Fozia Soomro
فوزیہ سومرو
تاریخ وفات : 4 سیپتمبر 2004
۔…………………………………………
سنڌ جي مشھور لوڪ فنڪاره ، حڪيمه ڪنڀر المعروف فوزيه سومرو 1966ع ڌاري ٿر جي علائقي ويرا واھ لڳ ڳوٺ کاروسر ۾ ناٿو خان ڪنڀر جي گهر ۾ جنم ورتو، جڏهن ته 4 سيپٽمبر 2002ع تي ھي جھان ڇڏيو، سندس خاندان پوءِ کاروسر مان لڏي اچي ٽنڊو محمد خان ۾ رھائش اختيار ڪئي، ھتي ئي سندس خاندان پوءِ “سومرو” سڏائڻ شروع ڪيو، فوزيه سومرو ڪجهه وقت شادين مرادين ۽ پرائيويٽ محفلن ۾ ڳائيندي رهي، اسي واري ڏهي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پھتي، استاد نياز حسين جي نگراني ۾ سندس ڪجهه رڪارڊنگس ٿيون، ته فوزيه سومرو سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي وئي، ھن پوءِ استاد نياز حسين ۽ غلام حسين ڪليري کان موسيقي جي ڄاڻ حاصل ڪئي، ان کان پوءِ فوزيه سومرو پاڪستان ٽيليويزن ۽ شاہ عبداللطيف ڀٽائي، قلندر لعل شهباز، سچل سرمست جي عرسن سميت سڄي سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ ڳائڻ لڳي، ھن سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ سرائڪي، مارواڙي/ڍاٽڪي، بلوچي ۽ اردو زبانن ۾ ڳايو، کيس شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ سميت مختلف ايوارڊن سان نوازيو ويو، فوزیہ سومرو بنيادي طور تي لوڪ فنڪاره ھئي، ھن شروع ۾ مارواڙي لوڪ گيت ڳايا، ھن عام اسٽائيل اختيار ڪيو، عام رواجي ۽ ولگر شاعري به ڳائي، سندس ٻڌندڙن جو ھڪ پنھنجو حلقو آهي، سندس تمام گهڻيون ڪئسٽس مارڪيٽ ۾ آيون، جن کي عام ٻڌندڙن پاران تمام گهڻو پسند ڪيو ويو، ھن ٽنڊو محمد خان جي رھائشي ۽ ڪئسٽي شاعر مصري سٺيو سان شادي ڪئي، جنھن مان کيس ھڪ ڌيءَ جو اولاد آهي..