Tehla Ram Khepchand
سنڌ جي مشهور سياستدان، قانون دان، سماجي شخصيت، تعليمي ماهر، ليکڪ ديوان ٽهلرام کيمچند 1836ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو، سندس اصل تعلق ٺٽي جي ديوانن جي وزيراڻي خاندان سان ھو، ان ئي خاندان بندر روڊ ڪراچيءَ ۾ ٺٽائي ڪمپائونڊ ٺھرايو، ديوان ٽهلرام بمبئي مان گريجوئيشن ۽ قانون جي تعليم حاصل ڪئي، جيئن ته ان وقت سنڌ ۾ ڪاليج ليول جو ڪوبه ادارو نه ھو، ان ڪري ٻين سان گڏ ديوان ٽھلرام به سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ ھڙان وڙان ڪوششون ڪيون، نيٺ ڪراچيءَ ۾ 1887ع ڌاري ڪاليج قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پاڻ بورڊ آف ڪاليج جو ميمبر ٿي ويو، ديوان ٽھلرام ميونسپل جو به ميمبر رهيو، ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين، ھن 1882ع ڌاري “سنڌ سڀا” تنظيم ٺاهي، جنهن جا سيٺ هرچندراءِ، ديوان اڌارام مولچند، حسن علي آفندي به ميمبر ٿيا، ان تنظيم سنڌ جي سياسي، تعليمي ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ زبردست ڪم ڪيو، ھن ڪراچيءَ ۾ مشھور بنگالي ليکڪ ۽ دانشور ناگيندر گپتا سان گڏجي “سنگت” تنظيم جو بنياد رکيو، ھن تنظيم جو ڪم ماڻهن ۾ ھر قسم جي سجاڳي پيدا ڪرڻ ھو، ان جي پليٽ فارم تان ئي 1887ع وارين ميونسپالٽيءَ جي چونڊن ۾ ديوان ٽهلرام ۽ ناگيندر گپتا ڪاميابي حاصل ڪئي، ديوان ٽهلرام پوءِ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو صدر به ٿيو، 1896ع ۽ 1897ع ۾ سنڌ ۾ خطرناڪ مرض پليگ پکڙيو، جنهن ۾ ھزارين ماڻهو مري ويا، ان دوران به ديوان ٽھلرام زبردست ڪم ڪيو ۽ ماڻهن کي ان مرض مان نجات ڏياري، ھن ڪراچيءَ ٻيا به ڪيترائي ڪم ڪيا، ڪيترن ئي ماڻهن جا مفت ۾ ڪيس وڙهيا، ھي سٺو ليکڪ ۽ صحافي به ھو، هفتيوار اخبار “سنڌ سڌار” ۽ هفتيوار انگريزي اخبار “سنڌ ٽائيم” جو ايڊيٽر رهيو، ھن پهرين آڪٽوبر 1905ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي..