Ruksana Pereet
رخسانہ پریت
23 آگست 1967: تاریخ پیدائش
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌ جي، پنھنجي ٽھي جي نمائنده شاعره رخسانه پريت چنڙ صاحبہ 23 آگسٽ 1967ع تي جنم ورتو، پيشي جي لحاظ سان رخسانه پريت چنڙ ڊاڪٽر آهي، ھن پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه مان ايم بي بي ايس ڪئي، ان کان پوءِ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري صحت کاتي ۾ نوڪري شروع ڪيائين، رخسانه پريت چنڙ شاگردي واري زماني کان ئي شاعري شروع ڪئي، ھن وقت تائين ھن شاعري جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر کيس غزل تي وڏي مھارت آهي، سندس ھن وقت تائين شاعريءَ جا ٽي مجموعا “پياسي ساڀيان جل ٿل خواب”، “نگاھن جا سجدا” ۽ “تون جو پاڇو چنڊ جو” شايع ٿي چڪا آهن، پنھنجي پيشي ۽ شاعري سان گڏ رخسانه پريت تمام سرگرم سماجي اڳواڻ به آهي، سنڌي ادبي سنگت سان به لاڳاپيل رهي آهي، ھن سنڌ جي مشهور قوم پرست اڳواڻ، ٽوڙي ڦاٽڪ سانحي جي اسير ڊاڪٽر دودي مھيري سان شادي ڪئي آهي.