Ali Ahmed Brohi
1 min read
علی احمد بروھی
11 نومبر 1920: جنم تاریخ
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌ جي مشهور ليکڪ، ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار، مزاح نگار علي احمد بروهي 11 نومبر 1920ع تي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو، ھن سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪئي، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اندين نيوي جوائن ڪيائين، 1946ع واري مشهور زمانا نيوي بغاوت دوران جيل اماڻيو ويو، آذادي کان پوءِ لکڻ پڙهڻ ۽ صحافت جو ڪم شروع ڪيائين، قرباني، صداء سنڌ، انقلاب، منشور ۽ ميني فيسٽو سميت مختلف اخبارن ۽ رسالن جو ايڊيٽر رهيو، خيرپور رياست جي اطلاعات کاتي ۾ نوڪري شروع ڪيائين، خيرپور رياست جي پاڪستان ۾ ضم ٿيڻ کان پوءِ پاڻ مرادو پاڪستان جي اطلاعات کاتي جو ملازم ٿي ويو، پبلڪ رليشنز سنڌ جو ڊائريڪٽر ٿيو، سنڌ جي اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري ٿيو، شيخ سلطان ٽرسٽ جو ايڊمنسٽر ٿيو، سندس مختلف موضوعن ۽ صنفن تي ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾: ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا، واٽ ويندي، سڏن مٿي سڏڙا، History on Tombstones: Sind and Balochistan، ڳجھ ڳجهاندڙ ڳالهڙيون، ڪک پن، The temple of Sun God، لاهوتي لڏي ويا، وتايو فقير وغیرہ شامل آهن، علي احمد بروهي پهرين ڊسمبر 2003ع تي ڪئي..