Masri faqeer

 

 

 

 

 

 

 

مصری فقیر

8 سیپتمبر : تاریخ وفات

سنڌ جي مشهور فنڪار مصري فقير پھرين مارچ 1929ع تي سرھاڙي ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو، مصري فقير مخدوم طالب المولئ جو مريد هو، ان جي ئي صحبت ۾ رھي ڳائڻ ڏانهن مائل ٿيو، ھن راڳ جي سکيا َقاضي احمد جي پياري فقير ميراثي کان ورتي، مصري فقير شاعري به ڪئي، کيس ريڊيو پاڪستان تي به مخدوم صاحب متعارف ڪرايو، ھن تمام صاف سٿري ۽ صوفياڻي شاعري ڳائي، ھن شاھ لطيف، سچل سرمست، حمل فقير، مخدوم طالب المولئ، تاجل بيوس، حسين بخش خادم، رحيم بخش قمر ۽ ٻين جي شاعري ڳائي، ھي پنهنجي ڪلامن جون ڌنون به پاڻ ٺاهيندو هو، پر پھرين مخدوم صاحب کان پاس ڪرائيندو هو، ھن ڪيترائي شاگرد به پئدا ڪيا، جن مان ڦوٽو زرداري تمام گهڻو مشهور ٿيو، مصري فقير جي پونئرن سندس فن ۽ شخصيت تي ھڪ ڪتاب “پڳھ ڇوڙي پنڌ پيا” ترتيب ڏئي ڇپرايو آهي، مصري فقير 8 سيپٽمبر 1984ع تي وفات ڪئي..

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!