Robina

 

 

 

 

 

روبینہ صاحبہ

 24 آڪٽوبر  1990: جنم تاریخ

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ جي پنھنجي ٽھي جي نمائنده شاعره روبينا ابڙو صاحبہ  جو شمار ھن وقت سنڌ جي تمام وڏن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، سندس خيالن جي اڏام تمام وڏي آهي، سندس شاعريءَ جو ھڪ مجموعو “قدم کان عدم تائين” جي عنوان سان شايع ٿي چڪو آهي، جنھن ۾ فھميده رياض لکيو آهي ته: “خوش آمدید سنڌي شڪارڻ، تنھنجو ھر تير نشاني تي لڳو آهي، ۽ ھي چنڊ جي ڪمان مان نڪتل روشني جا تير آهن،” روبينا جي سڄي شاعري ھينئين ۾ سانڍڻ جھڙي آهي، پر سندس ڪجهه شيون مونکي ڏاڍيون وڻنديون آهن، انھن مان ھڪ ھي به نظم آهي، جيڪو نموني طور هيٺ ڏجي ٿو..

حقيقت بہ پنهنجي، فسانو بہ پنهنجو!

سڀئي پاڻ شاهڪار آهيون خُدا جو،

مُقدر بہ پنهنجو، زمانو بہ پنهنجو.

اسان جي حُسنَ کي نديءَ جهڙو نقشو!

اکين لاءِ ڪارو ڪَجل پاڻ  سوچيو!

ڪَرائين لئہ ڪَنگڻَ بہ  پاڻ ئي بَڻايا،

هَٿن لاءِ  مينديءَ  سندو باغُ  پوکيو،

۽ چوليءَ  مٿان  ڦُولَ ڪيڏا  ڦُٽايا…

اسان جي جِسمَ جا سڀئي زاويا پڻ،

لڳن ٿا خُدا جي عَجبُ  سَنگتراشي،

جڏهن پيرَ پنهنجا کَڻون رَقصَ ۾ ٿيون،

تڏهن پاڻ نِوِڙِي نَديُن کي نَچايون..

تڏهن سِجَ کي پڻ ٿُڏي سان اُڏايون.

خُدائي بہ پنهنجي، خَزانو بہ پنهنجو.

مُقدر بہ پنهنجو، زمانو بہ پنهنجو.

گهڙيالن ۾  وِرڇي ڪيو وَقتُ ويلا،

۽  سپنن جا  ڪيئي  لَڌا  پاڻ  ٻيلا.

لُڻيون پاڻ ڪَڻڪُون ۽ پَٿرَ بہ چُونڊيا،

زَراعتَ  بہ ڳولي  لَڌي  پاڻ  گڏجي،

مِٽيءَ جا دِلا ۽ ڪَچا گَهرَ بہ چُونڊيا!

رَتا جي روهِيڙا تہ چونرَن مان چَهڪي،

پَڪل پاڻَ پيرُون منجهان ٿَرَ بہ چُونڊيا.

ڪا ڪُولهڻِ، ڪا شِيدڻِ ۽ ڪا ميمڻياڻي،

جِسمَ جي جُسي ۾ لڳي هَر ڪا راڻي!

پَکي ڪيئي سُهڻا ۽ پوپٽَ جَهلياسين.

شِڪاري بہ پنهنجو، نِشانو بہ پنهنجو.

مُقدر بہ پنهنجو، زمانو بہ پنهنجو.

اسان جو اِرادو، دَرياھُ ٿو مُڙِي پئي!

هَٿن کي جي حَرڪتَ ڏِيوُن پاڻَ ٿوري،

هَوا مان تہ هڪڙو هِندورو ٺهي پئي…!!

ڪَڪَرَ مان بہ هِڪڙو ڪِنارو جُڙي پئي!!

نَبي وقت  جا  پاڻ  پئدا  ڪياسين.

نوان  جُرئتن  جا   جَزيرا   لڌاسين!

ڌُڌڙِ، ڌُوڙِ، ڌرتيءَ کي پڻ يادِ آهيون.

هُجي سانوري، ڪائي ڳوري يا ڪاري!

سندن  رُوپَ  ۾   پاڻَ  آبادِ  آهيون…

چُني پنهنجي آهي مُحبتَ جو پَرچَم!

سڀئي سازَ پنهنجا، تَرانو بہ پنهنجو.

مُقدر بہ پنهنجو، زَمانو بہ پنهنجو…

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!