Niyraam Shaam

1 min read

 

 

 

 

 

 

 

 

ساھتي جا شاعر

نارائڻ شيام

نالو: نارايڻ شيام

والد جو نالو: گوڪلداس ناگواڻي

جنھن ڏينھن: 22 جولاءِ 1922ع  جنم ھنڌ: ڳوٺ کاهي قاسم، نوشهرو فيروز ضلعو، سنڌ،   تعليم: بي-اي 1942ع ۾ ڊي-جي سنڌ سائنس ڪاليج

ڪرت: 46-1945ع ۾ نوشهري فيروز ۾ پرشن ٽيچر ۽ ورهاڱي کان پوءِ دهلي پوسٽ ۽ ٽيليگراف کاتي جي آڊٽ آفيس ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو ۽ 1980ع ۾ هيڊ ڪلارڪ جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيائين.

 ’سنڌي ادبي سرڪل‘ جي بنياد وجهندڙن ۽ سرگرم ڪارڪنن مان هڪ هو.

سڃاڻپ: شاعر سميت سموريون ادبي صنفون

ڇپيل ڪتاب: شاعريءَ جو پهريون مجموعو 1953ع ۾ هري دلگير جي شاعري سان گڏ ”ماڪ ڦڙا“ جي نالي سان ڇپيو. ”ماڪ ڦڙا“ ۾ شيام جي اوائلي ۽ تجرباتي شاعري آهي، جنهن ۾ آزاد نظم، سانيٽ، ترائيل، نظم وغيره شامل آهن.

 ٻيو مجموعو: ”پنکڙيون“ جي نالي سان 1955ع ۾ ڇپيو

 ٽيون مجموعو ’رنگ رتي لهر‘ 1956ع ۾ ڇپيو.

ٻيا ڪتاب ’رنگ رتي لهر‘ کان سواءِ ’واريءَ ڀريو پلاند‘، (1968ع) آڇيندي لڄ مران (1972ع) ۽ مهڪي ويل صبح (1983ع) پڻ غزلن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ”روشن ڇانورو“ (1962ع) ۾ ڇپيو

 ’ماڪ ڀنا رابيل‘ (1964ع) ۾ وايون ۽ هائڪو (جن کي شيام ”تصويرون“ سڏيو آهي)

 شيام جي ڇپيل ٻين ڪتابن ۾

بوند، لھر ۽ سمنڊ 1986

 ”نه سو رنگ-نه سا سرهاڻ“ (1987ع)، ”ڏات ۽ حيات“ (1988ع)، ”راهون پنڌ پيون“ (1998ع)، نکريو آهي نينهن (1999ع) شامل آهن.

 شيام جا ٻه ترجمو ڪيل ڪتاب ”ڪبير“ (پرڀاڪر ماچوي جي انگريزي مونوگرام جو ترجمو) 1980ع ۽ غالب (ايم مجيب جي انگريزي مونوگرام جو ترجمو) (1986ع) پڻ ڇپيل آهن

مشھور شعر

الا! ايئن نه هوءِ، جو ڪتابن ۾ پڙهجي،

ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

 نارايڻ شيام نئين دهلي هندستان ۾ 10جنوري 1989ع تي ديهانت ڪري ويو

معلومات وڪي پيڊيا تان کنيل۔

ڪوئل جيڪونجار،

مون نه جواني ۾ لکي!

هير ڀني جي اوٽ ۾،

آئي جا هٻڪار،

مون نه جوانيءَ ۾ لکي!

پوپٽ نچندا ئي رهيا،

رنگ رتي جهنڪار،

مون نه جوانيءَ ۾ لکي!

نيري نڀ جي گهور ۾،

هيئن اُڪير اَپار،

مون نه جوانيءَ ۾ لکي!

وڻج نجو ئي نور جو

تارن جي بازار،

مون نه جوانيءَ ۾ لکي!

ڪهڙي ڌُن ۾ ڌُوڪبي،

ويئي ڪيئي ڄمار،

مون نه جوانيءَ ۾ لکي!

نئين آھي نت ناز وارن جي ٻولي.

نِگاهُن اَدائُن اِشارن جي ٻولي.

مِٺي آهي ڪوئل جي ڪوُ ڪوُ مِٺي آ،

مِٺي آهي سچُ بيقرارن جي ٻولي.

خِزان حالُ اوري ته ڪنهن ساڻُ اوري،

سَڀيئي سِکيا جي بَهارُن جي ٻولي.

مِٽيءَ جي ذرن جو ته ڪُجھ حالُ سَل توُن،

ڏُکي ناهي سمجھڻ سِتارَن جي ٻولي.

اَلا ! اِئين نه ٿِئي جو ڪِتابن ۾ پڙهجي،

ته هُئي سِنڌُ ۽ سِنڌُ وارن جي ٻولي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!