Master Chander
ساھتي جا شاعر
ماستر چندر
نالو . چانڊو مل ڏامواڻي .
شاعري ۾ تخلص مشھور نالو . ماستر چندر .
جنم تاريخ. 7 ڊسمبر 1907ع
جنم ھنڌ . ساھتي پرڳڻو ٺاروشاھ .
سندس پنھنجو ئي گھر جيڪو ٺاروشاھ ۾ اڃان تائين موجود آھي .
تعليم . ٺاروشاھ ھاء اسڪول منجھان
ميٽرڪ . ۽ ڪجھ ڊگريون ٻين ھنڌان پڻ ڪيائين .
ڪرت . زمينداري .
ٺاروشاھ شھر ڀرسان پنھنجا ميوون جا باغ
پورو خاندان اعلا تعليم يافتا . بيروڪريٽ فيملي .
ادبي استاد .
ٺاروشاھ ھاء اسڪول جو ھيڊ ماستر
ديوان لوڪو مل . ( ٺاروشاھ )
صوفي منش ديوان جيوترام ويڙھو مل مٽائي . ( ٺاروشاھ )
لاڏاڻو 3 نومبر 1984ع بمبئي
شاعري جا سندس 3 ڪتاب ( چندر سان رھاڻيون )
ھندستان منجھ شايع ٿيا .
وطن کان جدا ٿي لڏيندا وڃن ٿا
پکي باغ پنهنجو ڇڏيندا وڃن ٿا
ڇڏي قطب بيدل بيڪس جا ديرا
ڇڏي شاھ سامي درپت ديرا
درازن کان اڄ دور ٿيندا وڃن ٿا
ڇڏي پنهنجي سنڌو نديء جا ڪنارا
اباڻا اجھا ۽ ڇنا پيارا پيارا
پراڻن پکن کي مٽيندا وڃن ٿا
ڇڏي زندھ پير ۽ سکر ساڌ ٻيلو
وسڻ گھوٽ روحل پارو شاھ جو ميلو
جدائي سندو داغ ڏيندا وڃن ٿا
***
آئينء چمن ۾ بھار وي
ڀلي آئينء چمن ۾ بھار
خوش ٿا لڳن سڀ ٻڍڙا ٻڍڙيون
خوش ٿا الڳن سڀ جوان ۽ امڙيون
خوش ٿا لڳن سڀ ننڍڙا ننڍڙيون
خوش ٿا لڳن سڀ ٻار
ڀلي آئينء چمن ۾ بھار
شوم به اڄ مس مس مشقن ٿا
جن نه کليو ھو سي به کلن ٿا
سنگدل سڀ اڄ نرم لڳن ٿا
نرم لڳن ٿا خار
ڀلي آئينء چمن ۾ بھار
توکي ڏسي سڀ ويس مٽائن
سرد ۽ سنھڙا ڪپڙا پائن
صابڻ ميٽ سان منھ چمڪائن
ورھ مان ڇوڙن وار
ڀلي آئينء چمن ۾ بھار
***
دلبر جي در تي ڪئين وڃان
در تي وڃڻ جي آ منع
در تي وڃي پھتس به پر
کڙ کڙ ڪرڻ جي آ منع
کڙ کڙ ڪري در کي به کڙڪايم
پڇيائين ڪير آ
ھاڻي ڀلا مان ڇا ڪيان
نالي کڻڻ جي آ منع
نالو به ورتم دل جھلي
نالو ٻڌي چپ ٿي ويو
واڪا ڀلا مان ڪيئن ڪيان
واڪن ڪرڻ جي آ منع
واڪا ڪري جئين مون پڪاريو
ٿي خفي ھن ھيئن چيو
واپس ھليو وڃ تون چندر
اندر اچڻ جي آ منع
****
ڏس عشق جي دنيا ڪئين
خاموش ٿي رھائي
خاموش ٿي رھائي
عاذاب ٿي سھائي
مون وٽ اچي ڪندو ڇا
ڇو مان وڃان انھيء وٽ
مان ھن کي ياد آھيان
ھون مون کي ياد آھي
چندر مزو محبت
آھي تڏهن جو رسجي
مان ھن کي پيو منائيان
ھو مون کي پيو منائيان