Kalpana Devi
سنڌ جي مشهور قانوندان، ليکڪـا، سياسي، سماجي اڳواڻ ڪلپنا ديوي سنڌ جي مشهور علمي ادبي خاندان ۾ 2 آڪٽوبر 1972ع تي سکر ۾ جنم ورتو، سنڌ جي مشهور ليکڪ، دانشور، سياستدان ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي خاندان سان تعلق رکندڙ ڪلپنا ديوي سنڌ جو ھن وقت ھڪ متحرڪ ڪردار آهي، کيس سنڌ جي پھرين ھندو عورت سنڌ جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ھئڻ جو اعزاز حاصل رهيو آهي، ان سان گڏ ڪلپنا ديوي کي پوري ننڍي کنڊ ۾ ھندو پنچائت جي پھرين عورت چيئرپرسن ھئڻ جو به اعزاز حاصل آهي، ھن سنڌ جي عورت، خاص ڪري ھندو نياڻين جي حقن لاءِ وڏي ويڙهه ڪئي آهي، انھن جي جائز حقن ۽ تعليم لاءِ جاکوڙيو آهي، سنڌ جي ھن نياڻي کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون هجن..