Prof: Muhammad Salim Memon
1 min readناليوارو ليکڪ پروفيسر محمد سليم ميمڻ
زين سولنگي
قداور اديب ، ليکڪ ، نيوز ڪاسٽر ، ڪمپيئر ، مايا ناز استاد پروفيسر محمد سليم ميمڻ 29 مئي 1950ع تي ڪراچيءَ ۾ عبدالقادر ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو . هن مئٽرڪ اين جي وي هاءِ اسڪول 1966ع ، ايم اي سنڌي 1972ع ڌاري ۽ ايل ايل بي 1974ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين . محمد سليم ميمڻ 1973ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي 40 سالن وري سفر ۾ پروفيسر محمد سليم ميمڻ جي قابليت ، سندس خوداعتمادي کي مدي نظر رکندي يونيورسٽي انتظاميه هنن کي هميشه اضافي ذميواريون ڏيندي رهي جن ۾ مئي 2010ع ۾ پروفيسر ڊائريڪٽر شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي ، ڊين فيڪلٽي آف آرٽس ۽ سوشل سائنسز ، سيڪريٽري الحاق ڪاميٽي ۽ ڊائريڪٽر فور ايئر بي ايس پروگرام جي حيثيت سان رٽائر ڪيائين . سنڌ جو هيءُ خوبصورت سرجڻهار پروفيسر محمد سليم ميمڻ هن وقت ڊائريڪٽر شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي عهدي تي ڪم ڪن پيا . جيئن نامياري شاعر امداد حسيني ڪيڏو نه خوب چيو آهي ، اهي سٽون سليم سائين جهڙي ڪامياب شخصيت تي ٺهڪي ٿيون اچن :
اسين نصيب جا ڌڻي اسان جي هٿ ۾ قسمتون
اسان کي رب عطا ڪيون بهادريءَ جون دولتون .
سنڌ جي هن خوبصورت سرجڻهار پروفيسر محمد سليم ميمڻ 1970ع کان فني زندگي جي شروعات ريڊيو پاڪستان ۾ نيوز ڪاسٽر جي حيثيت سان ڪيائين . 1973ع کان پاڪستان ٽيلي ويزن تان خبرون پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ 2010ع تائين پاڪستان ٽيلي ويزن تان خبرون ۽ ڪرنٽ افيئرز جي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪندو رهيو . پاڪستان ٽيلي ويزن جي تاريخ ۾ 38 سالن تائين لڳاتار ڪم ڪرڻ رڪارڊ قائم ڪندڙ اڪيلو آرٽسٽ ۽ اينڪر آهي ، کيس مختلف موقعن تي ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام مليا . ڪجهه سال پهريان سنڌ جو هيءُ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ ليکڪ ، مٺڙي لهجي ۾ منفرد انداز ۾ ڪمپيئرنگ ڪندڙ پروفيسر محمد سليم ميمڻ سنڌ جي صوفي شاعر حضرت سچل سرمست رحه جي عرس مبارڪ تي ادبي ڪانفرنس جي پروگرام لاءِ اسٽيج تي نمودار ٿيو ، منهنجي نظر هنن تي پئي بيحد خوشي ٿي ، پروفيسر محمد سليم ميمڻ سان گڏ اسان جو دلبر دوست ، سنڌي ادب جو جاکوڙي ڪردار پروفيسر سڪندر ڀنڊ به گڏ هو ، آءُ سڌو وڃي پهريان سڪندر ڀنڊ سان مليس ، سڪندر ڀنڊ فورن سليم صاحب سان ملايو هيءُ زين سولنگي آهي سچل جي ديس جو ماڻهو آهي ، ليکڪ آهي اسان جو پنهنجو آهي ، سليم ميمڻ وڏي جوش ۽ خروش سان مليو ، مٺڙي لهجي ۾ حال احوال ورتائين ۽ پنهنجائپ ڏنائين . جڏهن ادبي ڪانفرنس جي شروعات ٿي ته ثقافت کاتي حڪومت سنڌ طرفان جيڪا هنن کي مقاله نگارن جي فهرست ڏني ويئي هئي ان مان پهرين نمبر تي مونکي وڏي پنهنجائپ منجهان اسٽيج تي مقالو پڙهڻ لاءِ سڏيو هو .
ڪراچي جي سنڌي وسندين ۾ معياري تعليم مهيا ڪندڙ اداري مهراڻ ايجوڪيشن فائونڊيشن ( MEF ) جو سرواڻ ، سنڌ گريجوئيٽس ايسو سيئيشن ( سگا ) جو سرگرم اڳواڻ ، ڇهن ستن يونيورسٽين جي اڪيڊمڪ ڪائونسلن جو مهندار ، ڪامياب پروگرام ڪرائڻ جو ماهر ، يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت جو متحرڪ اڳواڻ پروفيسر محمد سليم ميمڻ جيڪو ڀٽائي سرڪار جي سر کاهوڙي جو سچو پچو هڪ جاکوڙي ڪرادر آهي . سماجي تنظيم سگا طرفان پروفيسر محمد سليم ميمڻ کي اعليٰ اعزاز ” گريجوئيٽ گولڊ ميڊل “ 1999ع ۾ ڏنو ويو . پروفيسر محمد سليم ميمڻ سنڌي شعبي ڪراچي يونيورسٽي جوهڪ متحرڪ چيئرمن رهيو آهي مان ايئن چوان ته پروفيسر محمد سليم ميمڻ سنڌي شعبي جي سونهن رهيو آهي ، ڪراچي جي ٻهراڙيءَ توڙي پوري سنڌ مان ايندڙ شاگردن لاءِ هڪ بڙ جهڙي ڇانوَ رهيو آهي .ملير توڙي گڏاپ لاءِ الڳ الڳ پوائنٽون شروع ڪرايون توڙي شاگردن جي داخلا وغيره جي معاملن ۾ هنن جي ڀرپور مدد ڪندا رهيا آهن .
پروفيسر محمد سليم ميمڻ 1992 ۽ 1993ع ۾ ڪافي عرصي تائين جاڳو اخبار ۾ ” ککر ۾ کڙو “ جي عنوان سان ڪالم لکندو رهيو ، 1973ع کان هنن جا آرٽيڪلز ، مضمون ۽ مقالا ڇپجندا رهن ٿا ، جن مان ڪجهه مواد ” وکريل ورق “ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ 2010ع ۾ شايع ٿيا آهن . جڳ مشهور ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض حوالي سان ” فيض صدي جي حوالي سان فيض تي لکيل ٽن ڪتابن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي جيڪي ثقافت کاتي حڪومت سنڌ شايع ڪرايا آهن ، جن ۾ : فيض سان رهاڻيون 2010ع ، فيض يادون ۽ ڳالهيون 2013ع ۽ جن کي عشق جي ڏوهه تي ناز هو 2013ع شامل آهن“ . محترمه بينظير ڀٽو جي 1987ع کان 2007ع تائين مختلف اردو رسالن ۽ اخبارن کي ڏنل انٽرويوز مان چونڊ انٽرويو ” تم جيت گئي هم هارگئي “ جي نالي سان ڪتاب سهيڙيا آهن جيڪي ثقافت کاتي حڪومت سنڌ 2012ع ۾ شايع ڪرايا آهن .ثقافت کاتي حڪومت سنڌ طرفان شايع ڪرايل ڪتاب جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ( شخصيت ، فن ۽ فڪر 2011ع ) ، شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پيغام جو موجوده حالتن تي اطلاق 2012ع . سليم ميمڻ جا تحقيقي جرنل ڪلاچي ۾ لکيل تحقيقي مقالن جو وڏو انگ ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ لاءِ ماندو آهي . شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي هڪ منفرد تاريخي اداري جي حيثيت رکي ٿي جيتوڻيڪ ٻين يونيورسٽين ۾ مختلف شخصيات جي حوالي سان چيئرز قائم ته ڪيون ويون آهن مگر اهي شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جيترو تحقيقي ڪم ڪري نه سگهيون آهن ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي سڀ کان وڌيڪ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو آهي ، ان ۾ وڏو ڪمال پروفيسر محمد سليم ميمڻ جي دور رس پلاننگ ، سٺي انتظام ڪاري ۽ بهتر انداز ۾ ڪم کي اڪلائڻ واري صلاحيت آهي . شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر طرفان هيڪ طرفان منظور شده تحقيقي جرنل ڪلاچي ڪافي سالن کان مستقل بنياد تي چپجندو رهي ٿو ، جنهن ۾ مواد پڻ تحقيق تي مبني شامل هوندو آهي ان تحقيقي جرنل جو ايڊيٽر پروفيسر محمد سليم ميمڻ آهي ، شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر طرفان ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا ويا آهن ، شاه عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلو پيڊيا جلد وائيز ۽ ٻيا ڪتاب پڻ جيڪي سنڌي ادب جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا . ان تاريخي اداري شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جو روح روان پروفيسر محمد سليم ميمڻ آهي جنهن جامع لغات لطيف نگران ايڊيٽر محمد سليم ميمڻ ، هونداسي حيات سهڙيندڙ محمد سليم ميمڻ ، شاهه لطيف جي رسالي عبدالرحمٰن نقاش سهڙيندڙ پروفيسر محمد سليم ميمڻ اهي ٽئي ڪتاب شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر طرفان شايع ڪرايا ويا آهن . شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر تحقيقي ڪتاب ڇپرائڻ سان گڏ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر جي ڦهلاءَ لاءِ وڏي سطح جا پروگرام پڻ ڪندي رهندي آهي جيڪي پروگرام شاندار نموني ٿيندا آهن انهن پروگرامن جي ڪاميابين جو سهرو پروفيسر محمد سليم ميمڻ ڏانهن وڃي ٿو . سنڌ جي نامياري ڏاهي انسان محمد ابراهيم جويي کي مڃتا ڏيڻ لاءِ هڪ جامع رٿا ” سائين محمد ابراهيم جويي متعلق يادگار پروگرام آرگنائيز ڪرڻ “ ۾ پروفيسر محمد سليم ميمڻ جون ڪيل اڻٿڪ محنتون ۽ ڪوششون قابل داد آهن . انهن ڏينهن ۾ ابراهيم جويو ايڪ صدي ڪي آواز جي نالي سان اردوءَ ۾ ڪتاب تيار ٿيو جهن جي اشاعت جو انتظام پروفيسر محمد سليم ميمڻ ڪيو .
ڀٽائي سرڪار به پروفيسر محمد سليم ميمڻ جهڙن متحرڪ جاکوڙي ڪردارن لاءِ چيو آهي ته :
جت نه پکيءَ پيرُ ، تت ٽمڪي باهڙي
ٻيو ٻاريندو ڪير ، کاهوڙڪيءَ کير ري .
گهڻ رخي شخصيت جي مالڪ پروفيسر محمد سليم ميمڻ جو نالو وڏي فخر سان وٺي سگهجي ٿو جو هو سنڌي ادب جو وڏو تخليقي ڪردار آهي ، هن پنهنجي خداداد صلاحيتن سان سنڌي ادب کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي ، جنهن تي تفصيلي لکبو ته ڪيئي ڪتاب جڙي سگهن ٿا . سليم ميمڻ جي ٻوليءَ ۾ نفاست ، سادگي ، مٺاس ، رس ، لذت ، نرملتا ، ڪو ملتا ، مٽيءَ جي سڳنڌ ، سنڌي ماڻهن سان قرب ، محبت ، الفت جهڙيون انساني نفسيات واريون خوبيون ۽ ڪيفيتون شامل محسوس ڪجن ٿيون ، سنڌ جي هن خوبصورت سرجڻهار پروفيسر محمد سليم ميمڻ جنهن پنهنجي پوري حياتي سنڌي ادب ، سنڌي ٻولي ، هن سماج جي ترقي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي ان کي سنڌيءَ جو هيءُ خوبصورت شعر منسوب ڪجي ٿو :
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
گهايل ڌرتيء جي سيني جي
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي
جا دنيا کي بدلائي ٿي.