Koshi Layia Gadwani
1 min read
ننڍي کنڊ جي خوبصورت سنڌياڻي اداڪارا ڪوشاليه گدواڻي Kaushalya Gidwani المعروف ڪيتو گدواڻي Kitu Gidwani ورھاڱي کان پوءِ سنڌ مان ھجرت ڪري ويندڙ ھڪ سنڌي ڳالهائيندڙ علمي ادبي خاندان ۾ 22 آڪٽوبر 1967ع تي بمبئي ۾ جنم ورتو، ھن اداڪاري سان گڏ ماڊلنگ به ڪئي آهي، ھن فلمن سان گڏ ٽي وي جي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي، ڪيتو گدواڻي اعلي تعليم يافته آهي، کيس سنڌي، اردو، انگریزي، فرييچ سميت مختلف ٻولين تي عبور حاصل آهي، ھن فرينچ ۽ انگريزي پليز ۾ به ڪم ڪيو آهي، ھن ھڪ فرينچ فلم Black ۾ به ڪم ڪيو آهي، جنھن ۾ ھن ھڪ Brazilian girl جو ڪردار ادا ڪيو آهي، سندس مشهور فلمن ۾ Ghost Stories، يه ان دنون ڪي بات هي، Ok Jaanu، ٽريفڪ، ايڪ برا آدمي، ڌوٻي گھاٽ، ھيلو زندگي، ڦر ڪڀي، جاني تو…. يا جاني نا، دل ديا ھي وغيره شامل آهن..