Sirkas Sindhi
سنڌ جي مشهور شاعر عبدالمجيد چانڊيي المعروف سرڪش سنڌي پهرين آڪٽوبر 1940ع تي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو، سندس خاندان پوءِ لاڙڪاڻي منتقل ٿي ويو، ھن ايم اي ۽ بي ايڊ ڪئي، نوڪري جي شروعات پرائمري استاد طور ڪئي، پوءِ ايڇ ايس ٽي ٿيو، ھن شاگردي واري زماني کان ئي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، سندس شمار سنڌ جي چوٽيء جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو، سندس: درد دل، امن آب حيات، پيار ۽ آزادي، سنڌو جاڳي ٿو، جوڻيون جيءَ جھان جون، سچ ٿا مرد چون، سمنڊ ڇوليون ٽهڪ، زندگيءَ جي گونج سميت ھڪ ڊزن کن ڪتاب ڇپيل آهن، ھن 5 مارچ 2012ع تي وفات ڪئي..