GhanGhani Lakshami Chand

 

 

 

 

 

 

ھند، سنڌ جي مشهور ليکڪ، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، شاعر، مترجم، سنڌي ٻوليءَ جي گھڻگھري لڪسمي چند ڀريو مل کلاني 2 آڪٽوبر 1935ع تي سکر سنڌ ۾ جنم ورتو، ھن ابتدائي تعليم به سکر مان ئي حاصل ڪئي، ان دوران ئي ھن شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، ورھاڱي وقت پنهنجي وڏن سان گڏ پھرين بنارس پوءِ ڪلڪتي ۾ رھيو، ھن ھندو يونيورسٽي بنارس مان سول انجنيئرنگ ۾ بي اي ڪئي، کيس ڪلڪتي ۾ نوڪري ملي، ڪلڪتي ۾ رھندي ھن بنگالي ٻوليءَ تي ڪافي ڪم ڪيو، بنگالي ادب جا ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيا، ھن ڪلڪتي ۾ رھائش دوران، سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت تي به ڪم ڪيو، سنڌي ٻوليءَ کي وڏي اهميت ڏياري، ھن جا 25 جي لڳ ڀڳ ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ ست ڪھاڻين جا مجموعا، ٽي ناول، ستياجيت ري جي آتم ڪٿا جو ترجمو، بنگالي ادب جي مختلف صنفن جا ترجما وغیرہ شامل آهن، ھن وڏي عرصي تائين ٽماهي “رچنا” جي ادارت ڪئي، ھن وڏي ڪوشش ڪئي ته ڪلڪتي ۾ شانتي نڪيتن يونيورسٽي جھڙي “سنڌي يونيورسٽي” قائم ڪجي، ان ئي سلسلي ۾ ھن ڪڇ ۾ سنڌالاجي قائم ڪئي، ان جو وڏو وقت ڊائريڪٽر به رهيو..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!