جي ٻي شادي سبب غربت ۽ گهر جي سارسنڀال، دربدريءَ واري ماحول ۾ تعليم ۽ نوڪري، شادي بعد اولاد جي مليل ملڪيت ۾ وڏي پُٽ جو نيم پاڳلپڻو ۽ ٻئي فرزند جو جواني ۾ موت سندس روح تي ضرب مثل ثابت ٿيا. ان جي باوجود به هن جي چهري مان ڪڏهن به مايوسي ظاهر نه ٿي، هن مٺائي جو دوڪان به کوليو، چانهه جي هوٽل هلائي ڪوئلي سان هٿ ڪارا ڪيا، ويڊيو ڪيسيٽن جو ڪاروبار ڪيو ته وري ٻارن جون شيون وڪڻي به پنهنجو وقت پاس ڪيو. ٽنڊو محمد خان جي ٽالپر ڪالوني ۾ ”محمد هاشم مخلص “ لائبريري قائم ڪري علم ڦهلائڻ جي تبليغ ڪري رهيو. جتي حافظ حامد جي ياد ۾ هال پڻ جوڙايائين, جنهن ۾ ادبي ڪانفرنسون، مشاعرا، رهاڻيون, شامون ۽ ٻيا ادبي پروگرام منعقد ڪرائيندو رهيو. سنڌي ادبي سنگت، عوامي ادبي فورم جو روح روان هئڻ سان گڏوگڏ محمد خان غني ادبي تنظيم جو سرپرست اعليٰ پڻ رهيو. جنهن پليٽ فارم تان ادبي سرگرمين کي هميشه هٿي وٺرائيندو رهيو. جيئن شاعري تاج ٽکڙائي کي ورثي ۾ ملي، تيئن شاعري جي صنفن ۾ وري غزل کيس وجودي پاڇي جيان تحفي ۾ مليو، ڇاڪاڻ ته غزل واري موزون سنڌي شاعري ۾ سندس شاعراڻو خاندان بانيڪار واري حيثيت رکندڙ رهيو. تنهنڪري هن به وڌ ۾ وڌ غزل جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي، ان سان گڏوگڏ وائي، نظم، ڪافي، نعت، مرثيي، رُباعي، گيت، ترائيل، قطعي، دوهي، بيت، ٽيڙو, چوسٽي، سانيٽ، حمد، مولود سميت انيڪ صنفون سندس قلم جي نوڪ مان احساسن جي عڪاسي طور گهڻي تعداد ۾ ظاهر ٿيون. تاج جي شاعري ۾ سندس گهڻو ڪلام سادي ۽ سليس سنڌي ۾ بيان ٿيل آهي، جنهن ۾ سندس اباڻي روايت مطابق رواني، سلاست، تجنيس حرفي، محاورن، تشبيهن ۽ استعارن جي خوبصورتي سمايل رهي. فلبديهه شاعري تي به وڏو عبور حاصل هئس. گفتگو ۾ به شاعراڻو انداز رکندڙ هو. سندس شاعري ۾ ذوق جماليات ۽ حُب الوطني چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪندي رهي. تاج ٽکڙائي لڳ ڀڳ ستر سالن جي شاعري واري زندگي ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، جن مان انعام ٽکڙائي, گل ٽکڙائي, آڪاش ٽکڙائي سنڌي شاعري ۾ پنهنجو هڪ بهترين مقام جوڙيو. انهن کان علاوه اصلاحي رهنمائي حاصل ڪندڙن ۾ جمن ”جام“ ٽکڙائي، مرحوم عزيز ٽکڙائي، عنايت علي شاهه ”عنايت“، ”جان نثار “ ٽکڙائي، ثاقب ٽکڙائي، شائق ٽکڙائي، سرواڻ ٽکڙائي، الفت سمون، همدم سمون، سومار سنگم، سومار ملهار، نياز ٽکڙائي، فيض ٽکڙائي ۽ ٻيا شامل آهن، سندس سمورا شاگرد کيس پنهنجي والد جي حيثيت ڏيندا هئا، اهو ئي سبب آهي جو کيس استادالشعراءِ ڪوٺيو ويندو هو. تاج هر دلعزيز، صاف گُو، دوستن جو دوست ۽ همدرد رهيو، سندس وڏي خوبي اها هئي جو پيرسنيءّ واري عمر ۾ به پنهجي هڙان وڙان خرچ ڪري ادبي ميلا مچائيندو رهيو. جنهن دوران دعوتون ڏيڻ کان وٺي، پنهنجي هٿن سان کاڌو ٺاهڻ ۽ کاڌو کارائڻ تائين خوشي مان اُڀي پيرين نچندو ۽ جهۡونگاريندو رهندو هو. ادبي پروگرامن لاءِ ڪرسين کان وٺي ايمرجنسي لائيٽن، هنڌ بسترن، ٿانوّن تائين هر شيءِ ذاتي طور وٺي اديبن ۽ شاعرن لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي هئائين. تاج ٽکڙائي جنهن رفتار سان سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري جي جيڪا خدمت ڪئي، ان حوالي سان هو پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ هو، فقيري طبعيت سبب جنهن پذيرائي جو هۡو حقدار هو اها کيس پلئه نه پئي  پر پوءِ به سنڌ جي ڪنهن به ڪُنڊ مان کيس ڪنهن به ادبي پروگرام جي دعوت ملندي هئي ته پاڻ کڻائي به پهچي ويندو هو. ڀوڳ، چرچا، سهپ ۽ برداشت جا مادا کيس ڄڻ ته ورثي ۾ مليل هئا. ڳالهه ٻولهه دوران استعمال ۾ ايندڙ لفظن سان قافيه ملائڻ سندس معمول بڻيل هو. علمي، ادبي ۽ ذاتي دوستن کي عزت ڏيڻ سندس خاص شيوو رهيو. هن روينيو کاتي مان نوڪري تان ريٽائرمينٽ کانپوءِ سمورو وقت علمي ۽ ادبي سرگرمين لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، ٿوري ٿوري وقفي سان مشاعرا ۽ ادبي محفلون مڇائيندو رهيو. جيڪا ڳالهه يقينن نئين نسل لاءِ مشعل راهه بڻيل رهي. هن شاعري جي آسمان تي ڏات جا جيڪي ڏيئا جرڪايا  تن مان سندس ٻه شعري مجموعا ” زندگي آهي سفر “ ۽ ”طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو “ ڇپجي پڌرا ٿيا، ان کان علاوه به سندس کوڙ شاعري اڻڇپيل حالت ۾ موجود آهي. جيڪا مجموعي جو گهونگهٽ اوڍڻ لاءِ بيتاب آهي. تاج ٽکڙائي جو تعليم جي حوالي سان تاريخ ساز ڪم اهو هو ته هن پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽکڙ ۾ اسڪول کي اوطاق بڻجڻ کان بچايو. ڳوٺ جي غريب ۽ مسڪين ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ ڪپڙا ۽ ڪتاب وٺي ڏيڻ کان وٺي انهن شاگردن جي کاڌي پيتي ۽ رهائش جو بندوبست ڪندو رهيو. تاج  ٽکڙائي ذاتي زندگي ۾ وڏا ڏک ڏٺا، هو شاهه لطيف جي سٽ، ”جيئڻ لاءِ جيڏيون، وڏا وس ڪيام.“ جو عملي روپ بڻيل رهيو. پنهنجي ذاتي ڏکن کي پُٺن پٺيان اڇلائي هن قومي سجاڳيءَ جي سج اُڀرڻ جي آس کي ئي اکين ۾ زنده رکيو. تاج جي شاعري ۾ فن به آهي ته جذبات به آهن. تاج سنڌ جي حالتن کان ڪڏهن به غافل نه رهيو، سندس لفظن ۽ عملن ۾ هميشه هم آهنگي رهي، جهڙو لکڻ ۾ هو، حقيقي زندگي ۾ به اهڙو ئي هو. سنڌي ٻولي جو ناليوارو اديب  پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، کيس” تاج الشعراءِ “ سڏيندو هو. تاج ٽکڙائي جي شاعري علمي ۽ عروضي روايتن جي حامل هوندي به تاڃي پيٽي سنڌي شاعري آهي. شهري ۽ علمي ماحول ۾ رهندي به هن پنهنجي شاعري ۾ لوڪ شاعري جي رس ۽ چس کي برقرار رکيو. سندس ڪافيون، غزلن جي سڪ لاهين ٿيون ۽ غزل، ڪافين جو سرور بخشين ٿا. تاج جي ڪلام ۾ تجربا به آهن ته مشاهدا به. ذاتي ڏک ڏاکڙا به آهن ته قومي ۽ سماجي مسئلن جي اُپٽار به ٿيل آهي. فطرت جي عڪاسي به آهي ته جمالياتي جلوا به آهن. تاج چٽو سماجي شعور رکندڙ شاعر هو، تاج جي شاعري سنڌ جي روايتي رنگ ۾ رچيل رهي. تاج جي ذاتي مزاج ۾ فقيري، نوڙت نياز جا انبار هميشه پيا پسبا هئا. سندس شاعري ۾ حُسن جو هڳاءُ، عشق جا اُڌما، ڌرتيءَ سان پيار ۽ انساني حياتي جا انيڪ رنگ پڌري پٽ هئا.هن وٽ رڳو غم جانان نه  پر غم دوران به هو. تاج جي شاعري ۾ سنڌ موجود هئي. هو هڪ خوددار شاعر هو، سندس شاعري ۾ به خودداري نظر ايندي هئي. جيڪو شاعر ڌرتيءّ, ٻولي ۽ ان جي ماڻهن جي عڪاسي ڪري ٿو، ان جي شاعري ۾ دائميت رهي ٿي.  تاج ٽکڙائي 24 آگسٽ 2022ع مطابق 25 محرم الحرام 1444 هجري تي اربع جي ڏينهن صۡبح جو سانوڻي جي وسڪاري ۾ هميشه هميشه لاء موڪلائي ويو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

توهان لاءِ ڪجھ نئون

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!