Daadi Leela
دادی لیلان
14 سیپتمبر 2017: تاریخ وفات
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌ جي نامياري تعليمدان، موسيقار، ليکڪ، سماجي اڳواڻ دادي ليلان 20 ڊسمبر 1916ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، ھن جو سڄو نالو ليلاوتي ھرچنداڻي ھو، ھي تمام غیر معمولي قسم جي عورت ھئي، تمام سٺي تعليم دان ھئي، ھن نياڻين جي تعليم لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، مختلف ادارن سان گڏجي نياڻين لاءِ ڪيترائي اسڪول کولرايائين، تمام سٺي موسيقار ھئي، موسيقي سان سندس خانداني چاھ ھو، سندس وڏا به سٺو ڳائيندا ھئا، ھن سنڌ جي تمام وڏين فنڪارائن کي به موسيقي جي تربيت ڏني، 1940ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ موسيقي جي استاد مقرر ٿي، جتي ھن تمام گهڻا شاگرد پيدا ڪيا، ھن جو سنڌ سان تمام گهڻو چاھ ھو، ورھاڱي وقت گھڻين سختـين باوجود به سنڌ نه ڇڏيائين، کيس ڪنهن به صورت ۾ وساري نه ٿو سگهجي، ھن 14 سيپٽمبر 2017ع تي وفات ڪئي..