Treeth Wasnat
تیرت وسنت
تاریخ وفات: 30 سیپتمبر 1994
۔…………………………………………..
سنڌي ٻوليءَ جي ھنڌ ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪـ، شاعر، ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار، مضمون نگار، مترجم تيرٿ وسنت 7 جولائي 1909ع تي خيرپور، سنڌ ۾ جنم ورتو، کيس ننڍي هوندي اداڪار ٿيڻ جو شوق هو، ان نيت سان خيرپور ڇڏي ڪراچي اچي ويو، اتان بصره ۽ ايران وڃي نڪتو، اتي مختلف مزوريون ڪيائين، عربي ۽ فارسي، انگريزي ٻوليون به سکي ورتائين، اتان ٽنڊو آدم آيو، ڪجهه وقت ڪاروبار ڪيائين، تعليم بالغان جو ڪم ڪيائين، مختلف اسڪولن، ڪاليجن ۾ پڙھائيائين، بورڊز آف ڪاليجيز جو ميمبر رهيو، سياست ۾ به حصو ورتو، حيدرآباد ميونسپالٽي جو ميمبر رهيو، ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ، ايجوڪيشن ٽرسٽ جو ميمبر رهيو، هاري حقدار تحريڪ ۾ سرگرم رهيو، سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي لائبريريون قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪيائين، جڏهن ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ٿيو ته سندس ٻيا ويجها عزيز انڊيا ھليا ويا پر ھن سنڌ نه ڇڏڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو پر کيس تمام گهڻو تنگ ڪيو ويو، گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو، نيٺ ڪجهه سالن کان پوءِ سنڌ ڇڏي اجمير ويو، ھن ڪراچي ۾ رھڻ دوران ئي لکڻ شروع ڪيو، سندس ليک سنڌ آبزرور، روشني، ڦليلي سميت ان دور جي سڀني اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا، ڪراچيءَ مان ئي “ايڊوانس انڊيا” جي عنوان سان رسالو جاري ڪيائين، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (چڻنگون، جواهر جيوني (2 ڀاڱا)، چترا (ٽئگور جي ناٽڪ جو ترجمو)، ڪنور، وسنت ورکا (مضمون)، ساهتيا سار، اتهاس درشن، ڪلچر (اڀياس)، جيون جوت (اڀياس)، ائنٿوني ڪيلوپيٽرا (شيڪسپيئر جي ڊرامي جو ترجمو)، آٿيلو (شيڪسپيئر جي ڊرامي جو ترجمو)، هئمليٽ (شيڪسپيئر جي ناٽڪ جو ترجمو)، گانڌي جي سوانح (ٽي جلد)، ميران (ناٽڪ)، آواز (ڪوتائون)، خوشبوءِ (مضمون)، سارنگ (مضمون)، سچ ڇا آهي؟ (فلاسافي)، فائوسٽ (گوئٽي: ناٽڪ)، جيون جوالا ( ناٽڪ)، ماڻهو ( ڪهاڻين جو مجموعو)، لاڏلي دهلي (سير ۽ سفر)، دکن ياترا (سير ۽ سفر)، سنسار (ڪوِتائون)، آتم ٻل (مضمون) وغيره شامل آهن، ھن 30 سيپٽمبر 1994ع تي بمبئي ۾ وفات ڪئي..